رسائی کے لنکس

روس ۾ جاسوسيءَ جي شڪ ۾ ’وال اسٽريٽ جرنل’ جو صحافي گرفتار


وال اسٽريٽ جرنل جو رپورٽر، ايون گرشڪووچ
وال اسٽريٽ جرنل جو رپورٽر، ايون گرشڪووچ

روس ’وال اسٽريٽ جرنل’ جي هڪ رپورٽر کي جاسوسيءَ جي شڪ ۾ حراست ۾ ورتو آهي.

روس جي ’ايف ايس بي’ سيڪيورٽي سروس خميس ڏينهن چيو آهي ته آمريڪي اخبار ’دي وال اسٽريٽ جرنل’ جي رپورٽر گرشڪووچ کي جاسوسيءَ جي شڪ ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي. کيس ياڳا ترنبرگ شهر جي يورل جي علائقي ۾ حراست ۾ ورتو ويو.

خبرن جي اداري، ’انٽرفيڪس’ هڪ بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ’ايف ايس بي’ جي مطابق، هن ’’آمريڪي شهري ايون گرشڪووچ جي غير قانوني سرگرمين کي روڪي ڇڏيو آهي’’.

ايون گرشڪووچ، جيڪو 1991 ۾ پيدا ٿيو هو، آمريڪي اخبار ’وال اسٽريٽ جرنل’ جو ماسڪو بيورو جو روسي پرڏيهي وزارت جي پاران تسليم ڪيل نمائندو آهي.

خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق ان تي آمريڪي حڪومت جي مفادن جي لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو شڪ آهي.

ان رپورٽ جي آڏو اچڻ کان پوءِ، اخبارڪو تڪڙو تبصرو نه ڪيو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرشڪووچ کي ’’آمريڪا جي پاران فوجي دفاعي ڪمپليڪس جي ادارن منجهان هڪ جي سرگرمين جي متعلق معلومات ڪٺي ڪرڻ’’ جو ڪم سونپيو ويو هو.

ليڪن، بيان ۾ ان سلسلي ۾ ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو ويو آهي.

(هن خبر ۾ شامل معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG