رسائی کے لنکس

ڪلاسي فائيڊ دستاويز، ڊيموڪريٽڪ قانون سازن جي بائيڊن تي تنقيد


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ڪيترن ئي ڊيموڪريٽڪ قانون سازن تازو خفيه دستاويزن جي باري ۾ معلوم ٿيڻ کان پوءِ صدر جو بائيڊن جي ڪلاسي فائيڊ مواد کي صحيح طور تي منهن نه ڏيڻ تي تنقيد ڪئي آهي. ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، سينئر ڊيموڪريٽس انڪشافن جي ان سلسلي تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته وائيٽ هائوس کي ان تي گهڻو اڳ ڳالهه ڪرڻ کپي ها.

سينيٽر ڊڪ ڊربن سي اين اين جي شو ’اسٽيٽ آف دي يونين’ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ان ’’صورت حال تي تشويش هئڻ کپي’’.

ڊربن چيو ته ’’نه صدر بائيڊن ۽ نه وري اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خفيه دستاويز پاڻ وٽ رکڻ گهرجن ها. ليڪن ان کان پوءِ ٻنهين پاران جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو اهو نمايان طور تي مختلف آهي’’.

صدر بائيڊن جي وڪيل ڇنڇر ڏينهن چيو ته ايف بي آئي بائيڊن جي گهر مان اهڙا ڇهه آئيٽم تحويل ۾ ورتا آهن جن کي خفيه دستاويز مارڪ ڪيو ويو هو.

ان کان اڳ ابتدائي طور تي نائب صدر جي دور جا دستاويز واشنگٽن جي ’پين بائيڊن سينٽر’ ۾ سندس آفيس مان مليا هيا.

انصاف جي محڪمي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ 2021 ۾ پنهنجي عهدي جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ اهڙا سوين رڪارڊ پاڻ سان کڻي ويو هو جن جي درجه بندي ڪلاسي فائيڊ يا خفيه جي طور تي ڪئي وئي هئي ۽ اهي انهن دستاويزن جي واپسيءَ جي لاءِ حڪومت جي درخواستن جي خلاف ٽرمپ جي پاران مزاحمت ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرچ وارنٽ حاصل ڪرڻا پيا هيا.

سينيٽر ڊربن
سينيٽر ڊربن

ڊربن هن مهيني جي شروع ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو هو ته ’’ڪن ٿورن دستاويزن کي غلط هنڌن تي فائل ڪيو هو ۽ انهن کي فوري طور تي سندن متعلقه محڪمن جي حوالي ڪيو ويو’’.

سينيٽر جو منچن آچر جي ڏينهن اين بي سي جي پروگرام ’ميٽ دي پريس’ ۾ چيو ته اهو يقين ڪرڻ مشڪل آهي ته بائيڊن ۽ ٽرمپ ٻئي اهڙيءَ صورت حال ۾ هيا جو تڪڙ ۾ فيصلا ڪرڻ کان اڳ خصوصي ڪونسل جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل نه ٿي سگهي.

سينيٽر جو منچن
سينيٽر جو منچن

سندس لفظن ۾، ’’ڇا ڪو هڪ معاملو ٻئي کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي؟ ڇا ٻئي هڪ جهڙا آهن؟ ڪو مسئلو نه ٿيو يا وري ڪو هڪ ٻئي کان وڌيڪ لاپرواهه ۽ غير ذمه دار آهي؟’’.

منچن چيو ته هو انهن سوالن جو جواب نه ٿو ڏئي سگهي. ليڪن، کيس لڳي ٿو ته خصوصي صلاح ڪار سياست دانن ۽ ان وقت جاري سياسي هل چل جي باوجود بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا.

(هن رپورٽ جي لاءِ ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG