رسائی کے لنکس

رياض ۾ گولن جي برسات، ميسيءَ جي ٽيم رونالڊو اليون کي هارائڻ ۾ ڪامياب


ليونل ميسي ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو آمهون سامهون. پي ايس جي ۽ رياض سيزن فٽبال ٽيمن جو دوستانه مقابلو. اميتاڀ بچن خصوصي مهمان. 19 جنوري 2023.
ليونل ميسي ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو آمهون سامهون. پي ايس جي ۽ رياض سيزن فٽبال ٽيمن جو دوستانه مقابلو. اميتاڀ بچن خصوصي مهمان. 19 جنوري 2023.

نو گول، هڪ ريڊ ڪارڊ ۽ پنهنجي پسنديده رانديگرن کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي 68000 راند جي شوقينن جو شور. هي فٽبال جي ورلڊ ڪپ جو ڏيک ڪونهي، بلڪه سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ فٽبال جي ميلي جو ڏيک آهي، جنهن ۾ دنيا جي چوٽيءَ جي فٽ بالرن شرڪت ڪئي.

رياض ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ فرينچ فٽبال ڪلب ’باري سان زرمان’ جو هڪ دوستانه ميچ ۾ مقابلو رياض جي سيزن اليون سان هيو، جنهن ۾ رياض جي ٻن وڏن ڪلبن النصر ۽ الهلال جا بهترين رانديگر شامل هيا.

ان ميچ جي ذريعي پورچوگال جي فٽبال رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو النصر ڪلب جي پهريون ڀيرو نمائندگي ڪئي، جنهن جو ايندڙ اڍائي سالن تائين هو حصو رهندو، جتي راند جي شوقينن جو ڌيان سندس سعودي ڪلب جي محنت تي لڳل آهي، اتي ليونل ميسيءَ سان مقابلو به سندن ايجنڊا ۾ شامل هو، جن ۾ هن مخالف ٽيم ’ياري سان زرمان’ جي قيادت ڪئي.

اهو دوستانه ميچ رياض سيزنز نالي فيسٽيول جو حصو هو، جنهن ۾ مخالف ٽيم ’ياري سان زرمان’ جي فرسٽ اليون خصوصي طور سعودي عرب آئي، جنهن جي ڪري سعودي راند جي شوقينن کي ارجنٽينا جي ورلڊ ڪپ وننگ ڪپتان ليونل ميسيءَ سان گڏ فرانس جي ڪيلين ايم باپي ۽ برازيل جي نيمار کي سامهون ڏسڻ جو موقعو مليو.

ميچ ۾ مهمان ٽيم چئن جي ڀيٽ ۾ پنجن گولن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، ليڪن پهرين ڪلاڪ کان پوءِ سمورا نامور رانديگر فيلڊ مان ٻاهر وڃي چڪا هيا. ان کان پوءِ نوجوانن کي کيڏڻ جو موقعو مليو جيڪي عام طور تي ميچ جي شروعات ۾ بينچ تي ويٺا رهندا آهن ۽ آخر تائين کيڏڻ جي موقعي جي انتظار ۾ هوندا آهن.

رونالڊو جا ٻه گول به ٽيم کي ڪاميابيءَ کان نه بچائي سگهيا، ميسي، ايمباپي هڪ هڪ گول ڪيو.

شاه فهد انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ان دوستانه ميچ کان اڳ مشهور بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻنهين ٽيمن جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ميسي ۽ رونالڊو سان سندس گفتگوءَ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي يڪدم وائرل ٿي ويون.

ميچ شروع ٿيڻ ۾ پهرين دير ٿي، ليکن ميسي ’پي ايس جي’ جو کاتو کولڻ ۾ دير نه لڳائي ۽ ايم باپي جي خوبصورت پاس تي ٽن منٽن اندر ميچ جو پهريون گول اسڪور ڪيو.

ان کان پوءِ ٻنهين ٽيمن مخالف گول تي ڪيترا ئي حملا ڪيا، ليڪن پهرئين گول جي اڌ ڪلاڪ تائين ڪنهن کي ڪاميابي حاصل نه ٿي.

