رسائی کے لنکس

وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائڻ وارن هٿيارن جو استعمال،’سوچڻ جي به غلطي نه ڪئي وڃي’


صدر جو بائيڊن وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ انٽرويو ڏيندي. 16 سيپٽمبر، 2022
صدر جو بائيڊن وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ انٽرويو ڏيندي. 16 سيپٽمبر، 2022

صدر جو بائيڊن هڪ ڀيرو وري روسي صدر ولاديمير پوٽن کي خبردار ڪيو آهي ته هو يوڪرين ۾ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائڻ وارن هٿيارن جي استعمال جي باري ۾ سوچڻ جي به غلطي نه ڪري.

’سي بي ايس نيوز’ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾، جيڪو آچر جي رات نشر ٿيندو، صدر بائيڊن چيو ’’نه. نه. نه. اهڙي عمل جي ڪري لڙائيءَ جي شڪل ئي بدلجي ويندي، جيڪا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ دنيا نه ڏٺي هوندي’’.

بائيڊن ان جي ڪا وڌيڪ وضاحت نه ڪئي ته جيڪڏهن روس يوڪرين ۾ ڪيميائي يا جوهري هٿيار استعمال ڪيا ته ان صورت ۾ آمريڪا ڇا جواب ڏئي سگهي ٿو.

پوٽن جي لاءِ، صدر بائيڊن چيو ته ’’اهڙيءَ صورت ۾، هو دنيا جي ناپسنديده ترين شخصيت بڻجي ويندو، اهڙي حقارت آميز حيثيت جنهن جي باري ۾ ڪو سوچي به نه ٿو سگهي. ۽ جيترو سندس عمل هيچ هوندو اوترو ئي شديد جواب کيس ملي ويندو’’.

بائيڊن پاران پوٽن جي لاءِ هي پهريون انتباه ناهي. يورپي يونين ۽ جي 7 جي پارٽنرز ۽ نيٽو اتحادين جي مارچ ۾ ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ بائيڊن چيو هو ته جيڪڏهن يوڪرين ۾ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو ته ان کي ساڳئي ئي قسم جو جواب ملي ويندو.

پوٽن جو حوالو ڏيندي، بائيڊن چيو ته جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته اسان ان جو جواب ڏينداسين. جواب جي نوعيت جو دارومدار استعمال ٿيندڙ هٿيار جي نوعيت تي هوندو.

هڪ مهينو بعد صدر بائيڊن پرڏيهي معاملن جي روسي وزير، سرگئي لاوروف جي ملامت ڪندي کيس’’غير ذمه دار’’ قرار ڏنو، ڇو ته لاوروف روس جي سرڪاري تحويل ۾ ڪم ڪندڙ ٽيلي ويزن کي ٻڌايو هو ته جوهري لڙائيءَ جو ڪافي خطرو موجود آهي.

بائيڊن چيو ته ڪنهن کي به جوهري هٿيارن جي باري ۾ بغير سوچي سمجهي يا استعمال جي امڪان جي باري ۾ بغير سوچي ڪو بيان نه ڏيڻ گهرجي.

يوڪرين تي حملي جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ پوٽن روسي نيوڪليئر فورسز کي ’هائي الرٽ’ تي رهڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪو عمل سابق سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪيو ويو.

ان تي وائيٽ هائوس قومي سلامتيءَ جي عهديدارن تي مشتمل هڪ ٽيم تشڪيل ڏيڻ تي مجبور ٿيو، جنهن کي نام نهاد ’ٽائيگر ٽيم’ جو نالو ڏنو ويو، جنهن کي روس جي طرفان يوڪرين، پاڙيسري ملڪن يا نيٽو جي پاران يوڪرين ڏانهن ويندڙ هٿيارين جي قافلن يا امداد جي رسد خلاف ڪنهن ڪيميائي، بايولوجيڪل يا جوهري هٿيار جي استعمال جي صورت ۾ جواب ڏيڻ جي باري ۾ سوچڻ جو ذمو ڏنو ويو هو.

سال 2000 ۾ روس پنهنجي ملٽريءَ جي نظرئي کي تبديل ڪندي جوهري هٿيارن جي پهرئين استعمال جي اجازت ڏيڻ جو قدم کنيون هو.

XS
SM
MD
LG