ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سيليڪٽر، چيتن شرما جي هن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڀارت ۾ ڦڙڦوٽ وجھي ڇڏي آهي ته ڪيترائي ڀارتي ڪرڪيٽر پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ ’’انجيڪشن’’ لڳائن ٿا.
شرما چيو آهي ته اهي انجيڪشن سور گهٽائڻ وارا (پين ڪلر) ناھن، پر انھن ۾ ڊرگز (دوائون جن جي ڪري ڪارڪردگيءَ تي اثر پوي ٿو) هونديون آهن، جن کي ’ڊوپ ٽيسٽ’ ۾ به پڪڙي نه ٿو سگهجي.
چيف سيليڪٽر اهو انڪشاف ڀارتي ٽي وي چينل ’زي نيوز‘ جي اسٽنگ آپريشن دوران ڪيو، جنهن جي وڊيو اڱاري تي جاري ڪئي وئي. چيتن شرما دعويٰ ڪئي ته ’’ڀارتي ڪرڪيٽر جڏهن 80 سيڪڙو فٽ ھوندا آهن ته پاڻ کي انجيڪشن ھڻي 100 سيڪڙو فٽ ٿي ويندا آھن’’.
هن وڌيڪ چيو ته مڪمل فٽ نه هئڻ جي باوجود ڪجهه اسٽار رانديگرن کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ طرفان کيڏڻ جو گرين سگنل ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ کين ٽيم ۾ شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو معاملو سيليڪٽرن وٽ آيو.
چيف سيليڪٽر موجب، ”اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڀارتي ٽيم ۾ ڪير کيڏندو ۽ ڪهڙي رانديگر جو ٽيم ۾ مستقبل آهي. اسان رانديگرن کي سڏائي پڇنداسين ته اوھان ٽيم لاءِ کيڏندئو يا نه؟ جنهن رانديگر جي ضرورت ناهي تنھن کي ٻڌائبو ته توهان جي گهرج ڪانهي’’.
چيتن شرما اهو پڻ چيو ته اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اڳوڻي بي سي سي آءِ صدر سارو گنگولي وچ ۾ انا جو مسئلو هيو. ڪوهلي سمجهندو هو ته کيس ون ڊي ٽيم جي ڪپتانيءَ تان هٽائڻ جو ذميوار گنگولي آھي.
هن چيو ته گزريل سال ڏکڻ آفريڪا جي دوري کان اڳ ڪوهليءَ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن دوران الائي ڇاجي لاءِ هن ڪپتانيءَ وارو معاملو ڇيڙيو. ان کان پوءِ تڪرار پيدا ٿي ويو هو. چيتن شرما موجب شايد ڪوهلي اهو ڪنهن مقصد لاءِ ڪيو هو
واضح رهي ته 2021ع ۾ ڪوهلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته سيليڪٽرز کيس ون ڊي ٽيم جي اڳواڻيءَ تان هٽائي ڇڏيو آهي.
چيتن شرما موجب ڪوهليءَ پريس ڪانفرنس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ھو ۽ اڄ ڏيھن تائين اها خبر ناهي پئجي سگهي ته ڪوهلي ائين ڇو ڪيو ھو.
چيتن شرما چيو ته گنگولي ۽ ڪوهلي جو تڪرار اڳتي ھلي رانديگرن ۽ بورڊ جي پاڻ ۾ڏي وٺ ۾تبديل ٿي ويو. ان معاملي ۾ ڏوھاري ڪير هو، تنھن جو فيصلو اڃا ٿيڻو آهي پر ان مسئلي ۾ ڪرڪيٽ بورڊ تي سڌا سنوان الزام مڙهيا ويا.
شرما چيو ته هن رانديگرن کي خبردار ڪري ڇڏيو ھو ته اهڙين ڳالهين سان سندن ئي نقصان ٿيندو.
ڀارتي ميڊيا موجب، چيف سيليڪٽر جي اھڙي وڊيو سامھون اچڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ بورڊ معاملي تي غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڀارتي خبرن جي اداري، ’پريس ٽرسٽ آف انڊيا’ ٻڌايو آهي ته چيتن شرما سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو وڊيو تي رد عمل ڏيڻ لاءِ دستاب نه هو.
واضح رهي ته گذريل سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي بيڪار ڪارڪردگيءَ تي ڪرڪيٽ بورڊ چيتن شرما کي چيف سيليڪٽر جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، پر 7 جنوري تي کيس ٻيهر ٽيم جو چيف سليڪٽر بڻايو ويو آهي.