رسائی کے لنکس

سري لنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز، پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ياسر شاه جي واپسي


ياسر شاه (فائيل فوٽو)
ياسر شاه (فائيل فوٽو)

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سري لنڪا جي خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ليگ اسپنر ياسر شاه جي هڪ سال کان پوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

پي سي بيءَ تازو 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم کان سواءِ محمد رضوان، عبدالله شفيق، اظهر علي، فهيم اشرف، فواد عالم، حارث رئوف، حسن علي، امام الحق، محمد نواز، نسيم شاه، نعمان علي، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شاهين شاه آفريدي، شان مسعود ۽ ياسر شاه شامل آهن.

چيف سيليڪٽر محمد وسيم سري لنڪا جي دوري لاءِ ٽيم جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته سري لنڪا ۾ اسپنرز لاءِ سازگار پچز تي ياسر شاه موثر ثابت ٿي سگهي ٿو.

ياسر شاه گزريل هڪ سال کان قومي ٽيم کان ٻاهر هيو. پنهنجي فارم ۽ فٽنيس جي ڪري ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ کا سواءِ جنسي زيادتي جي هڪ مقدمي ۾ به سندس نالو ورتو ويو هو. ليڪن، بعد ۾کيس ان مقدمي مان بري ڪيو ويو.

ياسر شاه 46 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪو آهي جن ۾ هن هيليتائين 235 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته 25 هڪ روزه ميچن ۾ هن جي وڪيٽن جو تعداد 24 آهي. ياسر شاه پاڪستان لاءِ ٻه ٽي ٽوينٽي ميچون کيڏيون آهن جن ۾ هن جي وڪيٽن جو تعداد ٻه آهي.

سال 2015 ۾ پاڪستان ٽيم سري لنڪا جو دورو ڪيو جنهن دوران ياسر شاه ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ 24 وڪيٽون حاصل ڪري پاڪستان جي سيريز ۾ 1-2 سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 16 جولاءِ تي گال ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٻيو ميچ 24 جولاءِ تي ڪولمبو ۾ ٿيندو.

XS
SM
MD
LG