پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ 30 اپريل ته پنجاب اسيمبليءَ جا انتخابات ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي.
صدارتي آفيس مان جمعي تي جاري ٿيڻ واري بيان مطابق صدر پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن پاران تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کان پوءِ ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خط ذريعي صدر کي پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن جي لاءِ 30 اپريل کان ستين مئي تائين جي تاريخ تجويز ڪئي هئي.
اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا جي مطابق، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ جمعي ڏينهن هڪ اهم اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي احڪامات جي روشنيءَ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي تاريخن تي غور ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن جي پاران جاري اعلان مطابق صدر جي طرفان پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن جي تاريخ جي انتخاب کان پوءِ ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني فرض انجام ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.
ڪميشن خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جي چونڊن جي لاءِ خط گورنر کي ڏياري موڪليو آهي ۽ چيو آهي ته ڪميشن گورنر جي جواب جو انتظار ڪندو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ دير تي پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ 90 ڏيهنن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازم آهي.