رسائی کے لنکس

اناج جي ڪميءَ جو اثرائتو حل: هائبرڊ ڪڻڪ


ارجنٽينا ۾ هائبرڊ ڪڻڪ جي پوک جا ٻارا (فائيل فوٽو)
ارجنٽينا ۾ هائبرڊ ڪڻڪ جي پوک جا ٻارا (فائيل فوٽو)

هاڻي جڏهن دنيا ۾ ٻج جا کرا رکڻ وارا وڏا ادارا ۽ ڪمپنيون اناج جي فراهميءَ ۾ گهٽتائيءَ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پيداوار وڌائڻ تي زور ڏئي رهيون آهن، آمريڪي ڪڙمي هڪ نئين قسم جي ڪڻڪ پوکي رهيا آهن جنهن کي هڪ نالي واري زرعي ڪيميڪل ڪمپني، ’سين جينٽا’ جينياتي انجنيئرنگ کان بغير تيار ڪيو آهي.

چيني ملڪيت واريءَ هن ڪمپنيءَ ’سين جينٽا’ ايندڙ سال پنجن کان ستن هزار ايڪڙن تي اها ڪڻڪ پوکيندي جنهن جي لاءِ هائبرڊ ڪڻڪ جا ٻج فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته آمريڪي زرعي ڪمپنيون هن ڏهاڪي جي خاتمي تائين پنهنجي هائبرڊ ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي تياري ڪري رهيون آهن.

آمريڪي ڪڙمي 1930 جي ڏهاڪي کان وٺي ’هائبرڊ مڪئي’ پوکي رهيا آهن ۽ انهن اعلي قسم جي مڪئي جي پيوندڪاريءَ سان ڪيڙن ۽ بيمارين جي خلاف مزاحمت کي وڌائي ان جي پيداوار ۾ واڌ آندي آهي جڏهن ته بصر، پالڪ ۽ ٽماٽن سميت مختلف سبزين کي هائبرڊ ٻجن جي استعمال سان انهن جي پيداوار ۾ اضافو آندو ويو آهي.

ٻج تيار ڪرڻ وارين ڪمپنين چيو آهي ته انهن هائبرڊ ڪڻڪ تيار ڪرڻ جي لاءِ هائبرڊ ’مڪئي’ ۽ ’جو’ تيار ڪرڻ جي پنهنجن تجربن جو استعمال ڪيو آهي.

اتان جي زراعت جي محڪمي جو چوڻ آهي ته هائبرڊ مڪئيءَ جي پيداوار ۾ 1930 کان 1990 جي وچ تائين 600 في صد ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 2 اعشاريه 5 في صد تائين واڌ حاصل ڪئي وئي آهي.

تحقيق ڪرڻ وارن ٻڌايو آهي ته ڪڻڪ جي اعلي قسمن جي پيوندڪاريءَ منجهان تيار ٿيڻ وارن ٻجن مان ٿيندڙ اها پوک، ڪڻڪ يا هائبرڊ ڪڻڪ کي مارڪيٽ تائين آڻڻ ۾ دير ان لاءِ لڳي جو ان کي تيار ڪرڻ جو طريقو گهڻو مهانگو ۽ پيچيده هيو. ليڪن اهو جينياتي طور تي تبديليءَ جي ليبل کان بچڻ جي لاءِ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ واڌ جي ڪنجي بڻجي ويندو.

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

جانورن جي گاه ۽ چاري، بايو اينڌن ۽ پچائڻ واري تيل جهڙين شين ۾ استعمال ٿيڻ واري جينياتي طور تي تبديل شده مڪئي ۽ سويا جي قسمن کي 1996 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ اهو جلد ئي آمريڪا سان گڏ برازيل ۽ ارجنٽينا جي پوک جو اهم حصو بڻجي ويو، جيڪي سموري دنيا ۾ ان جا سڀني کان وڏا سپلائر آهن.

جينياتي طور تي تبديل شده ڪڻڪ کي صارفين جي انهن خدشات کي سامهون رکندي ڪمرشل مقصدن جي لاءِ نه پوکيو ويو ته جيئن ان جي مدد سان دنيا ۾ بريڊ، پاستا ۽ پيسٽريءَ جي لاءِ استعمال ٿيڻ واري هڪ اهم جزي ۾ الرجي پيدا ڪرڻ واري يا زهريلا مادا نه پيدا ٿين.

نارٿ ڊيڪوٽا، پارڪ ريور ۾ قائم ’هينڪي سيڊ ڪمپنيءَ’ جي مالڪ ڊيو هينڪي چيو آهي ته جينياتي طور تي تبديل شده فصلن جي خلاف مزاحمت جي ڪري هائبرڊ طريقي سان تيار ڪيل پيداوار کي بهتر ۽ زياده محفوظ خيال ڪيو وڃي ٿو.

ارجنٽينا جي بايوٽيڪ ڪمپني، ’بايوڪسرز’ اهڙي قسم جي ڪڻڪ تيار ڪري رهي آهي جيڪا پاڻيءَ جي اڻاٺ جو وڌيڪ بهتر طريقي سان مقابلو ڪري سگهي. ان چيو آهي ته هاڻي جڏهن آب و هوا جي تبديليءَ جي ڪري روايتي فصل پوکڻ مشڪل ٿيندا پيا وڃن صارفين ۾ جينياتي طور تي تبديل شده ڪڻڪ جي لاءِ منهن موڙ گهٽجي ويندي.

هن وقت وڏيون ڪمپنيون مخصوص جاگرافيءَ جي هنڌن تي هائبرڊ ڪڻڪ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. مثال جي طور تي زرعي ڪمپني ’بي اي ايس ايف’ چيو آهي ته اها آمريڪا جي وچين ميداني علائقن ۾ جتي ڪڙمي ’ڊبل روٽي’ ٺاهڻ وارو اٽو پيدا ڪندا آهن، اهي ڳاڙهي، سرمائي رنگ جي ڪڻڪ پوکيندا آهن، ڪڻڪ کي نقصان رسائيندڙ هڪ بيماريءَ جي خلاف مزاحمت تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي ’فسيريم هيڊ بلائيٽ’ چيو ويندو آهي.

ٻئي پاسي اتراندي رياستن، مثلا نارٿ ڊيڪوٽا ۾ اها ڪمپني ’پيزا’ جي ماني ۽ ’ڪروزينٽ’ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪڻڪ جي غذائيت کي بهتر بنائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

زرعي ڪمپني، بي اي ايس ايف ۾ رسرچ جي شعبي جي سربراه، پيٽر ايڪز چيو آهي ته ٽيڪنيڪي اعتبار کان هائبرڊ ڪڻڪ تيار ڪرڻ تمام مشڪل آهي. ليڪن جينيات ۽ افزائش نسل جي ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن جي تازي پيش رفت ان چيلينج سان ماهرانه طور تي نبرڻ سولو ڪري ڇڏيندي.

(هن مضمون جي لاءِ ڪجهه معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG