لاهور هائي ڪورٽ اليڪشن ڪميشن و ڳوڙ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضيا الرحمان مطابق، عدالت عمران خان کي هدايت ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو حفاظتي ضمانت گهري ٿو ته خميص تي شام جو ساڍي ڇهين وڳي عدالت ۾ پيش ٿئي.
جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس شهباز رضويءَ تي مشتمل بينچ درخواست تي حاضريءَ جي ڪاروائي هلائي.
جسٽس علي باقر نجفيءَ ريمارڪس ڏنا ته ’’ڪاٿي آهي عمران خان؟’’ جنهن تي عدالت جي وڪيلن چيو ته هو رستي ۾ آهي. جنهن تي جسٽس علي باقر نجفيءَ چيو ته ’’هيءَ عدالت آهي’’. عمران خان کي ساڍي ڇهين جو وقت ڏنو ويو هو. جيئن ته هو نه آيو آهي، تنهن جي ڪري درخواست خارج ڪئي ٿي وڃي.
عدالت چيو ته جيسيتائين ملزم پاڻ کي عدالت جي سپرد نه ٿو ڪري تيسيتائين ان معاملي تي پيش رفت نه ٿي ٿي سگهي.
خيال رهي ته اسلام آباد جي دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي عدالت اربع تي اليڪشن ڪميشن وڳوڙ جي مقدمي ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت مسترد ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ سندس گرفتاريءَ جو خطرو وڌي ويو هو.
اليڪشن ڪميشن توشه خانه فيصلي تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج ۽ مبينه طور تي ڏڦيڙ ڪيو هو، جنهن تي مقدمو درج ڪيو ويو هو.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان نومبر ۾ پاڻ تي ٿيڻ واري قاتلانه حملي کان پوءِ لاهور ۾ پنهنجي رهائش گاه تي رهندو آهي.