ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائينل ۾ انگلينڊ هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان هارائي فائينل ۾ جاءِ بڻائي آهي، جنهن جو آچر ڏينهن پاڪستان سان مقابلو ٿيندو.
ڀارت جي پاران ڏنل 168 رنسن جي هدف تي پهچڻ لاءِ انگلش اوپنرز ايلڪس هيلز ۽ جوس بٽلر جارحانه اڌ سنچريون ٺاهي ڀارت کي ٽورنامنٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
ايلڪس هيلز ستن ڇڪن ۽ چئن چونڪن جي مدد سان 47 بالن تي 86 رنسون ٺاهيون، جوس بٽلر 49 بالن تي 80 رنز ٺاهيا.
ڀارت پاران انگلش رانديگرن کي رنسن کان روڪڻ جون ڪوششون ناڪام رهيون، ايتريءَ حد تائين جو اسپنرز به انگلش بيٽسمينز کي ’ٽف ٽائيم’ نه ڏئي سگهيا.
انگلش ڪپتان جوس بٽلر ٽاس کٽي پهرين ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت جو آغاز ايترو سٺو نه هيو. اوپنر ڪي ايل راهول صرف پنج رنسون ٺاهي ڪرس ووڪس جي بال تي وڪيٽن جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿيو.
جڏهن ڀارت جو اسڪور 56 ٿيو ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما 28 بالن تي 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. وارٽ ڪوهليءَ 40 بالن تي 50 رنسون ٺاهي هڪ اينڊ کي سنڀالي رکيو.
ڀارت جي جارح مزاج بيٽسمين سوريا ڪمار ياديو 10 بالن تي 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ليڪن ڀارتي اننگز جي خاص ڳالهه آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا جي جارحانه بيٽنگ هئي. هن پنج ڇڪن ۽ چئن چونڪن جي مدد سان صرف 33 بالن تي 63 رنز ٺاهي ڀارت جو ٽوٽل 168 تائين پهچايو.
انگلينڊ جي طرفان عادل رشيد چئن اوورن ۾ 20 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڪرس ووڪس ٽن اوورن ۾ 24 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سيم ڪرن چئن اوورز ۾ 42 رنز ڏنا، ڪرس چارڊن چئن اوورن ۾ 43 رنسون ڏئي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.
ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون هيون. مارڪ ووڊ انجري جو شڪار هو ۽ ڊيوڊ مولان جي جاءِ فل سولٽ ۽ ڪرس چارڊن کي فائينل اليون ۾ جڳهه ڏني وئي.
انگليڊ جي ٽيم ۾ ڪپتان جوس بٽلر، فل سولٽ، هيري بروڪ، ايلڪس هيلز، بين اسٽوڪس، ليام ليونگسٽن، معين علي، سيم ڪرن، ڪرس ووڪس، ڪرس چارڊن ۽ عادل رشيد شامل هيا.
ڀارت جي ٽيم ڪپتان روهت شرما، ڪي ايل راهول، وارٽ ڪوهلي، سوريا ڪمار ياديو، رشڀ پنت، هاردڪ پانڊيا، اڪشر پٽيل، روي چندرن ايشون، ڀونيشور ڪمار، ارشديپ سنگهه ۽ محمد شاميءَ تي مشتمل هئي.
ڀارت پنهنجي ليگ ميچز ۾ پاڪستان، زمبابوي، بنگلا ديش ۽ نيدرلينڊز کي هارائي سيمي فائينل ۾ جاءِ ٺاهي هئي، جڏهن ته سائوٿ آفريقا جي خلاف ميچ ۾ ان کي شڪست ملي هئي.
ٻئي پاسي، انگلينڊ جي ٽيم نيوزي لينڊ، سري لنڪا ۽ نيوزي لينڊ کي هارايو هو، جڏهن ته آئرلينڊ جي خلاف ان کي ’ڊڪويس لوئيس ميٿڊ’ تحت هار ٿي، هوڏانهن آسٽريليا جي خلاف ان جو ميچ برسات جي ڪري منسوخ ڪيو ويو هو.
ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائينل ۾ پاڪستان نيوزي لينڊ کي ستن وڪيٽن تان هارايو هو.