رسائی کے لنکس

روس تي لڳل پابنديون اثرائتيون ثابت ٿي رهيون آهن، بلنڪن


آمريڪا جو پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن (فائيل فوٽو)
آمريڪا جو پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن (فائيل فوٽو)

پرڏيهي ناتن جي آمريڪي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته روس يوڪرين تي حملي کان پوءِ عائد ڪيل مغربي پابنديون موثر ثابت ٿي رهيون آهن، جن جي نتيجي ۾ ماسڪو جي لاءِ جنگ کي اڳتي وڌائڻ مشڪل ٿي رهيو آهي.

اينٽني بلنڪن نشترياتي اداري سي اين اين جي ’اسٽيٽ آف دي يونين’ شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي ڏيتي ليتيءَ جي ڪنٽرول جي ڪري روس انهن پرزن کي درآمد نه ٿو ڪري سگهي جيڪي ان کي وڌيڪ هٿيار ٺاهڻ جي لاءِ گهربل آهن.

هن دعوا ڪئي ته روس کي جاري جنگ جي وڏي قيمت چڪائڻي پوي ٿي ۽ ان تي روز بروز ٻوجهه وڌندو پيو وڃي.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اولهه جا اتحادي روس جي معيشت ۽ ان جي جنگي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ پابندين کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي لاءِ مسلسل طريقا تلاش ڪري رهيا آهن.

بلنڪن ماسڪو تي الزام لڳايو ته روس هوائي حملن جي ذريعي سيءَ جي مند کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهن فضائي حملن ۾ گزريل هفتن دوران يوڪريني عوام جا حوصلا پست ڪرڻ جي لاءِ بجلي ۽ پاڻي جي سپلائي لائينن کي نشانو بنايو ويو.

بلنڪن چيو ته ’’هي معاملو واقعي وحشيانه آهي’’.

ٻئي پاسي بچاءَ واري برطانوي وزارت جي تازي سروي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنگ جي لاءِ روسي عوام جي حمايت ۾ ڪمي اچي رهي آهي.

هڪ انٽيلي جينس اپ ڊيٽ ۾ برطانوي وزارت آچر ڏينهن، آزاد روسي ميڊيا جي ادارن جي دعوا مطابق، چيو آهي ته روس جي ’فيڊرل پروٽيڪو سروس’ جي ڪٺي ڪيل ڊيٽا تائين رسائيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته 55 في صد روسي يوڪرين سان امن مذاڪرات جا حامي آهن، جڏهن ته صرف 25 في صد جو چوڻ آهي ته اهي جنگ جاري رکڻ جي حمايت ڪن ٿا.

ان کان اڳ اپريل ۾ تقريبا 80 في صد روسين يوڪرين تي حملي جي حمايت ڪئي هئي.

هوڏانهن روسي توانائيءَ جي سربراه وزير اعظم اليگزينڊر نوواڪ آچر ڏينهن چيو آهي ته ماسڪو اولهه جي قيمتن جي حد سان مشروط تيل نه کپائيندو چاهي ان کي پيداوار گهٽائڻي پوي.

XS
SM
MD
LG