متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي رهنما ۽ قانون جي اڳوڻي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پاران حلقه بندين جو نوٽي فيڪيشن واپس وٺڻ کان پوءِ ٿيڻ وارن بلدياتي انتخابات جي ڪا قانوني حيثيت نه هوندي.
جمعي جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻين رهنمائن ساڻ اخباري ڪانفرنس ڪندي، هن چيو ته نئين حلقه بندين جي بغير بلدياتي چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن.
هن چيو ته سنڌ جي بلدياتي حڪومتن جي قانون ۾ حلقه بنديون ڪرڻ جو اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهي. انهن جي پاران حلقه بندين جو نوٽي فيڪيشن واپس وٺڻ کان پوءِ هاڻي چونڊون نه ٿي سگهنديون.
سندس بقول، حلقه بنديون اليڪشن ڪميشن جي اختيار جي دائري ۾ ناهن.
فروغ نسيم چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي فيصلو ڏئي ڇڏيو، جيڪو انصاف جي اصولن جي خلاف آهي.
ان سوال جي جواب ۾ ته گورنر بلدياتي انتخابات متعلق ڪو آرڊينينس جاري ڪرڻ وارو آهي، فروغ نسيم چيو ته ’’اهو گورنر جو قانوني اختيار آهي’’.
ايم ڪيو ايم جي سينيٽر فيصل سبزواريءَ چيو آهي ته جن چونڊن جي حلقه بندين کان وٺي ووٽر لسٽن تائين شفاف ناهن، اهي چونڊيون شفاف ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ اهو سوال اسان سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن تائين پهچائي چڪا آهيون.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم آدم شماريءَ جي اصلاح لاءِ ڪوششون ڪيون. تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم سان اتحاد ۾ به آدم شماريءَ جو سوال رکيو ويو هو.
سبزواريءَ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته حلقه بندين جو تعين ڪرڻ کان پوءِ انتخابات منعقد ڪرايا وڃن، ۽ اهي نئين حلقه بندين کان سواءِ نه ٿا ٿي سگهن.
سنڌ حڪومت جي درخواست مسترد، بلدياتي چونڊون 15 جنوريءَ تي ئي ٿينديون
اليڪشن ڪميشن ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي انتخابات ملتوي ڪرڻ جو سنڌ حڪومت جو اعلان مسترد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻنهين ڊويزنن جي مختلف ضلعن ۾ 15 جنوريءَ تي ئي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلو ڪيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيڻ واري اجلاس ۾ ڪميشن بلدياتي انتخابات ملتوي ڪرڻ جي سنڌ حڪومت جي درخواست تي غور ڪيو.
سنڌ حڪومت جي درخواست مسترد ڪندي، ڪميشن فيصلو ڪيو ته بلدياتي چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون ۽ ان سلسلي ۾ ڪميشن وزارت داخله کي چيو آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز لڳايا وڃن.
هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو جائزو وٺي رهي آهي.