عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) پاڪستان جي لاءِ چار ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن منجهان هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر (1.17 بلين ڊالر) جي پهرين قسط فوري طور تي جاري ڪئي پئي وڃي.
سومر ڏينهن واشنگٽن ۾ آئي ايم ايف جي بورڊ جي ميمبرن پاڪستان متعلق هڪ اجلاس ۾ آئي ايم ايف جي معاشي پروگرام جي ستين ۽ اٺين جائزي کان پوءِ هن جي منظوري ڏني آهي.
ان کان اڳ جولائيءَ ۾ آئي ايم ايف ۽ پاڪستان جي عمل دارن جي وچ ۾ عملي جي سطح تي هڪ معاهدو ٿيو هو جنهن هيٺ پاڪستان کي ڏيوالي جي امڪان منجهان ڪڍڻ لاءِ چار ارب 20 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو منظوري ڏني وئي هئي. هن معاهدي کي آئي ايم ايف جي اگزيڪٽو بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ اربع ڏينهن تقريبا 1.2 ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.
پاڪستان جي خزاني جي وزير، مفتاح إسماعيل ۽ منصوبه بندي ۽ ترقيءَ جي وزير، احسن اقبال آئي ايم ايف کان قرض جي پروگرام جي بحاليءَ ۽ 1.17 ارب ڊالر جي قسط جي جاري ٿيڻ جي فيصلي جو خير مقدم ڪيو هو ۽ توقع ظاهر ڪئي هئي ته هيءَ رقم هڪ ٻن ڏينهن ۾ پاڪستان کي منتقل ٿي ويندي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، معاشي معاملن جي ماهر، سينئر صحافي، خرم حسين چيو ته آئي ايم ايف جي قسط ٻين ملڪن کان به رقم ملڻ جي راه هموار ڪندي.
ارم عباسيءَ پهنهجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته آئي ايم ايف جو هيءُ پيڪيج ان ڪري اهم آهي جو ان جي راه هموار ٿيڻ کان پوءِ ٻين ملڪن کان ملڻ واري مالي امداد اچڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويندو. پاڪستان جي معاشي مسئلن جي نسبت آئي ايم ايف جي طرفان هيءَ رقم ڪافي ڪونهي، ليڪن ان سان عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پاران فنڊنگ جي رستو کولڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان حڪومت مطابق، هن آئي ايم ايف جو هي مطالبو پورو ڪيو آهي جنهن مطابق پاڪستان کي چيو ويو هو ته هو ان مالي سال جي لاءِ سيڙپ ۽ قرضن جي شڪل ۾ 37 ارب ڊالر وڌيڪ جمع ڪري ته جيئن هو سري لنڪا وانگر ڏيوالي ٿيڻ جي طرف نه وڃي.
پاڪستاني عمل دارن جو چوڻ آهي ته موجوده قرضن ۾ چين جي پاران ڏهه ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم شامل آهي جنهن جي ادائگيءَ جي لاءِ واڌو وقت ڏنو ويو آهي.
عمل دارن مطابق، سعودي عرب گزريل هفتي اعلان ڪيو هو ته هو پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپ ڪندو. متحده عرب امارات به ايتري ئي رقم سان پاڪستان جي واپار جي شعبي ۾ سيڙپ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گزريل هفتي قطر به پاڪستان ۾ ٽن ارب ڊالر جي سرمايه ڪاريءَ جو اعلان ڪيو هو.
ان سلسلي ۾ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، ايٽلانٽڪ ڪائونسل جي ايشيا پروگرام جي ڊائريڪٽر، عزيز يونس چيو آهي ته پاڪستان کي انهن رقمن جي دستيابي فوري گهرجن جي لاءِ ته ڪافي آهي، پر جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ اچي ٿي ته صورت حال مختلف ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان جي لاءِ آئي ايم ايف ۽ ٻين دوست ملڪن جي مالي مدد جي پيش ڪش ملائي تقريبا 15 ارب ڊالر جي رقم ٺهي ٿي. ان ڪري پاڪستان آئنده مالي سال جي لاءِ معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ جو ڪنهن حد تائين اهل ٿي ويندو. ليڪن روس جي يوڪرين ۾ جاري جنگ جي ڪري جيڪڏهن تيل ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ قيمتون ٻيهر وڌن ٿيون ته پاڪستان جي معاشي صورت حال خطري ۾ هوندي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سيلاب جي صورت حال به معاشي ٻوجهه ۾ اضافو ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ مون سون جي بارشن جي ڪري اچڻ واري سيلاب ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. اهو سڀ ڪجهه اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن پاڪستان اڳ ۾ ئي معاشي بحران سان نبرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
آئي ايم ايف پهريان ئي چئي چڪو آهي ته پاڪستان هڪ مشڪل معاشي موڙ تي آهي. اداري چيو آهي ته بين الاقوامي معاشي ماحول ۽ پاڪستان جي اندروني پاليسين جي ڪري طلب غير مستحڪم سطح تائين پهچي چڪي آهي. آئي ايم ايف مطابق، هن پروگرام ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، آئي ايم ايف جي تعاون سان هلڻ واري پروگرام جي مطابق پاليسي اصلاحات ڪرڻ ترجيحات ۾ شامل آهي.
ان سلسلي ۾ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، خرم حسين چيو ته معيشت ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۾ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي.