آمريڪي تحقيقاتي اداري، فيڊرل بيورو آف انويسٽي گيشن (ايف بي آئي) خبردار ڪيو آهي ته اهم رهنما جي منظر تان هٽڻ جي باوجود القاعده آمريڪا تي وڏي پيماني تي حملا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر، ڪرسٽوفر ري چيو آهي ته هو گزريل هفتي افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ القاعده جي سربراه، ايمن الظواهريءَ جي موت جي باوجود گروپ جي طرفان آمريڪا تي حملي جي امڪان تي فڪرمند آهي.
وائس آف آمريڪا جي مسعود فريور جي رپورٽ مطابق، خميص ڏينهن سينيٽ جي جوڊيشري ڪاميٽيءَ آڏو بيان ڏيندي ڪرسٽوفر ري چيو ته القاعده ۽ داعش سان گڏوگڏ ان جا ساٿي آمريڪا ۾ وڏي پيماني تي حملا ڪرڻ يا ان جي حوصلا افزائي جو ارادو رکن ٿا.
خيال رهي ته 11 ستمبر 2001 جي حملن جي اهم منصوبه بندي ڪندڙ القاعده جو سربراه، ايمن الظواهريءَ آچر ڏينهن صبح جو ڪابل ۾ ڪيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو.
ري جو جواب ها ۾ هو جڏهن هن کان پڇيو ويوڇا موقعو ملڻ تي القاعده يا داعش آمريڪا جي خلاف حملو ڪندا.
هن چيو ته مستقبل قريب ۾ زياده امڪان آهي ته القاعده پنهنجي گهٽجندڙ قيادت سان اوڀر ۽ اولهه آفريقا جهڙن خطن ۾ بين الاقوامي ڳانڍاپيل گروهن کي اڳتي وڌائي ۽ ننڍي پيماني تي حملن جي حمايت ڪرڻ تي توجه ڏئي.
ايمن الظواهري جي باري ۾ پنهنجي بيان ۾ ري چيو ته مان حيران نه بلڪه مايوس ٿيو هيم ته القاعده جو اڳواڻ هڪ سيف هائوس ۾ لڪل هو، جيڪو مبينه طور تي حقاني نيٽ ورڪ جي هڪ سينئر رهنما جي ملڪيت آهي.
خيال رهي ته ايمن الظواهري اسامه بن لادن جي 2011 ۾ آمريڪي ڪاروائيءَ ۾ موت کان پوءِ القاعده جي ذمه داري سنڀالي هئي ۽ هو ايف بي آئي جو سڀ کان وڌيڪ مطلوب فردن جي فهرست ۾ شامل هو. ان کي پڪڙڻ تي اڍائي ڪروڙ ڊالر جو انعام رکيل هو.
ڪابل ۾ آمريڪي ڊرون حملي کان پوءِ بائيڊن انتظاميا طالبان تي 2020جي معاهدي جي خلاف ورزي جو الزام لڳايو آهي. هن معاهدي ۾ طالبان آمريڪا يا ان جي اتحادين جي لاءِ خطرو بنجڻ واري ڪنهن دهشت گرد گروه جي پاران افغان سرزمين کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو عهد ڪيو هو.
طالبان عمل دارن چيو هو ته هو ڪابل ۾ ايمن الظواهريءَ جي موجودگيءَ جي باري ۾ لاعلم هيا.
ڪاميٽيءَ جي پيشيءَ دوران ريپبلڪن سينيٽر، لنزي گراهم پڇيو آيا حقاني سيف هائوس ۾ الظواهريءَ جي موجودگيءَ مان ڇا هي مطلب ورتو وڃي ته القاعده ۽ طالبان جي وچ ۾ هاڻي تائين تعلقات جاري آهن، ان تي ڪرسٽوفر ري چيو ته ڪجهه به ٺيڪ ڪونهي.
انٽيلي جينس جي خلا
الظواهريءَ تي حملي ڪجهه مبصرن ۽ بائيڊن انتظاميا جي عمل دارن جي ان موقف کي درست ثابت ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي موجودگيءَ کان بغير به هن قسم جي دهشت گرديءَ کي ٻنجهو ڏيڻ جي ڪاروائي ڪري سگهي ٿو.
ري چيو ته پوءِ به هو افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي واپسي جي حوالي سان انٽيلي جينس معلومات ۽ ممڪنه نقصان جي باري ۾ فڪرمند آهي.
سندس چوڻ مطابق، ان ڪري اسان جي انٽيلي جينس جي خلا وڌي رهي آهي ۽ مان ان امڪان جي باري ۾ فڪرمند آهيان ته اسان القاعده کي ٻيهر فعال ٿيندي ۽ داعش خراسان کي سيڪيورٽي جي بگڙجندڙ ماحول مان فائدو وٺندي ڏسي رهيا آهيون. سندس بقول، مان دهشت گردن جي باري ۾ فڪرمند آهيان، بشمول هتي آمريڪا ۾ جيڪو ان کان متاثر ٿي رهيو آهي.