رسائی کے لنکس

هفتي گزرڻ کان پوءِ به ڪراچيءَ مان لاپتا فهيم بلوچ جو سراغ نه ملي سگهيو


فهيم بلوچ (فائيل فوٽو)
فهيم بلوچ (فائيل فوٽو)

سنڌ صوبي جي گاديءَ واري هنڌ، ڪراچيءَ جي اردو بازار مان ‘علم و ادب پبلشرز‘ جي مينيجر ۽ علمي شخصيت، فهيم بلوچ جي مبينه گمشدگيءَ جي هڪ هفتي کان پوءِ به سندس باري ۾ ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پوليس واقعي جي ايف آئي آر درج ڪرائي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن مهل تائين ان باري ۾ ڪا ٺوس پيش رفت حاصل نه ٿي آهي. انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته فهيم بلوچ کي جبري طور تي گم ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ذمه دار صوبائي يا وفاقي حڪومت آهي.

هن مبينه گمشدگيءَ متعلق فهيم بلوچ جي سوٽ، امه حبيبه، ايڊوڪيٽ ٻڌايو آهي ته فهيم بلوچ کي 26 آگسٽ تي رات جو ساڍي اٺين وڳي جي لڳ ڀڳ سندس آفيس مان پوليس جي ورديءَ ۾ ٽن عمل دارن ۽ ٽن سادا لباس وارن پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي، محمد ثاقب سان گفتگو ڪندي هن ٻڌايو ته فهيم بلوچ جي اتي موجود دوستن مطابق واقعي کان پندرهن منٽ اڳ ڪجهه ماڻهو سندس دفتر ۾ آيا ۽ فهيم بلوچ جي پڇا ڪيائون، جنهن کان پوءِ ڪجهه ٻيا شخص به اتي پهتا ۽ فهيم بلوچ کان ڪجهه سوال ڪيائون ۽ بعد ۾ کيس پاڻ سان هيٺ وٺي ويا اهو چوندي ته سندن صاحب هيٺ گاڏيءَ ۾انتظار ڪري رهيو آهي جيڪو هن کان موڪليل ڪتابن جي باري ۾ پچڻ گهري ٿو. ان کان پوءِ هو انهن ساڻ ٻاهر هليو ويو. کيس پوليس جي موبائيل ۾ وهاريو ويو، جنهن کان پوءِ اڄ سوڌو سندس ڪا خبر نه ملي سگهي آهي.

امه حبيبه ٻڌايو ته فهيم جو سمورو ڪم مڪمل طور تي علمي نوعيت جي هو ۽ سندس اداري مان 90 في صد اردو ۽ 10 فيصد بلوچي زبان ۾ ڪتاب شائع ٿيندا هيا، جيڪي مارڪيٽ ۾ به دستباب آهن. ان کي ڪڏهن ڪنهن قسم جي ڪا ڌمڪي نه ملي هئي، جڏهن ته هو پاڻ به قانون پسند شهري آهي ۽ ڪڏهن قانون کي هٿ ۾ نه کنيون اٿائين.

فهيم بلوچ جي ان مبينه اغوا جي واقعي جي ايف آئي آر ڪراچيءَ جي پريڊي اسٽريٽ ٿاڻي ۾ ان جي ڪزن امه حبيبه ايڊوڪيٽ جي مدعيت ۾ درج ڪئي وئي آهي.

واقعي کان پوءِ سامهون ايندڙ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مسلح عمل دار ۽ سادن ڪپڙن ۾ ٻئي شخص ‘علم و ادب‘جي دفتر ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ واپسيءَ ۾ فهيم بلوچ به انهن سان گڏ آهي.

ٻئي طرف فهيم بلوچ جي گمشدگيءَ متعلق سنڌ هائي ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هائي ڪورٽ سنڌ جي داخلا جي محڪمي، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي 12 ڊسمبر جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

فهيم بلوچ جي مائٽن جو چوڻ آهي ته کين اميد آهي ته عدالت کان کين انصاف ملندو.

پنجويهن سالن جي فهيم بلوچ جا پيءُ ماءُ گزاري ويا آهن، جڏهن ته سندس ڀاءُ ملڪ کان ٻاهر رهندو آهي ۽ ان جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هو ذيابيطس جو مريض آهي.

واضح رهي ته ‘علم و ادب پبلشرز‘ ملڪي سطح تي هڪ معروف پبلشنگ هائوس آهي جتي بلوچيءَ ۽ اردو ادب ۽ زبان تي تحقيقي ڪتاب شائع ٿندا آهن. فهيم بلوچ جنهن کي لاله فهيم بلوچ جي نالي سان به ڄاتو ويندو آهي، سندس تعلق بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي اشبود علائقي سان ٻڌايو ٿو وڃي.

هو 2016 کان ان پبلشنگ هائوس جو مينيجر هئڻ سان گڏ صدائي ‘بلوچستان ڊاٽ ڪام‘ ۽ ٽه ماهي ‘گدان پنجگور‘ جو ايڊيٽر به آهي.

فهيم بلوچ جي اغوا جي ذمه داري حڪومت تي عائد ٿئي ٿي

انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن، ڪرامت علي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جمهوريت جي دعوا ڪندي آهي، ليڪن صوبي جي ڪتاب دوستن، پبلشرز ۽ صحافين کي به اغوا ڪيو پيو وڃي. ائين ٿو لڳي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون پاڻ ۾ مليل آهن. انهن حڪومتن کي مبينه طور تي پس پرده قوتون هلائي رهيون آهن.

ان چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان غير قانوني، غير آئيني طور تي شهرين کي اغوا ڪرڻ عام ڳالهه ٿي چڪي آهي. هاڻي ڏينهن ڏهاڙي لاله فهيم جهڙين ادبي شخصيتن کي اغوا ڪرڻ ظالمانه فعل آهي.

انساني حقوق ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) به اهو مطالبو ڪيو آهي ته فهيم بلوچ کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي ۽ سندس حقن جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي.

ٻئي پاسي، صوبائي حڪومت جي ترجمان کان ان معاملي تي سندس موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سندن جواب موصول نه ٿي سگهيو آهي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ٻين ادارن جي طرفان به فهيم بلوچ جي باري ۾ ڪا معلومات نه ڏني وئي آهي.

XS
SM
MD
LG