سائنسي تحقيق سان وابسته جرنل، نيچر نيوروسائنس ۾ ڇپيل هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڏيءَ عمر وارن جي دماغ کي بجليءَ جو هلڪو جهٽڪو ڏئي سندن ويجهي ۽ پري جي ياد داشت کي بهتر بنائي سگهجي ٿو.
برطانيه جي اخبار، دي گارڊين سان ڳالهائيندي بوسٽن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ ان تحقيق جي شريڪ مصنف، رابن رائين هارٽ چيو آهي ته عمر سان گڏ يادگيريءَ جي گهٽتائي علمي زوال جي عام علامت خيال ڪئي ويندي آهي. مثال جي طور تي يادگيري گهٽ هئڻ جي ڪري فيصلو ڪرڻ، منصوبه سازي ۽ سکڻ جي صلاحيت جواب ڏئي ويندي آهي.
تحقيق جي دوران، رائين هارٽ ۽ سندس ٽيم ان نتيجي تي پهتا ته جيڪڏهن دماغ جي مخصوص حصن کي چئن ڏينهن تائين ويهن منٽن جا هلڪا برقي جهٽڪا ڏنا وڃن ته ان سان هڪ مهيني تائين يادگيريءَ جي گهٽتائي ٿيڻ واري عمل کي روڪي سگهجي ٿو.
هن ٻڌايو ته دماغ جي مخصوص حصن ۽ برقي رو جي فري ڪئينسي کي طئي ڪرڻ سان گهٽ عرصي ۽ وڏي عرصي جي ياد داشت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.
آمريڪي نشرياتي اداري، اين بي سي نيوز ان باري ۾ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته محققن مطابق اهي فرد جن کي ڊمينشيا جو خطرو درپيش آهي مستقبل ۾ انهن جو گهر تي اهڙي قسم جو علاج ممڪن آهي.
آمريڪا جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ واري اداري، سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريونشن (سي ڊي سي) مطابق، آمريڪا ۾ هن وقت هڪ ڪروڙ سٺ لکن کان مٿي ماڻهن کي ذهني ڪمزوري جي نوعيت جا مسئلا آڏو آهن.
نيچر نيوروسائنس مطابق، هن تحقيق ۾ 150 اهڙا پيرسن شامل ڪيا ويا جن جي عمر 65 کان وٺي 88 ورهن جي وچ ۾ هئي ۽ هنن کي ڪا ذهني بيماري لڳل نه هئي.
هن تحقيق مطابق،، جنهن پيرسن کي چئن ڏينهن تائين ويهن منٽن جا هي سيشن ڏنا ويا، سندن يادگيريءَ ۾ 50 کان 65 في صد تائين بهتري ڏٺي وئي.
تحقيق جي هن طريقي سان ٻنهين تازي ۽ پراڻي يادگيريءَ ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي.
ٻنهين قسم جون ياد داشتون ضروري آهن. پهرين يادگيري عام رواجي زندگيءَ جي معاملن کي نبيرڻ ۾ ڪم ايندي آهي جڏهن ته وڏي عرصي واري ياد داشت ڪيترن ئي سالن جي عرصي تي مشتمل هوندي آهي.
رائين هارٽ اين بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته اها تحقيق اڃان پنهنجي ابتدائي مرحلن ۾ آهي. وڌيڪ تحقيق ان ڳالهه تي ڪئي ويندي ته ڇا هڪ مهيني کان وڌيڪ يادگيري بحال ٿي سگهي ٿي، ۽ ڇا علاج جو اهو طريقو الزائمر ۽ ٻين ذهني مرضن ۾ مبتلا فردن جي لاءِ به ايترو ئي موئثر ثابت ٿي سگهي ٿو.