مشڪل ۾جڪڙيل ايران جي ڪرنسي سومر ڏينهن هڪ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ 500،000 ريال جي نفسياتي اهم انگ کان به هيٺ ڪري پئي، جڏهن ته عالمي پابندين جي خاتمي جا ڪي به آثار ڪونهن.
ايراني ڪرنسيءَ جي تبادلي جي شرح جا انگ اکر ڪٺا ڪرڻ واري اداري، ’بونباسٽ.ڪام’ جي مطابق، إيراني ريال آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ 501300 جي نئين گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪو آهي.
ريال جو قدر اڃان وڌيڪ ڪرڻ جي آثارن جي پيش نظر شهري جن کي اڳ ۾ ئي تقريبا 50 في صد افراط زر جي بلند شرح درپيش آهي، پنهنجي بچتن جي تحفظ جي لاءِ ڊالر ۽ ٻيون مضبوط ڪرنسيون يا سون خريدي رهيا آهن.
سال 2018 ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاران آمريڪي پابندين جي ٻيهر نافذ ڪرڻ جي ڪري ايران جي تيل جي برآمدات ۽ غير ملڪي ڪرنسيءَ تائين رسائي محدود ٿي وئي هئي، جنهن جي معيشت کي سخت نقصان پهتو هو.
ايران ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ جوهري پروگرام کي روڪڻ جي بدلي ايران تان پابنديون هٽائڻ جي لاءِ جوهري مذاڪرات سيپٽمبر کان پوءِ تعطل جو شڪار آهن، جنهن جي ڪري مستقبل ۾ به اقتصادي بهتريءَ جي ڪا اميد ڪانهي.
بونباسٽ ڊاٽ ڪام جي مطابق، گزريل ڇهن مهينن جي دوران ايران جي ڪرنسيءَ جي قدر ۾ تقريبا 60 في صد گهٽتائي آئي آهي.
انهيءَ دوران، ايران جي مرڪزي بينڪ چيو آهي ته اهو هڪ نئون فارين ايڪسچينج سينٽر کولي رهيو آهي ته جيئن زرمبادله تائين رسائي سولي ٿي پوي ۽ سرڪاري ڏي وٺ جو مقدار وڌي وڃي
مرڪزي بينڪ جي گورنر، محمد رضا فرزين سومر ڏينهن سرڪاري ٽيلي ويزن کي ٻڌايو ته ’’زر مبادله جي ان مرڪز ۾ ايراني ۽ غير ملڪي ڪرنسين جي مقرر ٿيڻ واري شرح مارڪيٽ جي به شرح تبادله بڻجي وئي، جنهن جي ڪري ڪرنسيءَ جي متعلق توقعات ختم ٿي ويون، جيڪا صورت حال ايران جي مالياتي حالت جي باري ۾ اسان جي اندازن جي صحيح عڪاسي نه ٿي ڪري’’.
ايران جي سرڪاري خبرن جي اداري، ’ارنا’ مطابق، غير ملڪي ڪرنسين جي قدر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي اهم ڪم جي لاءِ ڊسمبر ۾ فرزين کي مرڪزي بينڪ جو گورنر لڳايو ويو هو.
(هن ۾ شامل معلومات جو ڪجهه مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)