رسائی کے لنکس

تصورڪرڻ به مشڪل آهي ته سردين ۾ سيلاب متاثرين جو گزارو ڪيئن ٿيندو، انجلينا جولي


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

نامور آمريڪي اداڪاره، انجلينا جوليءَ چيو آهي ته جن ملڪن کان ماحوليات کي گهٽ نقصان پهچي رهيو آهي، ماحولياتي تبديليون کين سڀني کان وڌيڪ نقصان پهچائي رهيون آهن.

عميد ملڪ پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته انجلينا چيو ته پاڪستان جي دوست جي حيثيت ۾ مان ملڪ ۾ موجود آهيان ۽ جيڪو پيار مون کي هتان کان مليو آهي ان کي موٽائڻ جي ڪوشش ڪندي رهنديس.

گڏيل قومن جي مهاجرن متعلق اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي نمائنده خصوصي انجلينا جوليءَ اها ڳالهه نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪندي چئي.

ان کان اڳ، هن سيلاب زده علائقن جو دورو به ڪيو ۽ امداد جو به وعدو ڪيو. اين ايف آر سي سي جي دوري دوران ڳالهائيندي، هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ جي ستايلن جي امداد جي لاءِ بين الاقوامي برادريءَ کان وڌيڪ امداد جي اپيل ڪيان ٿي.

هن چيو ته هن پنهنجي ٽيم سان گڏ سيلاب کان متاثر ماڻهن جي زندگي بچائڻ لاءِ پاڪستان جي فوج جون ڪيل قابل قدر ڪوششون ڏٺيون آهن.

انجلينا چيو ته مان ڪيترن ئي ماڻهن سان ملي آهيان جن جي حياتي امداد جي ڪري بچي آهي. ليڪن، هن ٻڌايو ته مان اهڙن ماڻهن سان به ملي آهيان، جيڪڏهن انهن کي بر وقت گهربل امداد نه ملي هان ته اهي ٻن هفتن کان پوءِ شايد جيرا نه رهي سگهن هان.

هن فصلن جي تباه ٿيڻ تي تشويش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن اهڙا گهر ڀاتي اڳئين مهيني سردين شروع ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي قوت گزران لاءِ ڇا ڪندا ڇو ته هنن وٺ کائڻ پيڻ لاءِ ڪا شئي نه بچي آهي.

انجلينا جولي ٻوڏ واري علائقي ۾ هڪ وڏيءَ عمر جي خاتون سان گڏ جنهن جو الهه تلهه لڙهي ويو آهي
انجلينا جولي ٻوڏ واري علائقي ۾ هڪ وڏيءَ عمر جي خاتون سان گڏ جنهن جو الهه تلهه لڙهي ويو آهي

هن چيو ته اسان عام طور تي مدد ۽ رليف جون اپيلون ڪندا آهيون، پر هن ڀيري حالتون ڏاڍيون مختلف آهن.

انجلينا چيو ته موسمياتي تبديلون اچي نه رهيون آهن، بلڪه اچي چڪيون آهن. ان جي بقول، اسان بحرانن جون ڳالهيون ڪندا آهيون ته انهن کي ڪيئن حل ڪريون، ڇا ڪجهه تعمير ٿيندو، ٻارن جي مدد ڪيئن ڪنداسين، سندس خوراڪ جو بندوبست ڪيئن ٿيندو.

هن چيو ته حقيقي معني ۾ امداد ڏيڻ وارن جون ڪوششون ڪافي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو سوال هونديون آهن. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته هوءَ ان کان اڳ به پاڪستان اچي چڪي آهي، جنهن وقت هن پاڪستانين کي انغانستان جي مهاجرن جي مدد لاءِ فراخ دليءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي.

انجلينا جوليءَ چيو ته ڪيترا ئي ملڪ اهڙا هوندا آهن جن وٽ ايترو ڪجهه نه هوندو آهي جيترو هو ٻين کي ڏئي ڇڏيندا آهن. انجلينا چيو ته سندس دل پاڪستان جي مشڪل ۾ گهريل ماڻهن سان گڏ آهي.

سيلاب جي ڪري 1400 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن، ٽي ڪروڙ 30 لکن کان مٿي بي گهر ٿيا آهن، جن منجهان ڇهه لکن کان وڌيڪ حامله عورتون هيون. چاليهه لک ايڪڙ ن تي پوکيل فصل ضائع ٿيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي هن وڏي قدرتي آفت جو ڪارڻ موسمياتي تغير آهي.

XS
SM
MD
LG