ساوڻ جي مند شايد چـڱي ئي ان ڪري لڳندي آهي جو ان موسم ۾انب لهندا آهن. پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾گرميءَ جي مند ۾ ميوي جو بادشاه توهان کي هر گهر ۾نظر ايندو. نه صرف اهو بلڪه ريستورانن ۽ آئس ڪريم پارلرن تي به انبن مان ٺهندڙ مختلف سويئٽس ۽ شربتن جو بهار اچي ويندو آهي.
اڄ اسان توهان کي انهن کٽن، مٺن ۽ رسدار امبن واريون ڪجهه اهڙيون ڊشز ۽ مشروبات جون ترڪيبون ڏسينداسين جن کي توهان نه صرف گهر ۾ تيار ڪري سگهو ٿا بلڪه گرم موسم دوران پنهنجن مهمانن کي پيش ڪري کين خوش به ڪري سگهو ٿا.
مينگو پڊنگ
گرميءَ جي موسم ۾ جيڪڏهن توهان پنهنجي لاءِ انبن جي پڊنگ ٺاهڻ چاهيو ته ان لاءِ توهان کي انب، اڌ ڪوپ ڏهي ۽ هڪ کاڌي جو چمچو چيا جا ٻج (تخم شربتي) کپندا. توهان پڊنگ تيار ڪرڻ کان پوءِ ان کي سجائڻ لاءِ فودني جا پن به استعمال ڪري سگهو ٿا.
مينگو پڊنگ بنائڻ لاءِ سڀ کان پهرين توهان چيا جا ٻج ڏهيءِ ۾ ملايو. جيڪڏهن توهان گهاٽي پڊنگ کائڻ پسند نه ڪندا آهيو ته توهان ان کي ڇٽي ڪرڻ لاءِ ڏهيءَ ۾ پاڻي به ملائي سگهو ٿا. اهڙيءَ پڊنگ جي ترڪيب ڀارتي ويب سائيٽ، اين ڊي ٽي وي جي فوڊ بلاگ ۾ شيئر ڪئي وئي آهي.
ڏهي ۽ چيا جا ٻج ملائڻ کان پوءِ توهان ان آميزش کي گهٽ ۾ گهٽ 45 منٽ فرج ۾ رکي ڇڏيو. جڏهن هي ٿڌو ٿي وڃي ته توهان انب جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳتريون ڪٽي ۽ آميزي جي مٿان تهه ٺاهي رکو.
ان کان پوءِ ان کي هڪ ڀيرو وري پندرهن کان ويهن منٽن تائين فرج ۾ رکي ڇڏيو. هاڻي انب جي ٿڌي ٿڌي مينگو پڊنگ تيار آهي.
هن پڊنگ کي سجائڻ لاءِ بسڪوٽ جو چورو ۽ فودني جا پن به استعمال ڪري سگهجن ٿا.
فروزن مينگو مارگريٽا
گرميءَ جي موسم ۾ ٿڌي ٿڌي مينگو مارگريٽا ٺاهڻ لاءِ توهان کي سڀ کان پهرين ته سٺي قسم جا انب کپندا. ان کان سواءِ ليمون، فودنو ۽ سوڊا ڊرنڪ جي ضرورت پوندي.
فوڊ چينل فوڊ فيوزن جي پاران تيار ڪيل هن فروزن مينگو مارگريٽا کي ٽن کان چئن ڄڻن کي پيش ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين توهان لڳ ڀڳ 400 گرام انبن جون ننڍيون ننڍيون ڳتريون ٺاهيو ۽ انهن کي بلينڊ ڪيو. ان کان پوءِ بلينڊ ڪيل انبن کي برف ڄمائڻ واريءَ ٽري ۾ وجهي فريزر ۾ رکي ڇڏيو. ڄمائڻ لاءِ ان کي اٺن کان ڏهن ڪلاڪن تائين فريزر ۾ رکو.
ان کان پوءِ توهان بلينڊر ۾چانهن جي ٻن چمچن جي برابر ليمين جو جوس وجهو. ان ۾ ضرورت مطابق فودني جا پن وجهو ۽ ان ۾ ڄمايل انب جا ڇهه کان اٺ ڪيوبس وجهو.
