اهڙي وقت جڏهن رڪارڊ ٽوڙ سيلاب جي صورت حال جي ڪري مجموعي هلاڪتن جو تعداد وڌي رهيو آهي، پاڪستاني عهديدارن شديد ضرورتمند متاثرين جي امداد جي ڪم کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مون سون جي غير معمولي بارشن جو سلسلو رڪجڻ جو نالو نه ٿو وٺي.
هن سال جون جي وچ ڌاران بارشون شروع ٿيون، ڳوٺن جا ڳوٺ، پليون ۽ سڙڪون لڙهي ويا، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بي گهر ٿيا. هڪ وقت اهڙو به آيو جو ملڪ جي ٽئين حصي جي برابر زمين پاڻيءَ ۾ ٻڏل هئي.
سرڪاري عهديدارن ٻڌايو آهي ته اڱاري ڏينهن مجموعي هلاڪتن جو تعداد وڌي 1481 ٿي ويو آهي. گزريل 24 ڪلاڪن دوران برسات ۽ سيلاب جي ڪري وڌيڪ 54 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن مان اڪثريت جو تعلق سنڌ صوبي سان آهي، جيڪو سيلاب جي ڪري سڀني کان وڌيڪ متاٿر ٿيو آهي. ماهرن پاڻيءَ جي ان تيز وهڪري جي بدترين صورت حال جو ذميدار موسمياتي تبديليءَ کي قرار ڏنو آهي.
پاڪستان جي موسمياتي تبديليءَ جي وزير، شيري رحمان خبردار ڪيو آهي ته بارشون جيڪي گزريل مهيني جي آخر ڌاران گهٽجي ويون هيون سي هن هفتي ٻيهر شروع ٿي ويون آهن، جن جي لاءِ اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي ته اهي ايندڙ هفتن دوران ملڪ جي ڪافي حصن کي ٻيهر متاثر ڪنديون.
SEE ALSO: سيلاب وارن علائقن ۾ ڊينگي مڇر جو آزار، 11 ڄڻا فوتهن اهو به چيو ته عين ممڪن آهي ته برسات جو نئون سلسلو ٻوڏ وارن علائقن ۾ جتي بچاءَ ۽ امداد جو ڪم جاري آهي، سو رڪجي وڃي. ملڪ ۾ درياهن ۾ پاڻيءَ جو تيز وهڪرو، گليشئرز جي ڳرڻ ۽ سيلاب جي ڪري اڳ ۾ ئي ٽي ڪروڙ 30 لکن کان مٿي ماڻهو متاثر آهن.
هن وقت تائين 179281 متاثرين کي سيلاب زده علائقي مان محفوظ هنڌن ڏانهن ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
عمل دارن جو چوڻ آهي ته سيلاب جي زد ۾ آيل علائقن مان پاڻي جي نيڪال ۾ ڇهه مهينا لڳي سگهن ٿا. اڳ ۾ ئي بيٺل پاڻيءَ جي علائقن ۾ مرضن منهن ڪڍيو آهي جنهن جي ڪري هزارين ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن، ۽ هاڻي مڇرن جي ڪري ’ڊينگي’ بخار جو خطرو وڌي چڪو آهي. سيلاب ۽ بيٺل پاڻيءَ جي ڪري مڇر پيدا ٿي رهيا آهن.
هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ قائم ڪيمپن ۾ 584246 متاثرين ترسيل آهن، جيڪڏهن صحت جو بحران پيدا ٿيو ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته هاڻي تائين بندرگاه واري شهر ڪراچيءَ ۾ ’ڊينگي’ بخار تيزي سان وڌي رهيو آهي. سنڌ صوبي جو هيءُ گاديءَ وارو هنڌ سيلاب جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
SEE ALSO: خوراڪ جي عالمي اداري پاران پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي امدادسيلاب جي ڪري فصل به تباه ٿي ويا آهن، جنهن ۾ بصرن جي تيار فصل جو 70 في صد ۽ ان سان گڏ سارين جو فصل ۽ ڪڻڪ جو ان لڙهي ويو آهي. ملڪ جي زراعت جي مرڪز ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ هن وقت ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪيو پيو وڃي. ايران اڳ ۾ ئي پاڪستان ڏانهن تازيون سبزيون موڪليون آهن.
سنڌ جي عهديدارن چيو آهي ته وڌيڪ مينهوڳيءَ جي صورت ۾ تقريبن ڇهه لک ماڻهو پنهنجي ڳوٺن، قصبن ۽ ٻين شهري علائقن ڏانهن وقت سر واپس نه اچي سگهندا. هڪ ڏينهن اڳ آيل تيز طوفان جي ڪري صوبي جون ڪيتريون ئي امدادي ڪيمپون پٽجي ۽ وکري ويون.
(هن رپورٽ ۾ شامل معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)