رسائی کے لنکس

پاڪستاني پاسپورٽ عالمي درجه بنديءَ ۾ 106 نمبر تي


دنيا جو سڀني کان طاقت ور ۽ سڀني کان ڪمزور پاسپورٽ
دنيا جو سڀني کان طاقت ور ۽ سڀني کان ڪمزور پاسپورٽ

پاسپورٽن جي عالمي درجه بنديءَ ۾ 109 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستاني پاسپورٽ هيٺين ترين چئن ملڪن منجهان هڪ آهي، جنهن کان پوءِ شام، عراق ۽ افغانستان جو نمبر آهي، جڏهن ته يمن ۽ صوماليه ان کان اڳتي آهن.

پاڪستاني شهري دنيا جي 32 ملڪن ۾ ويزا کان سواءِ داخل ٿي سگهن ٿا يا انهن کي ايئرپورٽ تي انٽري ويزا ملي سگهي ٿي.

پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ، ڀارت ’هنلي اينڊ پارٽنرز’ جي جاري ڪيل فهرست ۾ 85 وين درجي تي آهي ۽ ڀارت جا شهري 59 ملڪن ۾ ويزا فري يا ايئرپورٽ تي ويزا انٽريءَ جا اهل آهن.

لنڊن ۾ قائم عالمي شهرت ۽ رهائشي صلاح ڪار گروپ، ’هينلي اينڊ پارٽنرز’ ٽن مهينن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪندا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته ڪنهن ملڪ جو پاسپورٽ ڪيترو طاقت ور آهي. پاسپورٽ جي طاقت جو معيار اهو آهي ته پاسپورٽ رکڻ وارن ڪيترن ملڪن ۾ ويزا کان سواءِ يا وري ايئرپورٽ تي ويزا هاصل ڪري داخل ٿي سگهجي ٿو.

طاقت ور پاسپورٽ جي حامل ماڻهن کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ بين الاقوامي سفر جي گهڻي آزادي هوندي آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاسپورٽ جي طاقت جو انحصار ڪنهن ملڪ جي طاقت ور معيشت، فوجي قوت يا سفارتي اثر ۽ رسوخ تي نه هوندي آهي. مثال جي طور تي دنيا جي سڀ کان وڏي معاشي قوت ۽ سپر پاور ملڪ آمريڪا جو پاسپورٽ ان رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي آهي جڏهن ته جاپان جو پاسپورٽ طاقت ور ترين ٻڌايو ٿو وڃي، جنهن کي دنيا جي 193 ملڪن ۾ ويزا فري يا ايئرپورٽ تي ويزا حاصل ڪرڻ جي سهولت حاصل آهي.

توهان کي اهو ٻڌي به حيرت ٿيندي ته دنيا جي طاقت ور ترين پاسپورٽ رکڻ وارن پهرين ٽن ملڪن جو تعلق ايشيا جي کنڊ سان آهي.

جاپان جو ذڪر ته اسان ڪري ئي چڪا آهيون، باقي ٻه ملڪ آهن سنگاپور ۽ ڏکڻ ڪوريا، جن جي شهرين کي دنيا جي 192 ملڪن ۾ ويزا فري يا ايئرپورٽ تي ويزا انٽري جي سهولت حاصل آهي.

يورپ جي کنڊ جي گهڻن ئي ملڪن جو شمار طاقت ور پاسپورٽ جي حامل قومن ۾ ٿيندو آهي. جرمني ۽ اسپين کي پاسپورٽ ويزا فري رسائي دنيا جي 190 ملڪن تائين حاصل آهي. يورپ جا ٻيا ملڪ به ان انگ جي ويجهو آهن. انهن جا پاسپورٽ 189 کان 183 ملڪن جا دروازا انهن تي کولهي ڇڏيندا آهن.

آسٽريليا، ڪيناڊا ۽ يونان ان درجه بنديءَ ۾ اٺين نمبر تي آهن ۽ انهن جا پاسپورٽ 185 ملڪن ۾ ’ويزا فري’ يا ’ويزا آن ارائيول’ جي لاءِ قابل قبول آهن.

بين الاقوامي سفر تي نظر رکڻ واري گروهن جو چوڻ آهي ته هاڻي جڏهن ته ڪرونا وائرس جو زور ٽٽي رهيو آهي سفر جي رجحان ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. مسافرن جو تعداد وبا شروع ٿيڻ کان اڳ جي مقابلي ۾ 75 في صد تائين پهچي وئي آهي جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

انهن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سياحن جي مقبول هنڌن ڏانهن سفر ۾ اضافو ٿيندو ۽ انهن جون رونقون بحال ٿي وينديون. ان حوالي سان متحده عرب امارات گهڻن سياحن جي منزل بڻجي سگهي ٿو جيڪو 181 ملڪن جي شهرين کي ويزا فري يا ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪندو آهي.

دنيا جي طاقت ور پاسپورٽن جو ذڪر ته ٿي چڪو، هاڻي ڳالهه دنيا جي ڪمزور ترين پاسپورٽ جي ٿي وڃي. انهيءَ فهرست ۾ سڀ کان هيٺ افغانستان آهي، جنهن جي پاسپورٽ دنيا جي 200کان وڌيڪ ملڪن منجهان رڳو 27 ملڪن ۾ ويزا فري يا ويزا آن ارائيول رسائي ڏياري ٿي.

(سي اين اين تان ورتل)

XS
SM
MD
LG