رسائی کے لنکس

هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جنرل باجوه جي خلاف ڳالهايو ته مان بچاءَ ۾ ڳالهائيندس، پرويز الاهي


چوڌري پرويز الاهي
چوڌري پرويز الاهي

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ چيو آهي ته ’’بس گهڻو ٿي چڪو. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي خلاف ڳالهايو تي سڀني کان اڳ ۾ مان پاڻ ڳالهائيندس’’.

خانگي نشرياتي اداري، ’اي آر وائي نيوز’ سان گفتگو ڪندي پرويز الاهيءَ چيو ته عمران خان ته مؤنس الاهيءَ کي گڏ به نه وهاريندو هو. ان جي باوجود اسان عمران خان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جڏهن عمران خان اسمبلي ٽوڙڻ جي لاءِ چيو ته مون فورا حامي ڀري.

چوڌري پرويز الاهيءَ جو هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن پوئين ڏينهن عمران خان پنجاب ۽ خيبرپخرونخوا جون اسمبليون 23 ڊسمبر تي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو.

ڪن مبصرن جي مطابق پاڪستان جي تازي سياسي منظرنامي ۾ هيءُ پهريون موقعو آهي ته پرويز الاهي عمران خان سان ڪنهن نقطي تي تنقيد ڪندي نظر آيو آهي. ان کان اڳ پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مؤنس الاهيءَ ڪيترا ڀيرا اهو چئي چڪا آهن ته هو عمران خان جي چوڻ تي پنجاب اسمبلي ٽوڙڻ ۾ دير نه ڪندا.

ٽي هفتا اڳ ريٽائر ٿيڻ واري آرمي چيف جو نالو وٺي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ وڌيڪ چيو هو ته جڏهن عمران خان جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوه جي خلاف ڳالهه ڪئي ته کيس تمام خراب لڳو. ’’جنرل باجوه سندس محسن آهي ۽ محسن جي خلاف ڳالهائڻ نه گهرجي’’.

هن وڌيڪ چيو ته سندس راءِ ۾’’اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جا عمران خان تي تمام گهڻا احسان آهن، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي’’.

ان انٽرويو ۾ ملڪ جي طاقت ور ترين خفيه اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي اي آئي) جي اڳوڻي سربراه جو نالو وٺي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جنرل فيض کيس جي خلاف هيو. ’’هن ان سان تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون. سندس بقول، هو مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو’’.

پرويز الاهيءَ چيو ته جڏهن هن ان ڳالهه جو ذڪر اڳوڻي آرمي چيف، جنرل (ر) قمر جاويد باجوه سان ڪيو ته جنرل فيض حميد چيو ته ’’اهو ڪرڻ جي لاءِ مون کي عمران خان چيو هو’’.

تنبيه ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جنرل (ر) باجوه جي خلاف ڳالهه ڪئي ته هو ۽ سندس جماعت سڀني کان اڳ ان جو دفاع ڪندا.

خيال رهي ته ان کان اڳ هلندڙ مهيني جي آغاز تي جڏهن عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جي متعلق بيان ڏيندي چيو هو ته پرويز الاهي ان جي برعڪس ڳالهه ڪندو هو.

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ’’ڊبل گيم’’ ڪئي، جڏهن ته چوڌري پرويز الاهيءَ جي خيال ۾ ڳالهه ائين ناهي.

عمران خان جڏهن وزير اعظم هيو ته مونس الاهيءَ کي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي مطالبي تي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو هو.

(ضيا الرحمان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG