آمريڪي رياست نيو جرسيءَ ۾ ھڪ مسجد جو پيش امام قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن بعد پوليس هڪ مشڪوڪ شخص کي حراست ۾ ورتو آهي.
نيو جرسيءَ جي شهر سائوٿ پيٽرسن جي مشهور عمر بن خطاب مسجد ۾ آچر تي هڪ شخص چاقون سان مسجد جي امام تي حملو ڪيو، ۽ ڪيترائي وار ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.
نماز پڙهائيندي جيئن ئي امام سجدي ۾ ويو ته حملو ڪندڙ شخص سندس پٺيءَ تي چاقون هنيو ۽ ڪيترا ئي وار ڪري کيس زخمي ڪري وڌو. نشرياتي اداري، سي اين اين موجب مسجد جي ترجمان عبدالحمدان چيو ته مسجد جي پيش امام سيد النقيب تي حملي جو واقعو فجر جي نماز دوران ٿيو.
ترجمان موجب حملو ڪندڙ شخص ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر نمازين کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان وقت مسجد ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو موجود هئا.
پوليس موجب واقعي جي جانچ شروع ڪئي وئي آهي پر حملي جو سبب فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
واقعي کانپوءِ ميئر آندري سيوف پيش امام جي مزاج پُرسي لاءِ جوزيف يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر پھتو جتي سندس علاج جاري ھو. ميئر چيو ته سيد النقيب جي حالت اطمينان جوڳي آهي.
هن حملي آور شخص کي پڪڙڻ لاءِ نمازين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، ۽ چيو ته مسجد ايندڙ ماڻھن کي يقين ٿا ڏياريون ته کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميئر سمورين مسجدن ٻاهران سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪار بيھارڻ جو اعلان ڪيو.