عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اتحادي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ان جي تصديق شيخ رشيد جي ڀائٽئي راشد شفيق هڪ خانگي ٽيلي وزن چينل سان ڳالهائيندي ڪئي آهي.
راشد شفيق ٻڌايو ته اسلام آباد هائي ڪورٽ کان سندس خلاف دائر ڪيل درخواست ۾ رليف مليو هو، ان جي باوجود کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو، سندس بقول، توهين عدالت جي مترادف آهي.
هن چيو ته ان گرفتاريءَ کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو.
اعلاع مطابق، شيخ رشيد کي آبپاره ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ ڏنل درخواست ۾ الزام مڙهيو ويو آهي ته شيخ رشيد احمد پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ آصف زرداريءَ تي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام لڳايو هو.
هڪ شهري راجا عنايت جي پاران درج ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد هن سازش هيٺ آصف زرداريءَ تي الزام لڳايو آهي، جنهن اڳوڻي صدر ۽ ان جي خاندان جي زندگيءَ کي مستقل خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته الزام جي ذريعي سازش ڪرڻ تي شيخ رشيد سميت ٻين جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان شيخ رشيد جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان بنياد تي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ اسلام آباد پوليس هڪ ٽوئيٽ جي ذريعي شيخ رشيد احمد کي پوليس جي سامهون پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو هو.
مڪاني ميڊيا رپورٽن جي مطابق شيخ رشيد پنهنجي گرفتاريءَ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ’’ان سڀ جي پٺيان داخله جو وزير رانا ثنا الله آهي’’.
هن الزام مڙهيو ته ڏاڪڻين جي مدد سان گهٽ ۾ گهٽ 100 ڄڻا سندس گهر ۾ داخل ٿيا. دروازا ۽ دريون ٽوڙي ڇڏيون. گهر جي تلاشي ورتي ۽ ملازمن کي ماريو ڪٽيو.
شيخ رشيد جي مطابق، سندس ضمانت منظور ٿيڻ جي باجود پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ زبردستي پنهنجي گاڏيءَ ۾ وهاريو.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)