تهران جي عدالتن سيپٽمبر ۾ پوليس جي حراست ۾ مهسا امينيءَ جي فوتگيءَ جي خلاف شروع ٿيڻ وارن مظاهرن کان پوءِ مختلف الزامن تي سزائون ٻڌائي 400 ڄڻن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ايران جي عدليه چيو آهي ته ڏوهين کي 10 سالن تائين قيد جي سزا ڏني وئي آهي.
ٻاويهن ورهن هي ڪرد عورت کي ملڪ ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل اخلاقي ضابطن تي عمل درآمد ڪرائڻ واري پوليس ان وقت گرفتار ڪيو هو جڏهن هوءَ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ تهران اچي رهي هئي. پوليس الزام لڳايو هو ته هن عورتن جي لاءِ مقرر ڪيل لباس جي ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ پنهنجي مٿي کي ڍڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
مهسا امينيءَ جي گزاري وڃڻ کان پوءِ ٽي مهينا گزرڻ جي باوجود به ايران مسلسل مظاهرن جي زد ۾ آهي، جڏهن ته حڪومت طاقت جي ڀرپور استعمال جي ذريعي مظاهرن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مهسا کي دفنائڻ جي رسمن ۾ شرڪت کان به ماڻهن کي روڪيو ويو هو.
انساني حقن جي گروهن چيو آهي ته ايران جي سيڪيورٽي فورسز هاڻي تائين 18000کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي چڪي آهي ۽ انهن منجهان 2000کان وڌيڪ تي مقدمه هلي رهيا آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻن ڪي موت جون سزائون ملڪي چڪيون آهن، جن منجهان ٻن جي ڦاسين تي عمل درآمد ٿي چڪو آهي، جنهن جي سموري دنيا ۾ مذمت ڪئي پئي وڃي.
تهران جي عدالت جي سربراه علي الغاسي مهر چيو آهي ته تهران جي صوبي ۾ فسادين جي مقدمن جي حاضريءَ دوران 160 ماڻهن کي 10 سال قيد، 80 کي ٻن کان پنجن سالن ۽ 160 کي ٻن سالن تائين جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
علي الغاسي مهر جو هيءُ بيان ايراني عدالت جي آن لائين ويب سائيٽ ’ميزان’ تي ڇپيل آهي.
اسلامي جمهوريه گزريل هفتي بدامنيءَ جي سلسلي ۾ جن ٻن ماڻهن کي ڦاسي ڏني وئي هئي انهن جا نالا مواحد رضا رهنورد ۽ محسن شڪاري هيا. انهن ۾ شڪاريءَ کي خميص ۽ رهنورد کي سومر ڏينهن ڦاسي ڏني وئي.
رهنورد کي ايران جي شهر مشهد ۾ کلي عام ڦاسي ڏني وئي جنهن جي لاءِ هن کي هڪ ڪرين تي رسو ٻڌي لٽڪايو ويو.
ايران چيو آهي ته رهنورد کي اسلامي شرعي قانون هيٺ ’محاربه’ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي، جنهن جو مطلب آهي ’خدا جي خلاف جنگ يا دشمي’. اهو هڪ وڏو ڏوهه آهي جنهن جي سزا موت آهي.
ٻن ڦاسين کان اڳ ايران جي عدليه چيو هو ته هن مظاهرن جي دوران مختلف ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪرڻ وارن 11 فردن کي موت جي سزا ٻڌائي آهي. انساني حقن جي گروهن جو چوڻ آهي ته تقريبا هڪ درجن ٻين ماڻهن کي اهڙا الزام آڏو آهن جن جي ڪري انهن کي موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
سيپٽمبر کان وٺي جڏهن مظاهرا شروع ٿيا، هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايران جي اعلي سيڪيورٽي اداري 3 ڊسمبر تي چيو هو ته بدامنيءَ ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته انساني حقن جي گروهن دعوا ڪئي آهي ته مارجي ويلن جو تعداد 400 کان وڌيڪ آهي.
(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)