رسائی کے لنکس

پاڪستاني ڪنٽرول واري ڪشمير ۾ چوڌري انوار الحق بنا مقابلي وزير اعظم چونڊجي ويو


نئون چونڊيل وزير اعظم چوڌري انوار الحق
نئون چونڊيل وزير اعظم چوڌري انوار الحق

اسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ اربع جي رات اسيمبليءَ جي هنگامي اجلاس ۾ ٻڌايو ته چوڌري انوار الحق جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار نامزدگيءَ جا ڪاغذ جمع نه ڪرايا هيا. ان ڪري هو بنا مقابلي جي وزير اعظم چونڊجي ويو آهي.

وزير اعظم چوڌري انوار الحق اسيمبليءَ جو اسپيڪر هو. نئون عهدو سنڀالڻ جي لاءِ هو اسپيڪرشپ جي عهدي تان استعفا ڏيندو.

پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ وزير اعظم جي عهدي جي لاءِ گزريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جوڙ توڙ جاري هئي.

ان کان اڳ پاڪستاني ڪشمير جي تحريڪ انصاف سان تعلق رکڻ واري وزير اعظم سردار تنوير الياس کي ڪشمير جي هائي ڪورٽ برطرف ڪري ڇڏيو هو.

فارورڊ بلاڪ بنجڻ کان پوءِ پنهنجو وزير اعظم چونڊرائڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف وٽ گهربل ووٽ نه هيا.

ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن سرگرم ٿيون. ليڪن انهن کي به وڌيڪ ووٽن جي ضرورت هئي.

مڪاني ميڊيا جي رپورٽن مطابق، ان دوران چوڌري انوار الحق 12 ووٽن سان سامهون آيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن سان ’پاور شيئرنگ’ جو فارمولو طئي ڪرڻ کان پوءِ هن نامزدگيءَ جا ڪاغذ داخل ڪرايا.

پاڪستان تحريڪ انصاف چوڌري انوارالحق جي خلاف پنهنجو اميدار نه بيهاريو، ان ڪري اربع ۽ خميس جي اڌ رات کان پوءِ منعقد ٿيڻ واري اسيمبليءَ جي هن هنگامي اجلاس ۾ اسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ سندس بنا مقابلي جي چونڊجڻ جو اعلان ڪيو.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG