رسائی کے لنکس

لڏي ايندڙن جو آمريڪا جي ترقيءَ ۾نمايان ڪردار


پنهنجن آبائي ملڪن مان ڀاڄ کائي آمريڪا پهچندڙ مهاجرن آمريڪا جي وڌڻ ويجهڻ ۽ اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي
پنهنجن آبائي ملڪن مان ڀاڄ کائي آمريڪا پهچندڙ مهاجرن آمريڪا جي وڌڻ ويجهڻ ۽ اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي

انتشار جي شڪار ملڪن مان ڀاڄ کائي آمريڪا پهچندڙن آمريڪا جي وڌڻ ويجهڻ ۽ اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن منجهان ڪجهه نمايان تارڪين وطن جيڪي آمريڪا آيا انهن ۾ ميڊلين آلبرائيٽ، اسابيل ايلندي، مارلين ڊائٽرخ، البرٽ آئسنٽائين، گلوريا اسٽفان، سڊني ولمين، هيول ڪيلي، هينري ڪسنجر، الهان عمر، وٽي پائي، ڊٿ پران ۽ ريجينا اسپيڪٽر به شامل آهن.

آمريڪا جي تاريخ انهن مثالن سان ڀريل آهي ته پنهنجن ملڪن ۾ لڙائي ۽ انتشار جي نتيجي ۾ ترڪ وطن ڪرڻ وارن جو آمريڪا ۾ کليءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪيو ويندو رهيو آهي. ليڪن مهاجر جو لفظ ويهين صديءَ جي وچ ۾ ان وقت عام ٿيو جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ اندروني طور تي اکڙيل يورپي آمريڪا پهتا. آمريڪا جي هولوڪاسٽ يادگار عجائب گهر مطابق، 1933 کان 1945 تائين يورپ ۾ بي داخل ٿيل ڪم از ڪم 180،000يورپي امريڪا پهتا، جنهن کان پوءِ 1948 ۾ ڪانگريس پهريون ڀيرو مهاجرلفظ متعلق پهرين قانون سازي ڪئي. آمريڪي شهريت ۽ اميگريشن سروسز مطابق، ان قانون سازيءَ تحت آئنده چئن سالن تائين 350،000 بي دخل ٿيندڙ مهاجرين کي قبول ڪيو ويو.

آمريڪي محڪمه خارجه مطابق، آبائي ملڪن ۾ ڏڦيڙ ۽ فساد جي صورت حال کان بچڻ لاءِ مهاجرن جا قافله ڪئين ڀيرا آمريڪا ايندا رهيا. 1959 کان 1962 جي زماني ۾ 200،000 کان وڌيڪ مهاجرين ڪيوبا کان آمريڪا آيا، جيڪي صدر فائيڊل ڪاسترو جي ڪميونسٽ حڪومت کان ڀڄي آمريڪا پهتا.

جڏهن 1975 ۾ آمريڪا ويتنام مان پنهنجي فوج واپس گهرائي، ان زماني ۾ آمريڪي حڪومت ويتنام، ڪمبوڊيا ۽ لائوس جي لکين باشندن کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني.

هوڏانهن 1990 جي ڏهاڪي ۾ سابق سويت رياستن مان ڪيترا ئي مهاجر آمريڪا اچي آباد ٿيا. تازن ڏهاڪن دوران آفريقي ملڪن، مشرق وسطي ۽ ڏکڻ ايشيا جي مهاجرن جو وڏو تعداد آمريڪا اچي آباد ٿيو، جن ۾ افغان ۽ عراقي به شامل آهن جن پنهنجن آبائي ملڪن ۾ آمريڪي حڪومت جي مدد ڪئي هئي. سال 1975 کان پوءِ آمريڪا ۾ 34 لکن کان وڏيڪ مهاجر داخل ٿيا.

مختلف وقتن تي، جيڪي نامور تارڪين وطن مهاجر ٿي آمريڪا آيا انهن ۾ ميڊلين آلبرائيٽ، ازابيل ايلندي، مارلين ڊائٽرخ، البرٽ آئسنٽائين، گلوريا اسٽفان، سڊني ولمين، هيول ڪيلي، هينري ڪسنجر، الهان عمر، وٽي پائي، ڊٿ پران ۽ ريجينا اسپيڪٽر شامل آهن.

البرائٽ 11 ورهن جي ڄمار ۾ آمريڪا پهتي جڏهن نازين جي حملي جي ڪري سندس والدين چيڪوسلوواڪيا مان ٻاهر نڪتا. بعد ۾ صدر ڪلنٽن جي دور ۾ ميڊلين آلبرائيٽ آمريڪا جي وزير خارجه رهي. نيويارڪ ٽائمز ۾ هڪ ذاتي مضمون ۾ هن لکيو هو ته جڏهن مان ننڍي هيم ته جڏهن سامونڊي جهاز نيويارڪ جي بندرگاه تي لنگرانداز ٿيو ته منهنجي نظر اسٽيچو آف لبرٽيءَ تي پئي. ٻين مهاجرن وانگر منهنجي ذهن ۾ به اهو احساس ٿيو ته مان هتي عزت سان محفوظ زندگي گزاري سگهندس، ۽ مان پنهنجي نئين ملڪ جي خدمت ڪري سگهندس.

ازابيل ايلنڊي حقيقت پسند خيالات جي مالڪ ۽ مصنف هئي. سال 1973 ۾ جڏهن انقلاب جي نتيجي ۾ جنرل آگسٽو پنوشي اقتدار ۾ آيو ته ازابيل پنهنجي آبائي ملڪ، چلي کي خيرآباد چيو. هڪ دفعي هن چيو هو ته جڏهن توهان کان شهريت ڇني وڃي، توهان جو پنهنجي قبيلي سان تعلق ختم ٿي وڃي ۽ توهان مهاجر سڏائڻ لڳو ته انهيءَ وقت توهان جي لاءِ ٻي ڪا راه باقي نه بچندي آهي سوائي ان جي ته نئين دنيا آباد ڪرڻ لاءِ اڻ ڄاتل ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪيو ۽ نئين ڪميونٽيءَ سان وابستگي پيدا ڪريو. اهو ڳانڍاپو تيسيتائين نه ٿو ٿي سگهي جيستائين ڪو شخص توهان جو هٿ نه ونڊائي.

مارلين ڊائٽرخ 1901 ۾ جرمنيءَ ۾ پيدا ٿي. هوءَ يورپ ۽ آمريڪا جي نامياري ايڪٽريس ۽ گلوڪاره هئي، ليڪن نازي ازم جي دور کيس پنهنجو اباڻو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. هن آمريڪي شهريت اختيار ڪئي. سندس لفظن ۾، مان جرمن آهيان ۽ جرمن رهندس. گڏ و گڏ مان اها ڳالهه نه ٿي وساري سگهان ته آمريڪا منهنجو ان وقت ساٿ ڏنو ۽ آڌرڀاءُ ڪيو جڏهن مان بي وطن ۽ بي وس ٿي هيم.

البرٽ آئنسٽائين دنيا جي علم طبيعيات جو عظيم ترين سائنس دان هيو. جڏهن هٽلر جرمني تي قابض ٿيو ته آئنسٽائين برلن جي پروسين اڪيڊمي آف سائنسز مان بحيثيت پروفيسر استعفي ڏئي بيلجيم لڏي ويو. يهودي هئڻ سبب هٽلر جي حڪومت کيس خلاف غداريءُ جو الزام لڳايو هو. سال 1933 ۾ آئنسٽائين يورپ ڇڏي آمريڪا پهتو ۽ پرنسٽن يونيورسٽيءَ ۾نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. هن سال 1940 ۾ امريڪي شهريت اختيار ڪئي.

آمريڪي هولوڪاسٽ ميوزيم مطابق، سال 1933 کان 1945 تائين اندازا 125،000 جرمن، جن جي اڪثريت يهودي هئي، جرمنيءَ کان آمريڪا آيا ۽ هتي جا ٿي ويا.

گلوريا اسٽفان ڪيوبا مان آمريڪا آئي. هوءَ گلوڪاره ۽ شاعره هئي. هوءَ 1957 ۾ هوانا ۾ پيدا ٿي. ڪيوبا ۾ سال 1959 ۾ انقلاب آيو جنهن کان پوءِ سندس خاندان آمريڪا ڏانهن ترڪ وطن ڪيو. هوءَ فلوريڊا جي شهر مياميءَ ۾ پلي نپني ۽ وڏي ٿي. 1980 جي ڏهاڪي ۾ هوءَ ميامي سائونڊ مشين نالي بينڊ ۾ شامل ٿي. گلوريا اسٽفان کي ٽي ڀيرا گرامي ايوارڊز مليا، هولي ووڊ واڪ آف فيم ۽ براڊوي ميوزيڪل ايوارڊ مليا. سندس گانن جا ڏه ڪروڙ ريڪارد وڪاميا. سال 1959 کان 1962 تائين ڪيوبا جا 248،000 شهري آمريڪا آيا.

هينري ڪسنجر مشهور يهودي خاندان جو نامور فرزند هو. سندس والدين نازي جرمني جي ظلم کان بچڻ لاءِ ملڪ ڇڏي 1938 ۾ آمريڪا پهتا. ڪسنجر 1973 کان 1977 تائين آمريڪا جو وزير خارجه رهيو. آمريڪي هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم مطابق، ٻي عالمي جنگ ٿيندي ئي ڪيترا ئي يهودي خاندان يورپ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. 1940 ۾ ٽن لکن کان وڌيڪ يهودي آمريڪا آيا.

الهان عمر آمريڪي ايوان نمائندگان جي پهرين صومالي آمريڪي رڪن آهي. صوماليه ۾ خانه جنگيءَ جي نتيجي ۾ سندس خاندان 1995 ۾پنهنجو اباڻو ملڪ ڇڏي آمريڪا پهتو. پنهنجي يادداشتن ۾ هن لکيو آهي ته جڏهن مان ٻار هيس ته اسان خانه جنگيءَ جي ڪري پنهنجو ملڪ ڇڏي هتي پهتاسين. منهنجي ذهن ۾ اهو ئي سوال اڀرندو هو ته اسان جو تعلق ڪنهن سان آهي ۽ مون کي پنهنجي دل ٻڌايو ته تون هتان جي آهين. اهي ٽي لفظ منهنجي زندگيءَ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا.

ريڪجينا اسپيڪٽر اڃان نون ورهن جي هئي جڏهن سندس والدين روس ڇڏي نيو يارڪ سٽي پهتا، جتي بعد ۾ کيس گلوڪاره ۽ شاعره جي طور تي تمام گهڻي شهرت ملي. آمريڪي محڪمه خارجه مطابق، 1975 کان 2003 جي وچ ۾ سابق سويت يونين جي ملڪن مان لڳ ڀڳ 600،000 باشندا آمريڪا اچي آباد ٿيا.

(مهاجرين جو عالمي ڏينهن 20 جون تي ملهايو ويو، جنهن مناسبت سان وي او اي جي تيار ڪيل خصوصي رپورٽ مان ورتل)

XS
SM
MD
LG