رسائی کے لنکس

جان بولٽن جي قتل جي سازش رچائڻ واري ايراني منصوبه ساز جي خلاف فرد جرم عائد


ايف بي آئي جي هن پوسٽر ۾ مطلوب ملزم شهرام پورسفي، جنهن کي تهران، ايران جو مهدي رضوي به سڏيو ويندو آهي، آمريڪي محڪمه انصاف پاران سندس جاري ڪيل تصوير.
ايف بي آئي جي هن پوسٽر ۾ مطلوب ملزم شهرام پورسفي، جنهن کي تهران، ايران جو مهدي رضوي به سڏيو ويندو آهي، آمريڪي محڪمه انصاف پاران سندس جاري ڪيل تصوير.

انصاف جي آمريڪي محڪمي اربع ڏينهن ٻڌايو آهي ته هڪ ايراني ڪارندي تي فرد جرم عائد ڪيوويو آهي، جنهن تي ٽرمپ انتظاميا جي دور جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار، جان بولٽن کي قتل ڪرڻ جي منصوبه بنديءَ جو الزام آهي، جنهن جو سبب ايران جي مقبول ۽ طاقتور جنرل جي مارجي وڃڻ جو بدلو وٺڻ ٻڌايو ٿو وڃي.

آمريڪي عمل دارن ٻڌايو آهي ته ملزم، شهرام پورسفي ايران جي پاسداران انقلاب جي محافظ دستي جو رڪن آهي، جنهن جي ايف بي آئي کي اڃان تائين انتهائي گهربل شخص طور تلاش آهي، جنهن تي اجرتي قاتل جي معرفت ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جو الزام آهي.

استغاثي جو چوڻ آهي ته رچيل ان سازش جو مقصد قاسم سليمانيءَ جي هلاڪت جو بدلو وٺڻ هو، جنهن کي جنوري 2020 ۾ هڪ آپريشن دوران ايران ۾ ماريو ويو هو. سليماني ايران جي جديد تربيت يافته قدس فورس جي سربراه هو.

هڪ بيان ۾، هن ڪيس کي باضابطه قانوني شڪل ڏئي اڳتي وڌائڻ تي بولٽن ايف بي آئي ۽ آمريڪي محڪمه انصاف جو ٿورو مڃيو آهي.

بولٽن جي لفظن ۾، في الحال ان معاملي تي کلي طرح نه ٿو ڳالهائي سگهجي، پر اها حقيقت غير متنازع آهي ته ايران جا حڪمران ڪوڙا، دهشت گرد ۽ آمريڪا جا دشمن آهن.

انصاف جي آمريڪي محڪمي ۾ قومي سلامتيءَ جي چوٽيءَ جي عمل دار ۽ معاون اٽارني جنرل، ميٿيو اولسن چيو آهي ته اها ڪا پهرين ايراني سازش ڪانهي جنهن جو مقصد آمريڪي سرزمين تي ڪنهن اهم شخص کان بدلو وٺڻ هجي، ۽ اسان هر ڪنهن مڪروه ارادن کي پڌرو ڪرڻ ۽ انهن کي روڪڻ جي اڻٿڪ جدوجهد جاري رکنداسين.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG