رسائی کے لنکس

’طالبان افغان موسيقارن، صحافين ۽ عورتن سان زيادتين جو اڻ کٽ سلسلو جاري رکيو’


موسيقيءَ کي اسلام ۽ افغان ثقافت جي خلاف قرارڏئي، گزريل سال کان وٺي طالبان خاص طور تي نوجوان عورتن کي زيادتيءَ جو هدف بنايو، ماهرين
موسيقيءَ کي اسلام ۽ افغان ثقافت جي خلاف قرارڏئي، گزريل سال کان وٺي طالبان خاص طور تي نوجوان عورتن کي زيادتيءَ جو هدف بنايو، ماهرين

وائس آف آمريڪا پاران منعقد هڪ مباحثي ۾ خميص جي ڏينهن چئن پروڊيوسرن، ماهرن ۽ صحافين افغانستان جي جڳ مشهور موسيقيءَ تي روشني وجهندي ٻڌايو ته طالبان شدت پسندن نه صرف عورتن، تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين ۽ نسلي اقليتن سان زيادتيون جاري رکيون، بلڪه گزريل هڪ سال دوران، جڏهن هنن آگسٽ 2021 ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو، طالبان موسيقي کي اسلام ۽ افغان ثقافت جي خلاف قرار ڏيندي ان ڌنڌي سان وابسته فنڪارن ۽ موسيقارن، جن ۾نوجوان ڇوڪرين جو به ڪافي تعداد هو، انهن کي گرفتار ڪرڻ، انهن سان زيادتيون ڪرڻ ايسيتائين جو قتل ڪرڻ جي نوبت آئي.

ماهرن پنهنجي ڪلمات ۾ خاص طور تي موسيقيءَ سان منسلڪ نوجوان ڇوڪرين سان زيادتين جي خوفناڪ داستان جو تفصيلي ذڪر ڪيو، جن مان ڪيتريون ئي جان بچائڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻاهر هليون ويون. هنن ٻڌايو ته طالبان جي حڪمرانيءَ ۾ هڪ سال اندر افغان معاشري جو ڇا حال ٿيو آهي.

ان حوالي سان وائس آف آمريڪا چار ڊاڪيومينٽرز ٺاهيون آهن جن جا عنوان آهن؛ ’سمفني آف ڪريج’، ’جرنلسٽس آن دي رن’، ’هوم لينڊ’ ۽ ’فاطماز اسٽوري، اسڪيپنگ ڊينجر’.

مباحثي جي آغاز تي ’ٽيمز’ ذريعي وائس آف آمريڪا جي قائم مقام ڊائريڪٽر، يولنڊا لوپيز انهن پروڊيوسرن جي تعريف ڪئي جن مشڪل حالتن کي منهن ڏئي ڊاڪيومينٽريز جي بهترين پراڊڪشن يقيني بنائي جنهن تي وائس آف آمريڪا کي ناز آهي.بقول سندس، ’’اسان انهن محنتي ۽ باصلاحيت پروڊيوسرن کان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا، خاص طور تي جيڪي عملي ميدان ۾ هنن سبق سکيا آهن اهي سڀني دلچسپي رکندڙن ۽ پنهنجي علمي صلاحيتن کي مالا مال ڪرڻ وارن جي لاءِ تعليم جودرجو رکن ٿيون’’.

مباحثي ۾ بيٿ مينڊلسن، ايونا لي ۽ حسيب دانش علي ڪوزئي ماهرن جي طور تي شريڪ ٿيا، جڏهن ته جم فرائي ماڊريٽر جا فرائض انجام ڏنا.

بيٿ مينڊلسن چيو ته آگسٽ 2021 ۾’افغانستان نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف ميوزڪ’ (اي اين آئي ايم) ڪابل ۾ ملڪ جو واحد موسيقيءَ جو اسڪول هيو، جيڪو ’زهرا آرڪيسٽرا’ جي نالي سان مشهور هو، جنهن ۾ فريده ۽ زهرا احمدي ٻه نوجوان موسيقار عورتن کي موسيقيءَ جي تعليم ڏينديون هيون. جيئن ئي طالبان اقتدار ۾ آيا هنن دهشت وهارڻ جي لاءِ عورتن، تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين ۽ نسلي اقليتن خلاف سخت اقدامات کڻڻ شروع ڪيا، جنهن جي ڪري فريده ۽ زهرا ملڪ ڇڏڻ ۾ بهتري ڄاتي. هنن کي ملڪ مان ٻاهر موڪلڻ ۾ اداري جي سربراه، ڊاڪٽر احمد سرمست تمام گهڻي مدد ڪئي. انهن ٻنهين بهادر موسيقارن جي باري ۾ تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري جو نالو ’سمفني آف ڪريج’ آهي، جنهن کي بيٿ بهترين پراڊڪشن قرار ڏنو ۽ جنهن جا ڪجهه ڪلپس اڄ ڏيکاريا ويا.

