رسائی کے لنکس

پاڪستان پاران ڪشمير بابت عالمي قراردادن تي عمل ڪرڻ تي زور، ڀارت جي تنقيد


پاڪستان جو پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي. 27 اپريل 2022. (فائيل فوٽو)
پاڪستان جو پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي. 27 اپريل 2022. (فائيل فوٽو)

آمريڪا ۾ موجود پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ عالمي برادريءَ تي زور ڏنو آهي ته اها ڪجهه ملڪن ۾ ٿورائيءَ وارين جاتين جي خلاف ’’نسلي ڪشيءَ جي وڌندڙ خطرن’’ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي، پاڪستان جي پرڏيهي وزير چيو ته بين الاقوامي تعلقات ۾ هڪجهڙائي ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ جي اهميت ڏانهن توجه ڏيڻ گهرجي.

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جي تنازعي واري علائقي جي حوالي سان بلاول ڀٽي زرداريءَ زور ڏنو ته ڪائونسل ان متعلق منظور ڪيل قراردادن تي عمل درآمد کي يقيني بنائڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجو وعدو پورو ڪري.

واضح رهي ته ڪشمير جو ڪجهه حصو پاڪستان جي ڪنٽرول ۾ آهي جنهن کي آزاد ڪشمير جو نالو ڏنو ويندو آهي جڏهن ته ڀارت نئين دهليءَ جي ڪنٽرول واري ڪشمير کي مرڪز جو ماتحت علائقو قرار ڏئي ٿو.

ٻئي ملڪ ڪشمير کي پنهنجو علائقو قرار ڏين ٿا، جڏهن ته 1947 کان پوءِ هيءُ تنازعو موجود رهيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جنگيون لڙيون آهن.

نئين دهليءَ جو موقف رهيو آهي ته ڪشمير اهو ان جو ’اٽوٽ انگ’ آهي جڏهن ته هو ان تنازعي جي حل جي لاءِ ڪنهن ٽياڪڙ جي ڪردار جي مخالفت ڪندو رهيو آهي.

ٻئي طرف، ڀارت جي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر پاڪستان جو نالو وٺڻ بنان سرحد پار کان دهشت گرديءَ جي حوالي سان تنقيد ڪئي آهي.

ڊاڪٽر ايس جي شنڪر (فائيل فوٽو)
ڊاڪٽر ايس جي شنڪر (فائيل فوٽو)

ڀارتي نشرياتي اداري ’اين ڊي ٽي وي’ جي مطابق، ايس جي شنڪر چيو آهي ته القاعده جي سربراه اسامه بن لادن جي ميزباني ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪ جي پارليامنٽ تي حملو ڪرڻ اهڙي سند ناهي جنهن جي بنياد تي گڏيل قومن جي اداري جي ڪائونسل جي سامهون اچي ليڪچر ڏنو وڃي.

خيال رهي ته 2011 ۾ پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ فوج جي اهم ترين ٽريننگ سينٽر ڪاڪل جي ويجهو آمريڪا جي فورسز هڪ آپريشن ۾ القاعده جي سربراه اسامه بن لادن کي هلاڪ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ڊسمبر 2001 ۾ ڀارت جي پارليامنٽ تي حملو ٿيو هو جنهن ۾ حملو ڪندڙ پنج ڄڻا ماريا ويا هئا، جن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته انهن جو تعلق ’لشڪر طيبه’ ۽ ’جيش محمد’ سان آهي. نئين دهليءَ انهن حملن ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جو الزام عائد ڪيو هو جڏهن ته اسلام آباد ترديد ڪئي هئي.

ايس جي شنڪر وڌيڪ چيو ته دنيا چيلنجن جو حل ڳولهي رهي آهي، اهڙي صورت حال ۾ ان کي معمول جي صورت حال قرار ڏيڻ قابل قبول ڪونهي.

هن چيو ته اهڙي ڳالهه جنهن کي دنيا ناقابل قبول قرار ڏنو آهي ان جو جواز پيش ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيڻ کپي. هي يقيني طور تي سرحد پار دهشت گرديءَ جي رياستي سرپرستيءَ تي لاڳو ٿئي ٿو.

پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ڀارت هن وقت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي. دنيا جي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪثير الجهتي طريقه ڪار تي پنهنجي يقين جو ثبوت ڏيندي ڪشمير تي گڏيل قومن جي اداري جي قراردادن تي عمل درآمد ڪرائي.

بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ ڏينهن ان مسئلي جي ڌر ڪثير جهتي حل تي زور ڏئي ۽ وري ٻه طرفي طريقه ڪار جي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ بيد ۾ هڪ طرفو حل لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

دنيا کي درپيش چيلنجن جو ذڪر ڪندي، بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي، جوهري خطرن، دهشت گردي، مهاجرن جي لڏ پلاڻ، ڏڪر ۽ بک سان نبرڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو.

خيال رهي ته بلاول ڀٽو زرداري هلندڙ سال اپريل ۾ نئين حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪابينا ۾ بطور پرڏيهي وزير شامل ٿيو هو. هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين آهي.

پاڪستان جي 34 ورهن جي پرڏيهي وزير جو لڳ ڀڳ اٺن مهينن ۾ آمريڪا جو هي ٽيون دورو آهي.

سلامتي ڪائونسل کي خطاب ۾ بلاول ڀٽي زرداريءَ وڌيڪ چيو ته اسان کي اسلاموفوبيا، نفرت، انتها پسندي، نسلي ۽ مذهبي عدم برداشت جي سوچ جو به مقابلو ڪرڻو آهي، جنهن ڪن ملڪن جي اقليتن جي خلاف امتيازي سلوڪ، تشدد ۽ نسل ڪشي جا خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

پاڪستاني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته دنيا کي امن، سلامتي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۽ ڪيترا ئي ٻيا عالمي چيلنج آڏو آهن ۽ اهو ضروري آهي ته گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبلي، سلامتي ڪائونسل، اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل، انساني حقن جي ڪائونسل، انصاف جي بين الاقوامي عدالت ۽ سيڪريٽري جنرل جي سيڪريٽريت جا سمورا اهم ادارا موثر طريقي سان استعمال ڪيا وڃن.

هن جي مطابق، عالمي مالياتي ۽ اقتصادي طرز جي حڪمرانيءَ جي ڍانچي ۾ هڪ جهڙائيءَ ۽ جمهوريت کي به شامل ڪرڻو پوندو.

XS
SM
MD
LG