رسائی کے لنکس

اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فورسز جو اوچتو حملو، 9 فلسطيني هلاڪ


مغربي ڪناري جي شهر جينن ۾ فلسطيني مظاهرين کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ اسرائيلي فوج ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا گولا اڇلائي رهي آهي. 26 جنوري، 2023.
مغربي ڪناري جي شهر جينن ۾ فلسطيني مظاهرين کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ اسرائيلي فوج ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا گولا اڇلائي رهي آهي. 26 جنوري، 2023.

فلسطيني عمل دارن ٻڌايو آهي ته خميص جي ڏينهن قبضو ڪيل اولهندي ڪناري جي هڪ شورش زده علائقي ۾ اسرائيلي فورسز جي اوچتي حملي ۾ هڪ 60 ورهن جي عورت سميت گهٽ ۾ گهٽ 9 فلسطيني مارجي ويا آهن. هنن ٻڌايو آهي ته اها هن علائقي ۾ ڪيترن سالن کان پوءِ ٿيڻ واري ڇتي ويڙهه هئي.

اها هٿياربند ويڙهه ان وقت شروع ٿي جڏهن اسرائيلي فوج جينن جي پناه گيرن جي هڪ ڪيمپ ۾ ڏينهن جي وقت هڪ غير معمولي ڪاروائي ڪئي، جنهن جي باري ۾ سندس چوڻ موجب، ان جو مقصد اسرائيلين جي خلاف هڪ يقيني حملي کي روڪڻ هيو.

هن ڪيمپ ۾ جيڪا هڪ فلسطيني مسلح گروپ، ’اسلامڪ جهاد’ جو هڪ وڏو ڳڙهه خيال ڪيو وڃي ٿي، لڳ ڀڳ هڪ سال کان اسرائيل جي طرفان ڇاپن ۽ گرفتارين جو مرڪز رهي آهي.

فلسطينين مارجي ويلن منجهان ڪم از ڪم هڪ جي سڃاڻپ هڪ هٿياربند جي طور تي ڪئي آهي، ليڪن اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته هن مسلح گروپ سان ٻين ڪيترن فلسطينين جو تعلق هيو.

بچاءَ واري اسرائيلي وزير، ياو گيلنٽ هڪ سيڪيورٽي بريفنگ کان پوءِ مقبوضه اولهندي ڪناري ۽ غزه جي پٽيءَ ساڻ اسرائيلي سرحد تي فورسز کي تمام گهڻو خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسرائيل اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني حملن جي هڪ سلسلي کان پوءِ بهار جي گزريل موسم ۾ جڏهن کان رات جي وقت ڇاپا شروع ڪيا ويا هيا، اسرائيلين ۽ فليطينين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ ٻيهر واڌ اچي وئي آهي. هن ويڙهه ۾ هلندڙ مهيني دوران گهڻي شدت آئي آهي، جڏهن کان اسرائيل جي ساڄي ڌر واري حڪومت اقتدار سنڀاليو آهي، ان کان پوءِ فلسطين جي خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو آهي.

تشدد جي واقعن جي هن لهر دوران پرڏيهي ناتن جي آمريڪي وزير اينٽني بلنڪن ايندڙ ڏينهن ۾ علائقي جو دورو ڪرڻ وارو آهي ۽ اهڙن قدمن تي زور ڀريندو جن جي ڪري فلسطينين جي عام زندگيءَ ۾ بهتريءَ جا آثار نمايان ٿي سگهن.

فلسطيني ميڊيا جي طرفان شائع ڪيل تصويرن ۾ هڪ ٻه منزلي عمارت جي سڙيل ٻاهرين ڀتين کان سواءِ سڙڪن تي خاڪ جا ڍڳ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. فوج چيو آهي ته اها هن ڌماڪي خيز مواد کي هٽائڻ جي لاءِ عمارت ۾ داخل ٿي هئي جنهن جي باري ۾ سندس چوڻ موجب اها مشتبه ماڻهن جي استعمال ۾ هئي.

ٽن ڪلاڪن جي هن ڪاروائيءَ کان پوءِ فوجن جي علائقي مان نڪري وڃڻ تي اتي ڪيتريون ئي ڪارون ابتيون پيون هيون، جن جون ونڊ شيلڊز ۽ دريون ٽٽل هيون ۽ ان علائقي ۾ رهڻ وارا ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا هيا.

(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG