صدر جو بائيڊن چيو آهي ته هو مخالفت براءِ مخالفت جي بجائي ريپبلڪنز سان ملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
پنهنجي ٻئي ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ۾ صدر بائيڊن چيو ته ٻه سال اڳ جي مقابلي ۾ اڄ آمريڪي جمهوريت وڌيڪ مضبوط آهي، ۽ ملڪي معيشت کي ٻيهر استوار ڪرڻ، ملڪ اندر مايوسي ڦهلائڻ ۽ سياسي ورهاڱي جي خاتمي جي لاءِ، ۽ قوم کي متحد ڪرڻ جي ڪم ۾ ريپبلڪنز سندس ساٿ ڏين.
پنهنجي معاشي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته گزريل ٻن سالن دوران هڪ لک ويهه هزار جي رڪارڊ تعداد ۾ ملازمتون پيدا ڪيون ويون آهن. هن ان ڳالهه جي پڪ ڏياري ته هو اهڙيءَ مضبوط معيشت جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ شهرين کي روزگار ملي، مقابلي جو مناسب ماحول پيدا ٿئي ۽ سندن عزت نفس بحال رهي.
ڪووڊ 19 جي عالمي وبا ۽ روس جي يوڪرين تي جارحيت جي ڪري مشڪلات جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ آمريڪا بحرانن مان تيزيءَ سان پار پوڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
پنهنجي خطاب ۾ بائيڊن چيو ته ملڪ ۾ انسولين جي قيمت کي هڪ مهيني ۾35 ڊالرن کان مٿي وڌڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ۽ ذيابيطس ۽ ڪينسر جي شڪايت وارن آمريڪين کي گهٽ قيمت تي دوائون فراهم ٿينديون رهنديون.
هن چيو ته هيلٿ انشورنس وارن شهرين جي تعداد ۾ واڌ آئي آهي،۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانگريس ان سلسلي ۾ سبسڊي ڏيڻ جي حمايت جاري رکندي.
مينوفيڪچرنگ جي باري ۾ صدر چيو ته فيڊرل انفرا اسٽرڪچر ۾ استعمال ٿيندڙ تعميراتي سامان هاڻي ٻين ملڪن کان درآمد نه ٿيندو. ان جي بجاءِ اهو هاڻي ملڪ ۾ تيار ٿيندو.
صدر چيو ته سوشل سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪيئر جي رقمن ۾ ڪميءَ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ٻئي سياسي پارٽيون گڏجي اميگريشن، گن ڪنٽرول ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ملي ڪم ڪن، جيڪي معاملا بهتر طور تي قومي مفاد ۾ حل ٿي سگهن ٿا.
اسالٽ ويپنز جي سلسلي ۾، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن جي آسان دستيابيءَ جي نتيجي ۾ اهي غير ذمي دار ۽ گهٽ عمر وارن جي هٿن ۾ اچڻ جي ڪري، ماضيءَ ۾ اسڪولن، مالز ۽ ٻين جاين تي شوٽنگ جي واقعن ۾ استعمال ٿيا آهن. انهن جي آسان دستيابيءَ تي بندش لڳڻ کپي ۽ ان سلسلي ۾ گهربل موثر ضابطا تيار ٿيڻ کپن.
جو بائيڊن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪانگريس ’نيشنل ابارشن ايڪٽ’ جي سلسلي ۾ اسقاط حمل جي اجازت جي خلاف ڪا قانون سازي منظور ڪئي، ته هو ان کي ويٽو ڪري ڇڏيندو.
پبلڪ اسڪولن جي ماسترن جي پگهارن جي سلسلي ۾، هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته قومي خدمت جي ڪم ۽ محنت کي نظر ۾ رکندي اسڪول جي ٽيچرز ۽ فائر فائيٽرز جون پگهارون وڌائڻ جي ضرورت آهي.
ريپبلڪنز پاران اسٽيٽ آف دي يونين خطاب تي پنهنجو رد عمل ڏيندي، آرڪنسا جي گورنر، سارا هڪابيءَ چيو ته ’’صدر جو بائيڊن جي انتظاميه کاٻي ڌر جي انتها پسندن جي هٿارئون يرغمال ٿي چڪي آهي، ريپبلڪنز جي دور ۾ سرحدون محفوظ هيون، هاڻي آمريڪي تاريخ جو بدترين سرحدي بحران درپيش آهي. قانون جو احترام ڪرڻ وارا خاندان خوف جي زندگي گزاري رهيا آهن’’.
سارا هڪابيءِ الزام مڙهيو ته صدر بائيڊن آمريڪا جي زميني ۽ فضائي سرحدن جي حفاظت ۾ ناڪام رهيو آهي.
پنهنجي خطاب ۾ صدر بائيڊن ايوان نمائندگان جي اڳوڻي اسپيڪر نينسي پيلوسيءَ کي ’’ملڪي تاريخ جي عظيم اسپيڪر’’ قرار ڏنو. سندس خطاب دوران، ايوان ۾ سندس پويان نائب صدر ڪاملا هيرس ۽ ايوان نمائندگان جو نئون اسپيڪر ڪيون ميڪارٿي موجود هيا.