رمله ۾ بلنڪن فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ هن يروشلم ۾ اسرائيل جي بچاءَ واري وزير، يوو گيلنٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن کي هن اسرائيل جي سلامتيءَ جي آمريڪي عزم جي پڪ ڏني
برطانيه جي وزير اعظم رشي سونڪ چيو آهي ته ’’اسان جي ملڪ جي صحت، معيشت ۽ خوش حالي وڌائڻ جي لاءِ قدرتي ماحول جو تحفظ بنيادي حيثيت رکي ٿو’’. ماحوليات متعلق ڪيل نون وعدن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ شامل آهي ته 15 منٽن جي پنڌ تي هر هڪ شهري سولائيءَ سان ’گرين اسپيس’ ۽ پاڻيءَ تائين پهچي سگهي
وائيٽ هائوس پشاور مسجد ۾ دهشت گرد حملي جي مذمت ۽ هلاڪتن جي تعداد جي وڌڻ تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. سيڪيورٽي جي صلاح ڪار، ايڊرين واٽسن چيو آهي ته اها هڪ افسوس ناڪ ۽ انتهائي تڪليف ڏيڻ واري خبر آهي ۽ اسان ان حملي ۾ حياتي وڃائڻ وارن جي عزيزن ۽ گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ڪيون ٿا
هن هوائي جهاز جي پهرين پرواز 1969 ۾ ٿي. ان کان پوءِ 747 جهاز ڪارگو، 500 مسافرن جي گنجائش وارن ڪمرشل اڏامن، ناسا جي اسپيس شٽل جي نقل و حرڪت ۽ آمريڪا جي صدارتي طياري ’ايئر فورس ون’ جي طور تي به استعمال ٿيو. پيداوار رڪجڻ کان پوءِ هاڻي هي تاريخ جو حصو بڻجي ويو
رانا ثنا الله چيو ته اسان کي ڪنهن جي چوڻ تي لڙائيءَ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي ها. تحريڪ طالبان پاڪستان جي هزارين لڙاڪن کي هتي وسائڻ هاڃيڪار غلطي هئي. بندش پيل ٽي ٽي پي ان حملي جي ذمي داري قبول ڪئي آهي. فوتگين ۾ اضافي جو امڪان آهي ڇو ته 27 زخمين جي حالت نازڪ آهي،جڏهن ته 100 ڄڻن جي هلاڪت جي تصديق ٿي چڪي آهي
ناڻي واري وزير آئي ايم ايف کي هر قسم جي سهڪار جي پڪ ڏياري ۽ نوين اقتصادي جائزي کي مڪمل ڪرڻ ۽ معاهدي کي پڄاڻيءَ تي پهچڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. هي مذاڪرات ڊگهي تعطل کان پوءِ بحال ٿيا آهن ۽ معاشي ڏکيائي جو شڪار پاڪستان ستت ئي آئي ايم ايف پروگرام جي بحالي چاهي ٿو
بلنڪن چيو ته اسان ان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسان انهن سمورن ماڻهن جي مذمت ڪيون ٿا جيڪي دهشت گرديءَ جي واقعن يا اهڙي ڪنهن دهشت گرديءَ جي ڪاروائيءَ تي جشن ملهائن ٿا، جنهن ۾ انساني جانيون ضائع ٿين ٿيون، ان ڳالهه کان قطع نظر ته ان جا متاثر ٿيندڙ ڪير آهن ۽ انهن جو تعلق ڪهڙي عقيدي سان آهي
چين ۽ ڀارت جي آبادي تقريبا 1.4 ارب آهي. ليڪن ماهرن جي مطابق، چين کي پوئتي ڇڏڻ صرف هڪ انگ جو معاملو ناهي. اها هڪ اهم تبديلي آهي. هڪ اهڙي وقت تي جڏهن چين جي آبادي اندازن کان اڳ ۾ ئي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، ڀارت جي آبادي وڌيڪ ٽن ڏهاڪن تائين وڌندي رهندي. دنيا جي آبادي 8 ارب آهي
روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته روس پاڪستان سان گڏ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جي حڪمت عمليءَ تي هلي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ تعاون جا نوان موقعا به تلاش ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته تازو ئي گڏيل فوجي مشقن ۽ تعليم جي شعبي ۾ واڌ آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان سان جلد توانائيءَ جا معاهدا ڪيا ويندا
افغانستان جي لاءِ آمريڪا جو خصوصي نمائندو اهڙي وقت پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن افغانستان ۾ اقتدار تي ويٺل طالبان گزريل مهيني عورتن جي لاءِ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي، جڏهن ته عورتن کي مقامي ۽ بين الاقوامي غير ملڪي تنظيمن جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان به روڪيو ويو آهي
آصف علي زرداريءَ عمران خان کي هيءُ نوٽيس سندس تازي بيان تي موڪليو آهي جنهن ۾ هن دعوي ڪئي هئي ته آصف زرداريءَ سندس قتل جي منصوبو بندي ڪئي آهي
انتظامي عمل دار صحافين کي ٻڌايو ته ڪوچ ۾ 40 کان وڌيڪ مسافر سوار هيا جن منجهان هڪ ٻار ۽ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو زنده بچيا آهن. هن ٻڌايو ته پل تان ڪرندي ئي بس کي باه وڪوڙي وئي.
مزید لوڈ کریں