ان سان گڏ توهان ان ۾ تقريبا‘ 500 ملي گرام مقدار ۾ ڪا به سوڊا ڊرنڪ شامل ڪيو ۽ سٺيءَ طرح بلينڊ ڪريو. ٿڌي ٿڌي مينگو مارگريٽا تيار آهي.
مينگو يوگرٽ پافي
گرم موسم ۾گهڻي ڀاڱي ڏهيءَ جو استعمال وڌي ويندو آهي. جيڪڏهن ڏهي ۽ انب کي ملائي ڪجهه تيار ڪيو وڃي ته انب جو تاثير توهان کي ٿڌو رکندو.
ٽن کان چئن ڄڻن لاءِ مينگو يوگرٽ پافي ٺاهڻ لاءِ توهان کي سڀ کان اڳ ۾ هڪ عدد ڪٽيل انب، ڏيڍ ڪوپ سڪل ۽ خشڪ ميوو، ڏيڍ ڪوپ ڏهي جنهن مان پاڻي ۽ چڪناهٽ نڪتل هجي، کاڌي جا ٽي چمچا سويئٽنر، چانهن جي اڌ چمچي جي برابر ننڍن فوٽن جو پائوڊر، پاڻيءَ ۾ ڀڳويل ٿورڙو زعفران، کاڌي جي چار چمچن برابر پاڻيءَ ۾ ڀڳويل تلسي جا ٻج گهربا. هيءَ ترڪيب ڀارتي ويب سائيٽ اين ڊي ٽي وي جي فوڊ بلاگ تي ڏنل آهي.
پافي تيار ڪرڻ لاءِ سب کان پهرين هڪ پياليءَ ۾ ڏهي، سويئٽنر، ننڍن فوٽن جو پائوڊر ۽ زعفران جو پاڻي شامل ڪريو ۽ ان کي سٺي نموني گڏائي ملايو. جڏهن اهي چڱيءَ طرح جذب ٿي وڃن ته ان کي پائپنگ بيگ ۾ وجهو ۽ ان جو ڪنارو ڪٽي ڇڏيو.
ان کان پوءِ هڪ گلاس کڻو ۽ پافي جو تهه ٺاهڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ خشڪ ميوي ۽ فروٽ جون ڳتريون شامل ڪريو جنهن جي مٿئون پائپنگ بيگ ۾ موجود ڏهيءَ جي آميزش جو تهه بنائڻ کان پوءِ ان ۾انب جون ڳتريون به شامل ڪريو. ان کان پوءِ ان تي چانهن جي چمچيءَ جيترا تلسيءَ جا ٻج وجهو.
انهن چئن شئين کي شامل ڪرڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر خشڪ ميوا ۽ فروٽ وجهو ۽ ڏهيءَ جي آميزي کي شامل ڪيو. وڌيڪ انب وجهي ان تي هڪ چانهن جي چمچي جيترا تلسي ءَ جا ٻج وجهو. توهان جي مزيدار مينگو يوگرٽ پافي تيار آهي.
ان جي سجاوٽ لاءِ توهان فودني جا پن به استعمال ڪري سگهو ٿا.
مينگو اسمودي
گرميءَ جي موسم ۾ مزيدار مينگو اسمودي جي لاءِ هڪ انب کي ڪٽي انهيءَ کي بلينڊ ڪريو ۽ ان جو پيسٽ تيار ڪيو. ان کان پوءِ ان ۾ ميش ٿيل هڪ ڪيلو يعني ڪيلي جو ڪچومر ملايو ۽ ٻنهين کي چڱيءَ طرح بلينڊ ڪريو.
ان کان پوءِ ان ۾ اڌ ڪوپ ڪوڪونٽ ملڪ شامل ڪيو. پوءِ ان ۾ هڪ چانهن جي چمچيءَ برابر ماکي شامل ڪري چڱيءَ طرح ملايو.
هاڻي ان گهاٽي مڪسچر کي هڪ پيالي ۾ ڪڍي ان کي ڪٽيل انبن ۽ ڪيلي سان سجايو ۽ آۡخر ۾ چيا، هنداڻي يا ڪدوءَ جا ٻج ڇڙڪيو. توهان جي اسمودي تيار ٿي چڪي آهي.