رسائی کے لنکس

ايلون مسڪ 44 ارب ڊالرن جي ٽوئٽر ڊيل تان هٿ کڻي ڇڏيو، ڪمپنيءَ پاران قانوني ڪاروائيءَ جا اهڃاڻ


توئٽر ۽ ايلون مسڪ
توئٽر ۽ ايلون مسڪ

اليڪٽرڪ ڪارون ٺاهڻ واري ڪمپني، ٽيسلا جي چيف اگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) ۽ دنيا جي امير ترين شخص، ايلون مسڪ 44 ارب ڊالر ۾ ٽوئٽر خريد ڪرڻ جي ڊيل کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. مسڪ الزام لڳايو آهي ته سوشل ميڊيا ڪمپنيءَ معاهدي جي ڪن شقن جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

ٽوئٽر جي بورڊ جي چيئرمين، بريٽ ٽيلر جمعي ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪمپني طي شده شرطن جي مطابق معاهدي کي برقرار رکڻ جي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪندي.

خبر رسان اداري، ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق، معاهدي کان دستبردار ٿيڻ جي بدلي ۾ ايلون مسڪ ٽوئٽر کي ڏنڊ جي طور تي هڪ ارب ڊالر ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ليڪن، ٽوئٽر جي انتظاميه اشارو ڏنو آهي ته معاهدو برقرار رکڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو.

ايلون مسڪ جي اعلان سان گڏ ئي جمعي ڏينهن ٽوئٽر جا 5 في صد شيئر 31 اعشاريه 81 ڊالر تائين ڪري پيا، جڏهن ته ٽيسلا جا شيئر اڍائي في صد وڌي، 752 اعشاريه 29 ڊالر تي پهچي چڪا آهن.

مسڪ جي وڪيل مائيڪ رنگلر ٽوئٽر کي جمعي ڏينهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته تقريبا ٻه مهينا اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جعلي، يعني اسپام اڪائونٽس جي ڦهلجڻ جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڊيٽا گهريو هو. ليڪن ٽوئٽر اها معلومات فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اها معلومات ٽوئٽر جي ڪاروبار ۽ مالياتي ڪارڪردگيءَ جي لاءِ بنيادي اهميت رکندي آهي، ۽ اها معاهدي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري هئي.

ان کان اڳ خميص ڏينهن ٽوئٽر جي ڪمپني اگزيڪٽو ۽ صحافين سان گڏ بريفنگ ۾ اسپام اڪائونٽس کي ڪيئن شمار ڪيو ويندو آهي ان تي وڌيڪ روشني وڌي. ٽوئٽر چيو ته هو روزانو 10 لک اسپام اڪائونٽ ختم ڪندو آهي. اسپام اڪائونٽس تي هر ٽن مهينن جي فعال صارفين جي تعداد کان 5 في صد کان به گهٽ آهن. اهو سمجهڻ لاءِ ته ڪيترا اڪائونٽس بدنيتيءَ تي مبني اسپام آهن، ٽوئٽر جي چوڻ آهي ته اهي هزارين اڪائونٽس جو جائزو وٺندو رهندو آهي جيڪي رينڊم طريقي سان سيمپل ڪيا ويندا آهن.

گزريل مهيني سامهون ايندڙ مختلف رپورٽن مطابق، ٽوئٽر مسڪ کي روزانو لکين ٽويئٽس تي پنهنجي خام ڊيٽا کي فائر هوز تائين رسائيءَ جي پيش ڪش ڪئي هئي. ليڪن، ٽوئٽر ۽ ايلون مسڪ ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي هئي.

ٽوئٽر جو چوڻ آهي ته هي پرائيويٽ ڊيٽا حقيقي اڪائونٽس کي اسپام جي طور تي غلط شناخت ڪرڻ کان بچڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

خط ۾ ڇيو ويو آهي ته ٽوئٽر ڪيترين ئي دفعات جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ته ان ۾ غلط ۽ گمراه ڪن نمائندگي ڪئي وئي آهي، جنهن تي ايلون مسڪ معاهدي جي وقت ڀروسو ڪيو هو.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبر رسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG