رسائی کے لنکس

رتو ديرو: ’ايڇ آئي وي’ جي ڪري هينئر تائين ٻار سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن


ايڇ آئي وي ايڊز
ايڇ آئي وي ايڊز

جڏهن سيلاب بستين تي يلغار ڪئي ته هر ڪو پناه جي تلاش ۾ هيو، ان ڳولها ۾ هر ڪو مال متاع سهيڙي رهيو هو، ليڪن، فريده تاج ڪنهن قيمتي زيور وانگر پنهنجي نياڻيءَ جي دوا تلاش ڪري سيني سان هنڍائي گهر کان ٻاهرنڪتي هئي.

هن جي لاءِ ان وقت گهر ۾ سڀ کان قيمتي شئي اها ئي هئي ڇو ته ڪهڙي خبر اڳيان ڪهڙا حالات هجن. سندس ڌيءُ ايڊز جي مريض آهي.

سنڌ پرڳڻي جي لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري تعلقي جي ويجهو آباد ڳوٺ لعل بخش مهيسر جي رهائشي فريده تاج جي پنجن سالن جي ڌيءُ بيبي بچل ڏيڍ سال اڳ ايڇ آئي وي انفيڪشن کان متاثر ٿي. ان کان پوءِ پوري خاندان جي ’اسڪريننگ’ ٿي، جنهن مان معلوم ٿيو ته سندن گهر ۾ صرف هڪ ئي ڀاتي ان بيماريءَ ۾ ڦاٿل آهي.

ٻوڏ جي ڪري فريده ۽ سندس مڙس اڄ ڪلهه پنهنجي آبائي گهر کان محروم آهن ۽ مسواڙ جي گهر ۾ پنهنجي ٽن ٻارن سان مشڪل زندگي گهاري رهيا آهن.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، محمد تاج چيو ته سيلاب کان اڳ سندن گزر بسر سٺو ٿي رهيو هو، پر هاڻي مالي تنگي درپيش آهي.

هو پنهنجي زال ۽ ايڇ آئي وي کان متاٿر ٻارڙيءَ کي وٺي چنگچي رڪشي تي هڪ ڪلاڪ جو سفر ڪري رتي ديري جي ايڇ آئي وي علاج جي مرڪز پهتو جتي جو ڪرايو هن هڪ هزار رپيا ڏنا.

هن ٻڌايو ته جڏهن ٻوڏ آئي ته سندن نياڻيءَ جون دوائون ختم ٿيڻ واريون هيون. هر پاسي پاڻيءَ جي ٻوڙ ٻوڙان هئي. ليڪن، هو ڪنهن طرح سان پهرين سيپٽمبر تي سينٽر پهتو ۽ ٽن مهينن جون دوائيون وٺي آيو. اڄ ان جي فالو اپ ۽ اڳين ٽن مهينن جي دوا وٺڻ لاءِ اتي پهتو آهي.

پاڪستان ۾ مريض گهٽ پر خطرو موجود آهي

صحت جي عالمي اداري 2021 جي رپورٽ ۾ٻڌايو هو ته دنيا ۾ ٽي ڪروڙ 84 لک ماڻهون ايڇ آئي وي ۾ ڦاٿل آهن، جن مان 17 لک ٻار آهن.

هڪ اندازي مطابق، پاڪستان ۾ ايڇ آئي وي کان متاثر مريضن جو تعداد 183705 آهي. ليڪن، 2019 ۾ سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر رتي ديري ۾هيءَ بيماري ڦهلي جنهن کان پوءِ دنيا جون نظرون اوڏانهن لڳي ويون، جڏهن ابتدائي طور تي 1100ماڻهن ۾ ايڇ آئي وي پازيٽو جي تصديق ٿي جنهن منجهان 900 ٻار هيا.

ايتري وڏي تعداد ۾ هڪ ئي علائقي ۾ ايڇ آئي وي جا ڪيس سامهون آيا ته رتي ديري سميت پوريءَ سنڌ ۾ خوف جي لهر ڊوڙي وئي.

صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، سنڌ جي صحت جي کاتي تيزيءَ سان مرض جي ڦهلاءَ جا سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ابتدائي تحقيقات ۾ هڪ ڪردار سامهون آيو، جيڪو هن علائقي جو ڊاڪٽر هو. سندس نالو مظفر گهانگهرو هيو، جنهن کي ان شڪ تي گرفتار ڪيو ويو ته هو استعمال شده سرنج استعمال ڪندو هيو ۽، انديشي مطابق، انهيءَ سبب جي ڪري هيءَ ڳاٽي ڀڳي وچڙندڙ بيماري ڦهلي.

پر ان علائقي ۾ ايڊز جي ڦهلاءَ جو سبب رڳو ڊاڪٽر مظفر نه هيو. هتي نيم حڪيمن، هجامن ۽ معالجين جي کوٽ ڪانهي جيڪي استعمال شده سرنج ۽ بليڊ ٻيهر استعمال ڪندا رهيا آهن، کين هن خطري جي سمڪ ئي ڪو نه هئي. پر مبينه طور تي، سندن مجرمانه لاپرواهيءَ جي نتيجي ۾ ماڻهن جون زندگيون داءَ تي لڳي ويون ۽ اهو خطرو اڃان نه ٽريو آهي.

ان کان سواءِ غربت ۽ تعليم جي ڪمي به هن مرض متعلق آگاهيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ رهي آهي، جڏهن ته ايڊز جي روڪٿام جو سڀ کان موثر طريقو ئي احتياطي تدبير ۽ مرض متعلق آگاهي آهي.

(سدره ڊار جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG