بورس جانسن جي جاءَ تي لز ٽرس اڱاري ڏينهن باضابطه طور تي برطانيه جي وزير اعظم ٿي وئي. جانسن جولائي ۾ عهدي تان استعفي ڏني هئي.
هن اسڪاٽ لينڊ جي شهر، بالمورل ۾ برطانيه جي ملڪه الزبيٿ سان خانگي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٽرس کي چيو ويو ته هوءَ نئين حڪومت ٺاهي.
ان ملاقات جي حيثيت رسمي هئي جيڪا اسڪاٽ لينڊ ۾ ان ڪري ٿي جو 96 سالن جي ملڪه صحت جي مسئلن جي ڪري لنڊن جو سفر نه پئي ڪري سگهي.
ٽرس پندرهين وزيراعظم آهي جنهن کي الزبيٿ مقرر ڪيو ۽ گزريل ستن سالن ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي چوٿين پارٽي ليڊر آهي. سندن ملاقات کان اڳ ملڪه سان ملاقات لاءِ جانسن اسڪاٽ لينڊ جو سفر ڪيو.
بعد ۾ لز لندن واپس پهتي. شام جو 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي وزير اعظم جي رهائش گاه جي سامهون، ٽيلي ويزن تي قوم کي خطاب ڪندي، هن پنهنجي حڪومت جي ترجيحات جو خاڪو پيش ڪيو.
جانسن جي حڪومت ۾ لز ٽرس پرڏيهي معاملن جي وزير طور ڪم ڪيو.
پرڏيهي پاليسيءَ جي اعتبار کان هوءَ تمام سخت موقف رکندي آهي، ۽ هن عهد ڪيو آهي ته روس ۽ چين سان سخت موقف اختيار ڪيو ويندو.
ان سان گڏ داخلي طور تي ٽرس کي ڪيترا ئي چيلينج درپيش آهن.
ان ڏس ۾ توانائيءَ جو بحران اهم آهي، جڏهن ته ڪووڊ 19 جا پاڇا اڃان باقي آهن.
ملڪي دفاع کي هٿي ڏيڻ لاءِ، لز ٽرس قومي پيداوار جي 3 في صد جي برابر خرچ جو وعدو ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هوءَ يوڪرين جي لاءِ دفاعي ۽ انساني همدرديءَ جي نوعيت جي مدد جاري رکندي، جنهن لاءِ برطانيه 180 ارب ڊالر جي اضافي امداد جو اعلان ڪري چڪو آهي.