بيٿ چيو ته ڪابل تي طالبان جي قبضي کان پوءِ 200 موسيقارن کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جن ۾ ڇوڪرين جو تعداد گهڻو هو. هن چيو ته اهي موسيقار شادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي ماڻهن کي تفريح فراهم ڪندا هيا.

افغان سروس چيف، حسيب علي ڪوزئي ٻڌايو ته موسيقي افغان ثقافت جو هڪ لازمي حصو آهي جنهن کي معاشري کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي، چاهي ڪو تعليم يافته هجي يا اڻ پڙهيل، مذهبي رجحان وارو هجي يا لبرل. هن چيو ته موسيقيءَ جي باري ۾ طالبان جي تشريح ۽ دعوا سريحا شدت پسنديءَ تي مبني آهي. ساڳيءَ طرح، طالبان عورتن ۽ نياڻين جي روزگار ختم ڪرڻ، تعليم تي پابنديون لڳائڻ ۽ نسلي اقليتن سان غير انساني سلوڪ روا رکڻ لاءِ بغير دليل جي سختي ڪرڻ کي مرد جو حق قرار ڏيندا آهن.

هن چيو ته طالبان موسيقيءَ ۽ تفريح جي صنعت جي خلاف حملا شروع ڪري ڏنا آهن جنهن جي ڪري 10000 موسيقي سان وابسته ماڻهو بي روزگار ٿي چڪا آهن.

ان کان علاوه، حسيب چيو ته ساڳئي ئي نموني، طالبان جي دور ۾ اخباري صنعت ۽ صحافين جي خلاف سخت ڪاروائين جي نتيجي ۾ 543 ’ميڊيا آئوٽ ليٽس’ منجهان هاڻي صرف 328 باقي رهيا آهن، جڏهن ته 7000 صحافي پيشي کي ڇڏي چڪا آهن، انهن ۾ 76 في صد خواتين صحافي هيون جيڪي هاڻي بيروزگار آهن. هن چيو ته اڄ ’فري ميڊيا’ نالي ماتر به افغانستان ۾ باقي ڪا شئي ڪانهي.

ايونا لي چيو ته وائس آف آمريڪا تمام معياري ۽ گهڻي تعداد ۾ ڊاڪيومينٽريز تيار ڪري رهي آهي، جن منجهان ڇهن کي معياري صحافتي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن چيو ته ٻئي نوجوان افغان ڇوڪريون، فريده ۽ زهرا پنهنجي آبائي ملڪ ڏانهن واپس وڃڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪن ٿيون، بشرطيڪه اتي تحفظ ۽ سلامتي جو ماحول يقيني بنجي وڃي. هن چيو ته اهي چاهن ٿيون ته پنهنجي معاشري ۾ تعليم کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ساڳئي ئي نموني جي سوچ فاطمه جي به آهي.

فاطمه حسينيءَ جي باري، وائس آف آمريڪا جي روسي سروس جي نامه نگار، ڪسينيا ترڪووا ڪريي ٻڌايو ته هوءَ طالبان جي خوف جي ڪري ڪابل مان نڪري يوڪرين پهتي، جتي بعد ۾ لڙائي شروع ٿي وئي، جتان ٿيندي هوءَ ڪافي عرصي کان پوءِ آمريڪا پهتي. هن چيو ته هن جي يوڪرين ۾فاطمه سان اوچتي ملاقات ٿي، جتي هوءَ هڪ آرٿوڊوڪس چرچ ۾ ٻين سان گڏ سڪون جي تلاش ۾ ڪجهه ڀيرا وئي.

پنهنجي ڪلمات ۾ جم فرائي چيو ته پهرين آڪٽوبر تي لسبن ۾ افغان ميوزڪ جو هڪ شاندار ڪنسرٽ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جي باري ۾ تفصيلي انڪشاف بعد ۾ ڪيو ويندو.

XS
SM
MD
LG