ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت روس جي سرڪاري ڪمپنيءَ کان ٽي لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي باقاعده منظوري ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪاميٽيءَ (اي سي سي) ڏني آهي.
خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ قائم اي سي سيءَ فوڊ سيڪيورٽي اينڊ رسرچ جي وزارت جي تجويز تي روسي حڪومت کان 372 ڊالر في ٽن جي قيمت تي ڪڻڪ جي خريداريءَ جي منظوري ڏني آهي.
ٻن سالن ۾ پهريون ڀيروپاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ هڪ معاهدي هيٺ ڪڻڪ جو واپار عمل ۾ اچي رهيو آهي. اناج تي نظر رکڻ وارن ماهرن جو چوڻ آهي ته روس کان درآمد ڪيل ڪڻڪ جي شپنگ ۽ ٻين خرچن کي ملائي اٽي جي مارڪيٽ ۾ قيمت 95 في ڪلو تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ تيار تيندڙ ڪڻڪ جي اٽي جا اگهه به ذري گهٽ ايترا ئي آهن.
حڪومتي تخمينن مطابق پاڪستان کي هن سال ڪڻڪ جي نئين فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ تائين 26 لک ٽن ڪڻڪ جي گهٽتائي ٿيندي، جنهن کي ڏسندي حڪومت ٻاهرين ملڪ مان ڪڻڪ گهرائي رهي آهي.
اناج جي جنسن جي ماهر، شمس الاسلام چيو آهي ته ترڪي، اردن ۽ ٻين ملڪن تازو روس کان ڪڻڪ درآمد ڪئي هئي جيڪا پاڪستان جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهن تي ملي هئي.
سندس بقول، مذڪوره ملڪن جي ڪڻڪ جي خريداريءَ جي لاءِ ان وقت ٽينڊر جاري ڪيا ويا هيا جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت ڪجهه گهٽ هئي. ليڪن پاڪستان روس مان ڪڻڪ جي درآمد جو فيصلو اهڙي وقت ڪيو جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌيڪ هيون.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي، محمد ثاقب چيو آهي ته واضح رهي ته پاڪستان، روس ۽ يوڪرين مان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ، داليون ۽ تيل جا ٻج درآمد ڪندو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ تازي إضافي جو هڪ سبب روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ آهي جيڪا فوري طور تي رڪجندي نظر نه ٿي اچي. ٻئي ملڪ زرعي پيداوار خاص طور تي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ وارن وڏن ملڪن ۾ شامل آهن.
پاڪستان جو شمار به وڏن زرعي ملڪن ۾ ٿيندو آهي جيڪو پنهنجي ڪل آمدنيءَ جي قومي پيداوار جو تقريبن 24 في صد زراعت مان حاصل ڪندو آهي ۽ هي ڪڻڪ پيدا ڪندڙ دنيا جي ڏهن وڏن ملڪن ۾ شامل آهي. ليڪن ان جي باوجود پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ رڪارڊ ڪمي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ گزريل سال ڪڻڪ جي پيداوار 27.5 ملين ٽن مان گهٽجي 26.4 ملين ٽن ٿي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 28.90 ملين ميٽرڪ ٽن رکيو ويو هو.
ڪڻڪ جو بحران ڇو پيدا ٿيندو آهي؟
پاڪستان ۾ ڪڻڪ پوکڻ جي رقبي ۾ ڪمي آئي آهي جڏهن ته ملڪي آباديءَ جي وڌڻ جي دٻاءَ جي ڪري ان جي گهرج ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي. ڪڻڪ جي پوک جي وقت ملڪ ۾ جاري ڀاڻ جي بحران به ان جي ڪميءَ جو هڪ سبب قرار ڏنو ٿو وڃي.
پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ واري ڪڻڪ سرحدي رستي افغانستان ۽ ايران اسمگلنگ يا وري ذخيره اندوزيءَ جي ڪري به ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران پيدا ٿئي ٿو. ليڪن، ماهرن ڪڻڪ جي پيداوار ۾ ڪميءَ جي سبب ۾ سڀ کان اهم موسمياتي تبديلي قرار ڏني وئي آهي.
زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽئين حصي جي علائقي ۾ شديد برساتين جي ڪري ٻوڏ ڪڻڪ جي پيداوار کي متاثر ٿيڻ جو سبب بڻي آهي ۽ ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر قيمتي ٻاهرئين ناڻي جا ذخيرا استعمال ڪندي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي.
شمس الاسلام مطابق، پاڪستان هلندڙ سال مئي کان ڪڻڪ درآمد جا ٽينڊر جاري ڪرڻ شروع ڪيا هيا جنهن کان پوءِ 10 لک ٽن ڪڻڪ گهرائي وئي آهي.
سندس بقول، ملڪ ۾ ڪڻڪ جا پنهنجا ذخيرا به موجود هيا، ليڪن ان جي باوجود ڪڻڪ جي اگهن کي گهٽائڻ بجائي قيمتون وڌي رهيون آهن ۽ درآمد جي باوجود به ڪڻڪ جي قيمتن تي ڪو اثر نه پيو آهي.
هن چيو ته روس کان واڌو ڪڻڪ درآمد ڪرڻ ۽ رسد کي بهتر بنائڻ جي باوجود اٽي جي اگهن ۾ ڪا ڪمي نه اچي سگهندي.