ميچ جي 33هين منٽ تي ڪرسٽيانو رونالڊو مخالف گول ڪيپر نيوان سان ٽڪرائجي پوڻ ڪري زخمي ٿيو. ليڪن ان ’فائول’ جي نتيجي ۾ ملڻ واري پينلٽيءَ تي گول ڪري هن اسڪور برابر ڪري شوقينن کي جوش ۾ آندو.

ميچ جي اڻيتاليهين منٽ تي ميزبان ٽيم کي هڪ ’ايڊوانٽيج’ ان وقت مليو جڏهن ’پي ايس جي’ جي وان برنٽ کي مخالف رانديگر کا ڄاڻي واڻي ٽڪر هڻڻ جي عمل تي ’ريڊ ڪارڊ’ ڏيکاري ريفريءَ ان کي گرائونڊ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو.

ليڪن مهمان ٽيم ڏهن رانديگرن تائين محدود رهڻ جي باوجود دٻاءَ ۾ نه آئي ۽ پنهنجي سموريون ڪوششون برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳايون. آخر ڪار ٽيتاليهين منٽ تي ايم باپي جي پاس تي مارڪينوس ’پي ايس جي’ جو ٻيو گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري.

هن برتريءَ جي ڪري هڪ موقعو مهمان ٽيم کي ان وقت مليو جڏهن نيمار هڪ پينلٽي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامباب ٿيو، ليڪن برازيلي رانديگر جي لڳايل ڪڪ سعودي گول ڪيپر الاويس جي هٿ تي لڳي ۽ گول نه ٿي سگهيو.

ان کان پوءِ ’پيس ايس جي’ تي ميزبان ٽيم جي حملن جو سلسلو جاري رهيو ۽ پهرئين هاف جي واڌو وقت ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ شاندار فيلڊ گول جي ذريعي اسڪور برابر ڪري پنهنجي ڪلب جي مالڪن کي پيغام ڏنو ته سندس انتخاب صحيح هيو.

پهرئين هاف جي پڄاڻيءَ ته ٻن ٻن جو برابر اسڪور هيو، ليڪن 53 هين منٽ تي سرجيو ريموس جي فائول مهمان ٽيم کي ٽي ٻه جي برتري ڏياري، جنهن کي مهمان ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ واري ڏکڻ ڪوريا جي رانديگر، چينگ يون سو 56وين منٽ تي برابر ڪري ڇڏيو.

ليونل ميسيءَ ميچ جي 59 وين منٽ تي پنهنجي ٽيم کي هڪ وڌيڪ پينلٽي ڏياري جنهن تي گول ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ واري ڪيلين امباپي ٽيم جو چوٿون گول اسڪور ڪيو. ان کان پوءِ 60 منٽ تي رونالڊو، ميسي، ايمباپي ۽ نيمار فيلڊ منجهان ٻاهر هليا ويا، ليڪن راند جي شوقينن کين زبردست انداز ۾ رخصت ڪيو.

معروف رانديگرن جي وڃڻ کان پوءِ نون فٽبالرن کي پنهنجي راند ڏيکارڻ جو هڪ سنهري موقعو مليو. 78 وين منٽ تي هيوگو ايڪيٽي جي گول ’پي ايس جي’ کي ٻن گولن جي برتري ڏياري جنهن کي رياض سيزن اليون جي ٽيلسڪا اضافي وقت ۾ گول اسڪور ڪري ٽوٽل گهٽ ته ڪيو ليڪن ان جي برتري گهٽائي نه سگهيو.

اهڙيءَ ريت مقرره وقت جي خاتمي تائين اهو ميچ چئن جي مقابلي ۾ پنجن گولن سان کٽي، ميلو لٽيو. ليڪن اصل ڪاميابي سعودي عرب جي ٿي جنهن هن هائي پروفائيل ميچ منعقد ڪري ثابت ڪيو ته سندس ملڪ به فٽبال ۾اڳتي وڌڻ جي لاءِ تيار آهي.

رونالڊو کي ان تاريخي ميچ ۾ ٻه گول اسڪور ڪرڻ تي ’مين آف دي ميچ’ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته فرينج ڪلب کي رياض سيزن ڪپ جي ٽرافي ڏني وئي، جنهن کي ان جي ڪپتان ليونل ميسيءَ وصول ڪيو.

(عمير علوي جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG