آمريڪا جي صحت جي محڪمي جي عمل دارن چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي ڄار ۾ ڦاسڻ وارن پنجن مان هڪ آمريڪيءَ ۾ اڄ سوڌو بيماريءَ جا منفي اثرات موجود آهن، جنهن کي سائسنسي اسطلاح ۾ لانگ ڪووڊ جو نالو ڏنو پيو وڃي.
خبرن جي برطانوي اداري، رائٽرز جي مطابق، هلندڙ مهيني جي پهرين ٻن هفتن دوران، يعني 13 جون جي وچ واري مدي ۾ آدم شماريءَ جي آمريڪي اداري هن عوامي رائي تي مبني جائزي جا انگ اکر جمع ڪيا، جڏهن ته موذي مرضن تي کوجنا ڪندڙ وفاقي اداري، سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريونشن (سي ڊي سي) ان جو تفصيلي تجزيو ڪيو آهي.
هن سروي مطابق تيرهن مان هڪ آمريڪي بالغ ۾ جنهن کي پهريون ڀيرو هيءَ وبا لڳي، لانگ ڪووڊ جون علامتون ٽن يا ان کان وڌيڪ مهينن جي مدي تائين موجود رهي آهي، جيڪي علامتون ڪووڊ 19 لڳڻ کا پهرين موجود نه هيون.
عام طور تي انهن ڊگهي عرصي جي علامتن ۾ ٿڪاوٽ، دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ، ساه کڻڻ ۾ ڏکيائي، ياد داشت ۾ گهٽتائي، دائمي سور ۽ سنڌن جي هيڻائي شامل آهن.
سي ڊي سي جي تجزئي مان معلوم ٿئي ٿو ته وڏيءَ ڄمار وارن جي بنسبت نوجوانن ۾ ڪووڊ کان پوءِ مستقل علامتن جي موجود رهڻ جو وڌيڪ امڪان ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ ڊگهي عرصي تائين ڪووڊ جاري رهڻ جو امڪان وڌيڪ آهي.
هن سروي ۾ مختلف نسلي گروهن ۾ ڊگهي عرصي واري ڪووڊ جي علامتن جو جائزو ورتو ويو جنهن مطابق لڳ ڀڳ نون في صد اسپينش آمريڪي بالغن کي ڊگهي عرصي واري ڪووڊ درپيش آهي جن جي شرح غير هسپانوي سفيد ۽ سياه فام بالغن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، جڏهن ته ايشيائي بالغن جي مقابلي ۾ اها ٻيڻيءَ کان به وڌيڪ آهي.
مختلف آمريڪي رياستن ۾ لانگ ڪووڊ جي علامتن جي حوالي سان انگ اکر به هن رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن مطابق، الاسڪا، ڪينٽڪي ۽ الباما جي بالغ آباديءَ ۾ ڪووڊ جي طويل علامتن جي سڀني کان وڌيڪ شرح موجود آهي. ٻئي پاسي، ورجينيا، ميري لينڊ ۽ هوائيءَ جي رياستن ۾ هيءَ شرح گهٽ رهي.
هن سروي ۾ 18 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جن کي ڪووڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن به طويل علامتون ڏٺيون ويون ۽ انهن کي به ليکي ۾ آندو ويو جيڪي اڃان توڙين کين محسوس ٿي رهيون آهن.
سي ڊي سيءَ مطابق آمريڪا ۾ هاڻي توڻي ڪووڊ 19 جا اٺ ڪروڙ 63 لکن کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ هن وبا جي ڪري ڏه لک ماڻهون زندگيءَ جي بازي هاري ويا. پنجن ورهن جي عمر جي 83 في صد آباديءَ کي ڪووڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي.
آمريڪا ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار وارن ٻارن لاءِ به ڪووڊ ويڪسين جي منظوري ڏني وئي آهي.
(خبر جو مواد رائٽرز مان ورتو ويو آهي)