رسائی کے لنکس

سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا جو بي لوث بانيڪار لاڏاڻو ڪري ويو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

عالمي بينڪ جو اڳوڻو سينئر آفيسر، دانشور ۽ آمريڪا ۾ سنڌي ڪميونٽيءَ جو نامور خيرخواه، سائين علي نواز ميمڻ جمعي، 30 ڊسمبر 2022 تي ميري لينڊ جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندن نمازجنازه ۽ تدفين ڇنڇر ڏينهن ٿي جنهن ۾ سندن مٽ مائٽ، دوست، احباب، سڄڻ ۽ مداحن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

زندگيءَ ۾ سائين علي نواز ميمڻ بيشمار پنهنجي پرائي کي دڳ لاتو، هڙئون وڙئون مدد ڪئي ۽ هڪ پهتل طبيب وانگر وڌڻ ويجهڻ جي تجربي جا نسخا ڏنا ۽ دعائون کٽيون. هنن هتي رهندي سنڌواسين جي هر ڪا واهر ڪئي ۽ پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو هنر عطا ڪيو.

پاڻ نيڪ انسان هيا، جن جي خانداني ۽ سلڇڻي پالنا ۽ تربيت ۽ سندن پنهنجيءَ محنت ۽ اتم ڪردار کين هڪ مٿاهون مقام نصيب ڪيو هو. ڀٽائيءَ جو هي بيت چوندا هيا ته، ’جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه نه تنين وٽ’.

سندن مداحن جي لسٽ وڏي آهي. پر سنڌي ڪميونٽيءَ تي سندن پڌرا نقش آهن، جن جون آمريڪا ۾ گڏجاڻيون، ڪچهريون ۽ ڏک سور ۾ ڪم اچڻ جون اڻ ملهه روايتون سندن دم سان قائم هيون. عام ڀلائيءَ واري ثقافتي تنظيم، ’سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا’ جي بي لوث بانيڪارن منجهان هيا ۽ پاڻ ڪيترن جو هٿ وٺي تربيت ڏنائون، جيڪي هميشه لاءِ سندن دعاگو آهن.

کين خراج عقيدت پيش ڪندي، سندن دوست ساٿي ان ڳالهه کي ورجائن ٿا ته سائين علي نواز ميمڻ ٻاجهارو، نرم لهجي وارو ۽ يگانو انسان هيو، جنهن پنهنجي خداداد صلاحيت، محنت، علميت ۽ تجربي جي بنياد تي آمريڪي سنڌي ڪميونٽيءَ جو مان مٿاهون ڪيو.

سندن والد جو نالو عبدالفتاح ميمڻ هو، جيڪو سنڌ جو هڪ نامور وڪيل، سياست دان ۽ سفارت ڪار هيو، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير رهيو.

علي نواز ميمڻ 28 سيپٽمبر 1941 ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، جتي سندن پرائمري جي تعليم قاضي محلي ۾ ٿي. بعد ۾ سندن خاندان لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن گورنمينٽ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ سال 1958 ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ ٽاپ ڪيائون. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڊي جي سائنس ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائون. جنهن کان پوءِ سندن والد کين اعلي تعليم جي لاءِ آمريڪا موڪليو.

ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ هڪ سيميناردوران تقريرڪندي
ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ هڪ سيميناردوران تقريرڪندي

هنن اوريگن ۽ پوءِ شڪاگو ۾ اعلي تعليم ورتي. سال1964 ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندن پهرين باقاعده ملازمت موٽوريلا ڪمپنيءَ پاران ايشيا جي لاءِ سيلز ايڊمنسٽريٽر جي طور تي هئي ۽ ٽن سالن تائين اها ملازمت ڪيائون.

بعد ۾ واشنگٽن ۾عالمي بينڪ ۾ ملازمت جي لاءِ درخواست ڏنائون. کين صلاح ڏني وئي ته پاڻ هڪ پروگرام جي لاءِ درخواست ڏين جنهن ۾ ڏهه هزار نوجوان امتحان جي لاءِ وهندا. هنن ائين ئي ڪيو ۽ امتحان ۾ ويٺا. انهن منجهان 16 ڄڻا پاس ٿيا، ڪامياب ٿيڻ وارن ۾ سندن نالو به شامل هيو. عالمي بينڪ ۾ هنن 30 ورهه ڪم ڪيو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ترقياتي منصوبن کي ترتيب ڏيڻ ۽ نافذ ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

ورلڊ بينڪ ۾ ملازمت ملڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ويا جتي 16 سيپٽمبر 1967 تي سندن شادي ٿي.

عالمي بينڪ ۾ ڪم دوران هنن پاڪستان ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن ۽ واپڊا جي لاءِ پراجيڪٽن تي به ڪم ڪيو. کين پاڪستان حڪومت پاران ’نيپرا’ جي چيئرمين جي ملازمت ڏني وئي، جنهن جي چارج هن 11 آڪٽوبر 1996۾ ورتي. بعد ۾ ايشئن ڊولپمنيٽ بينڪ جي منصوبي تي ڪم ڪيو. علي نواز ميمڻ صاحب پاڪستان جي بجليءَ ۽ پاڻيءَ جي منصوبن متعلق گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهرن پيا، جن ۾ خاص طور تي سنڌ جو فائدو ٿي سگهي ها، پر سندن مهارت مان ڪو خاص فائدو نه ورتو ويو.

پوئنيرن ۾ سندن گهر واري ۽ اولاد ۾ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي شامل آهن ۽ سڀئي پنهنجي اعلي تعليم ۽ محنت سان مان واري زندگي گزاري رهيا آهن.

سائين علي نواز ميمڻ جا ويجها مٽ مائٽ ۽ لهه و چڙهه ۾ ايندڙ مرحوم جي ٻاجهارائپ ۽ سڀني جو خيال ڪرڻ ۽ ڪم اچڻ واري طبيعت جي واکاڻ ڪن ٿا. ٻڌائن ٿا ته آخري لمحي تائين کين پنهنجو فڪر ڪونه هيو، فڪر هين ته رڳو پنهنجن پيارن ۽ سنگتين ساٿين جو. هڪ عرصي تائين سنڌي ڪميونٽي سندن لاڏاڻي جي خلا محسوس ڪندي رهندي.

نوجوانن جي لاءِ سندن نصيحت اها هوندي هئي ته ڪاميابيءَ جو هڪ ئي نسخو آهي ۽ اهو آهي ’سچيءَ دل سان ڏينهن رات محنت’. سندن چوڻ هو ته، ’’محنت کان نه ڪيٻائجو. رب ۾ سچو ويساه رکو ۽ توهان کي هر صورت ڪاميابي نصيب ٿيندي’’.

ڀٽائيءَ چيو آهي ته، ’وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻنهان ميٺ گهڻو’.

راڻا هيس رئي تو سائين مون سون ڪيو،

منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي،

ته ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپا ڏيئي،

ساجن سڀوئي منهنجون ڍڪيون ڍول ڍلائيون.

XS
SM
MD
LG