ان پيشن گوئيءَ جي روشنيءَ ۾ ته ايندڙ مهيني وڌيڪ منيهن پوندا ۽ صورت حال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، گڏيل قومن جي اداري پاڪستان جي لاءِ پنهنجي امدادي ڪم ۾ تيزي آندي آهي.
مون سون ۾ پاڪستان ۾ پيل طوفاني بارشن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1200 ماڻهو مري ويا آهن، ٽي ڪروڙ ۽ 30 لکن کان مٿي متاثر ٿي چڪا آهن، لکين بي گهر ٿيا آهن، جڏهن ته گهر ۽ انفرا اسٽرڪچر يا ته وسيع پيماني تي تباه ٿيو آهي يا ان کي نقصان پهتو آهي.
ايندڙ هفتن دوران وڌيڪ مينهوڳيءَ جي پيشن گوئيءَ کان پوءِ امدادي ادارا متحرڪ ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن جي مهاجرن جي ايجنسيءَ اطلاع ڏنو آهي ته هوائي جهاز جي نون امدادي پروازن منجهان پهريون ٽي فلائيٽس سومر ڏينهن پاڪستان پهتيون جن ۾ سمهڻ جا تڏا، بورچي خاني جي ٿانون جا سيٽ، ترپالون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ڇهه وڌيڪ فلائيٽس اربع ۽ خميص ڏينهن دبئيءَ مان روانيون ٿينديون.
جينيوا مان وائس آف آمريڪا جي نامه نگار، لزا شلائين پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ‘يو اين ايڇ سي آر‘ جي ايشيا پيسيفڪ جي ڊائريڪٽر، اندريڪا رتوتيءَ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ازبڪستان مان ٽرڪن ذريعي خيمان ۽ اهم ضروري امدادي شيون پاڪستان پهچنديون. هن چيو ته ترجيحي بنياد تي سيلاب کان شديد طور تي متاثر علائقن ڏانهن ابتدائي ضروري گهريلو استعمال جون شيون پهچايون پيون وڃن، ته جيئن انهن جي فوري تقسيم ممڪن ٿي سگهي.
سندس لفظن ۾، هو پنهنجن علائقن مان ٻاهر نڪرڻ نه ٿا گهرن ڇو ته هنن وٽ جيڪو ڪجهه بچيو آهي هو ان تي گزارو ڪرڻ گهرن ٿا.
رتوتيءَ ٻڌايو ته کاڌي پيتي جي شين جي تمام گهڻي کوٽ ٿيڻ جو انديشو آهي ڇو ته ظاهر آهي فصل تباه ٿي ويا آهن، ۽ جيڪو ڪجهه متاثرين وٽ رهجي ويو آهي انهن تي سندن گزارو نه ٿو ٿي سگهي. مال متاءُ ۽ ڍور ڍڳا مري چڪا آهن. ان ڪري، جيڪو ڪجهه بچيو آهي اهو ڪافي ڪونهي، جڏهن ته امداد جي ضرورت تمام گهڻي آهي.
رتوتي چيو ته يو اين ايڇ سي آر ملڪ ۾ اسٽاڪ ۾ موجود سموري امداد رواني ڪئي آهي ته جيئن تمام مشڪل ۾ ڦاٿل 4،20،000 افغان مهاجر ۽ اهي پاڪستاني ڪموينٽيز جيڪي پهرين سندن ميزباني ڪري رهيا هيا تن جي لاءِ امداد موڪلي پئي وڃي.
هن وقت پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 30 لک افغان مهاجر رجسٽر ٿيل آهن.
گڏيل قومن جي صحت جي اداري پنهنجي طرفان هڪ ڪروڙ 50 لک ضروري دوائن جي رسد فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڻي صاف ڪرڻ واريون ٽڪيون، پاڻي ڀرڻ وارا وڏا ٿانو، خيما ۽ هنگامي صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل رسد شامل آهي.
ڊبليو ايڇ او جي ترجمان، طارق جساريڪ چيو آهي ته ان ڳالهه جي فوري ضرورت آهي ته بيمارن جي چڪاس ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن بيماريءَ جي ڦهلجڻ کان اڳ قدم کڻي سگهجي، صحت جي سهولتن کي بهتر بنايو وڃي، متاثر ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي صحت جي سار سنڀال لهڻ لاءِ وقتائتا قدم کنيان وڃن.
طارق جساريڪ وڌيڪ ٻڌايو ته صورت حال تمام خراب رخ اختيار ڪري سگهي ٿي ڇو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جتي جي هيڻن طبقن جي صحت کي وڌيڪ خطرو ٿي سگهي ٿو. ايندڙ مهينن دوران مون سون جي وڌيڪ مينهوڳيءَ کان اڳ هر قسم جي اضافي تياري مڪمل ڪرڻ گهرجي.
صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سيلاب جي ڪري 1000 کان وڌيڪ صحت جي سهولتن کي نقصان پهچي چڪو آهي جڏهن ته 430 کان وڌيڪ تباه ٿي ويون آهن. ان صورت حال ۾ صحت جي سهولتن، لازمي دوائن ۽ طبي آلات تائين رسائي محدود ٿي چڪي آهي. ساڳئي ئي نموني سان بيمارين جي علاج، زخمين جي سار سنڀال ۽ نفسياتي مريضن جو علاج وڌيڪ ڏکيو ٿي چڪو آهي.