موسيقيءَ جي دنيا جي سڀني کان وڏي ايوارڊ ’گريمي’ کٽندڙن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آمريڪي گلوڪاره بيونسي نئين تاريخ لکي آهي.
آچر ڏينهن آمريڪا جي شهر لاس اينجليس ۾65 هين گريميءَ جي تقريب منعقد ٿي. ان ۾ پاپ جي سپر اسٽار، بيونسي چار ايوارڊ کٽي ڪيريئر ۾ سڀ کان وڌيڪ گريمي ايوارڊ کٽڻ واري فنڪاره بڻجي وئي آهي.
گلوڪاره ’بهترين البم’ جو ايوارڊ ته نه کٽي سگهي، پر کيس ’بهترين ڊانس/اليڪٽرڪ البم’، ’بهترين آر اينڊ ٻي سونگ’، ’بهترين ڊانس/اليڪٽرڪ رڪارڊنگ’ ۽ ’بهترين ٽريڊيشنل آر اينڊ بي پرفارمنس’ جي ڪيٽيگريءَ ۾ چئن ايوارڊن سان نوازيو ويو.
انهن ايوارڊن حاصل ڪرڻ کان پوءِ بيونسي جي ڪيريئر ۾ ڪل گريمي ايوارڊن جو تعداد 32 ٿي ويو آهي.
بيونسي موسيقيءَ جي دنيا جو وڏو نالو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ گريمي پنهنجي نالي ڪرڻ واري جارج سولٽي جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن پنهنجي ڪيريئر ۾ 31 گريمي ايوارڊ حاصل ڪيا هيا.
ان موقعي تي گلوڪاره چيو ته ’’مان پنهنجي جذبن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان ۽ مان خدا جي بيحد شڪر گزار آهيان’’.
هلندڙ سال ’البم آف دي ايئر’ ايوارڊ هيري اسٽائلز جي ’هيري هائوس’ کي مليو. ان ڪيٽيگريءَ جي لاءِ ان سان گڏ بيونسي، بيڊ بني، لزو، ايڊيلي ۽ سويڊش گروپ ’ايبا’ سان مقابلو هو.
گريمي 2023 ۾ آمريڪي گلوڪاره برينڊ ڪارلائل ۽ ريپر ڪينڊرڪ لمار ٽي ٽي ايوارڊ حاصل ڪيا.
اداڪاره وايولا ڊيوس کي ان جي آڊيو بڪ ’فائنڊنگ مي’ تي گريمي سان نوازيو ويو، جنهن کان پوءِ هو ايمي، گريمي، آسڪر ۽ ٽوني ايوارڊ کٽڻ واري ’ايگوٽ’ جي فهرست ۾ شامل ٿي ويون آهن.
گلوڪار هيري اسٽائلز بهترين ’پاپ ووڪل البم’ جو ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيو.
ياد رهي ته فاتحن جو فيصلو رڪارڊنگ اڪيڊمي جي تقريبن 11000 ميمبرن ڪيو آهي جنهن جي ماضيءَ ۾ سياه فام ٽيلنٽ جي حوصله افزائي نه ڪرڻ تي چڱي تنقيد درپيش رهي آهي.