رسائی کے لنکس

ايندڙ سال هوائي جهاز جو سفر مهانگو ٿي ويندو، رپورٽ


ڊينور انٽرنيشنل ايئرپورٽ (فائيل فوٽو)
ڊينور انٽرنيشنل ايئرپورٽ (فائيل فوٽو)

گلوبل ٽريڊ ايسو سي ايشن جي سربراه اڱاري ڏينهن ٻڌايو آهي ته ايئرلائنز جو سفر ڪرڻ وارن مسافرن کي هاڻي مهانگي اگهه تي ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پوندي، ڇو ته فضائي صنعت 2050 تائين پنهنجي ڪاربن گيسن جي اخراج کي ٻڙيءَ تائين آڻڻ جي هدف جي طرف وڌي رهي آهي جنهن تي ان کي وڌيل خرچ ڪرڻو پوي ٿو.

دنيا جي ڪيترين ايئرلائنز جي نمائندگي ڪرڻ واري تنظيم، انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ايسو سي ايشن جي ڊائريڪٽر جنرل والي والش چيو آهي ته يورپ کي گهرجي ته جهازن جي لاءِ ٻارڻ جي پيداوار کي وڌائڻ جي لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪن، جڏهن ته جهازن جي روايتي ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري هن سال هوائي جهازن جي ڪراين ۾ پهريان ئي ڪافي اضافو اچي چڪو آهي.

والش ميڊيا جي سالياني بريفنگ جي دوران اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته توهان اها توقع نه ٿا ڪري سگهو ته فضائي صنعت جنهن جو اضافي اوپراسو سراسري هڪ ڊالر في مسافر مس آهي، ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري پوندڙ ٻوجهه کي برداشت ڪري سگهندي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جيئن جيئن مستقبل ۾ ڪاربن جي اخراج کي ٻڙيءَ جي هدف تائين پهچائڻ ڏانهن وڌي رهيا آهيون اسان کي وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جنهن سان نمٽڻ جي لاءِ فضائي سفر جي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ به واڌ ايندي.

ماحولياتي تنظيمن جو چوڻ آهي ته هوائي سفر جي ٽڪيٽن جا اگهه وڌڻ سان هوائي ٽريفڪ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي جنهن جي نتيجي ۾ جهازن مان ڪاربن گيسن جي اخراج ۾ ڪمي ايندي.

صاف ٻارڻ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا جي ڪوششن جي تعريف ڪندي، والش چيو ته آمريڪا ان سلسلي ۾ نيون رعايتون ڏئي رهيو آهي ۽ اتي اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته فضائي صنعت جي لاءِ شفاف ٻارڻ جي فراهمي ان مسئلي جي حل جي طرف هڪ اڳتي قدم آهي ۽ ان شفاف ٻارڻ جي پيداوار ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي.

هن يورپي يونين جي ان ڳالهه کي مسترد ڪيو ته جهازن جي لاءِ شفاف ٻارڻ جي دستيابي محدود آهي.

آمريڪا جي بائيڊن انتظاميا 2030 تائين سالياني بنيادن تي ڪم از ڪم ٽي ارب گيلن شفاف ۽ ماحول دوست ٻارڻ جي فراهمي يقيني بنائڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي. فضائي صنعت کي ڪاربن گيسن جي اخراج کان پاڪ ڪرڻ سڀني کا ڏکيو سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته جهازن جي روايتي ٻارڻ کي ڪنهن ٻئي قسم جي ٻارڻ ۾ تبديل ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي.

آمريڪا ان سلسلي ۾ قانون جي تحت شفاف ٻارڻ تيار ڪرڻ وارين پنهنجي ڪمپنين جي مالي مدد ڪري رهيو آهي جنهن کي يورپي صنعت جا رهنما غير منصفانه قرار ڏئي رهيا آهن.

(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG