رسائی کے لنکس

زيارت مان اغوا ٿيل ڊي ايچ اي ڪوئٽه جي عمل دار جو لاش برآمد


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي ساحلي علائقي زيارت کان اغوا ٿيندڙ ڊفينس هائيسنگ اٿارٽي (ڊي ايچ اي) ڪوئٽه جي عمل دار ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ مرزا جو لاش لڀي ويو آهي.

سيڪيورٽي فورسز جي ذريعن ٻڌايو آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا عمل دار زيارت ۾ سرچ آپريشن ۾ مصروف هيا جو ضلع هرنائي ۽ زيارت جي وچ ۾ هڪ پهاڙي سلسلي منجهان هڪ لاش مليو جنهن جي شناخت ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق جي طور تي ڪئي وئي آهي.

بلوچستان جي وزير اعلي مير عبدالقدوس بزنجي ڊي ايچ اي ڪوئٽه جي عمل دار جي هلاڪت جي تصديق ڪندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ وزير اعلي چيو آهي ته اغوا ڪارن جي سنگ دلانه ڪاروائي قابل مذمت آهي جنهن جو مقصد، سندس بقول، دهشت ۽ وحشت جو ماحول پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته، دهشت گردن ۽ سندن سرپرستن کي پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪامي ٿيندي.

ذرائع مطابق، ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق فوج جو حاضر سروس آفيسر هو. ان باري ۾ وڌيڪ معلومات نه ملي آهي ته هو ڊي ايچ اي ۾ ڪهڙي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو.

واضح رهي ته ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق جي اغوا جو واقعو اڱاري جي رات زيارت کان 15 ڪلوميٽر دور ورچوم جي ڀرسان پيش آيو هو جڏهن هو پنهنجي ڪٽمب ساڻ سفر ڪري رهيو هو.

زيارت ليويز جي هڪ عمل دار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته اغوا ڪار فيمليءَ کي ڇڏي ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق ۽ ان جي دوست کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هيا. ان کان پوءِ اغوا ٿيلن جي خاندان جي فردن کي سيڪيورٽي عمل دارن زيارت موڪلي چڏيو هو.

ليويز ذرائع مطابق اغواڪندڙن مانگي ڊيم وڃڻ واري رستي تي ناڪو لڳايو جتي هر ڪنهن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري رهيا هيا ۽ ان دوران ٻه ماڻهو اغوا ٿيا. بعد ۾ ليويز، پوليس ۽ ايف سي جا عمل دار موقعي تي پهچي ويا ۽ اغوا ٿيلن جي لاءِ سرچ آپريشن جو آغاز ڪيو.

ياد رهي ته زيارت بلوچستان جو مشهور سياحتي مقام آهي جتي ملڪ مان هر سال هزارن جي تعداد ۾ ماڻهون سير و تفريح لاءِ ايندا آهن.

زيارت پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي رهائش گاه قائد اعظم ريزيڊينسي جي ڪري به مشهور آهي. سال 2013 ۾ دهشت گردن هن ريزيڊينسيءَ تي حملو ڪري ان کي باه ڏئي ڇڏي هئي. ان حملي جي ذمه داري خارج قرار ڏنل بلوچ عسڪريت پسند تنظيم، بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي هئي.

بي ايل اي ذمه داري قبول ڪئي آهي

ڪالعدم بلوچ عسڪريت پسند تنظيم، بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) سياحن کي اغوا ڪرڻ جي ذمه داري قبول ڪئي آهي. ذرائع ابلاغ جي نمائندن کي موڪليل هڪ اي ميل ۾ بي ايل اي جي ترجمان، جنيد بلوچ چيو آهي ته پاڪستان فوج جي ڪرنل لئيق بيگ مرزا بي ايل اي جي تحويل ۾ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪرنل لئيق کي بي ايل اي جي اسپيشل فورس، 12 جولائي تي انٽيلي جينس جي بنياد تي اسپيشل ٽيڪٽيڪل آپريشنز اسڪواڊ پنهنجي ڪاروائيءَ دوران گرفتار ڪيو.

بلوچستان حڪومت جو رد عمل

ڊي ايچ اي ڪوئٽه جي عمل دار جي اغوا جي واقعي کان پوءِ وزير اعلي مير عبد القدوس بزنجو واقعي جو نوٽيس وٺندي محڪمه داخلا ۽ ضلعي انتظاميا کان فوري رپورٽ گهري آهي. وزير اعلي پاران متعلقه عمل دارن کي سياحن جي باحفاظت بازيابي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته زيارت سميت سمورن سياحتي مقامات تي حفاظتي اقدامات وڌيڪ موثر بنائڻ جي هدايت به ڪئي هئي.

محڪمه داخلا جي صلاح ڪار، مير ضيا الله لانگهي سياحن جي ورچوم منجهان اغوا جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري داخلا سان ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس هدايت ڪئي هئي ته پوليس ۽ ٻين متعلقه ادارن جي مدد سان سياحن جي جلد بازيابيءَ کي يقيني بناڳو وڃي.

بلوچستان سان تعلق رکڻ واري سينيٽر، ثمينه ممتاز زهري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ، ٽوئٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق جي هلاڪت افسوس ناڪ واقعو آهي.

XS
SM
MD
LG