رسائی کے لنکس

ڇا لز چيني 2024 جي صدارتي چونڊ ۾ اميدوارهوندي؟


لز چيني (فائيل فوٽو)
لز چيني (فائيل فوٽو)

وائيومنگ مان ايوان نمائندگان جي رڪن ۽ اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ڊڪ چينيءَ جي نياڻي، لز چيني ايوان ۾ پنهنجي سيٽ جي لاءِ ٿيڻ واري پرائمري انتخاب ۾ شڪست تسليم ڪرڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته هوءَ 2024 جي صدارتي انتخاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف ميدان ۾ لهي سگهي ٿي.

لز چيني اين بي سي جي پروگرام ۾ اربع ڏينهن انٽرويو ڏيندي چيو ته هوءَ 2024 جي صدارتي انتخاب وڙهڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي.

پنهنجي انٽرويو ۾ هن ٽرمپ کي هڪ سنگين خطرو قرار ڏيندي چيو ته ٽرمپ کي هارائڻ لاءِ ڊيموڪريٽس، ريپبلڪنز ۽ ٻين حلقن کي هڪ وسيع ۽ متحد محاذ ٺاهڻو پونديو.

لز چينيءَ ڇهين جنوريءَ تي ڪيپيٽل هل تي حملي جي ڪانگريس جي طرفان تحقيقات ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هوءَ ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي شديد ناقد آهي. کيس وائيومنگ ۾ پنهنجي سيٽ جي لاءِ ٿيندڙ پرائمري انتخاب ۾ اهڙي حريف جي مقابلي ۾ شڪست ٿي آهي جنهن کي ٽرمپ جي حمايت حاصل هئي.

خبررسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس چيو آهي ته پرائمري انتخاب ۾ لز چيني جي شڪست نه صرف ريپبلڪن پارٽيءَ جي هڪ دور جو انت آهي بلڪه سندس خاندان جي سياسي ميراث جو پڄاڻو به آهي، جڏهن ته لنڪن جي پارٽي ٽرمپ جي پارٽيءَ ۾ بدلجي وئي آهي.

هوءَ صدارتي انتخاب وڙهندي يا نه، سندس اهو يقين ته ٽرمپ جمهوريت جي لاءِ هڪ خطرو آهي، سندس خاندان ته ان ڳالهه جو قائل آهي پر هي هڪ اهڙو نظريو آهي جنهن جي لاءِ اڄ جي گرانڊ اولڊ پارٽي يا ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ ڪا گنجائش ڪانهي.

ٽرمپ اڱاري جي رات چينيءَ جي هار تي ڏاڍو خوش نظر آيو. هن پنهنجي انهن دعون کي غلط قرار ڏيڻ وارن تي طنز ڪندي چيو ته چينيءَ جي انتخابات ۾ ڌاندلي ٿي آهي.

ٽرمپ جنهن 2024 ۾صدارتي انتخاب ۾حصو وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي، تنهن جي تنقيد جو نشانو اهڙا ڏهه ريپبلڪنز آهن جن 2021۾ سندس خلاف مواخذي جي ڪاروائيءَ جي حمايت ڪئي هئي.

XS
SM
MD
LG