يوڪريني عمل دارن اربع ڏينهن چيو آهي ته يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ، ڪئيف تي ايراني ساخت جي ڊرونز جي روسي حملي ۾ انتظاميه جي ٻن عمارتن کي نقصان پهتو آهي.
روس يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ تي پنهنجي نوعيت جي سڀني کان وڏن حملن منجهان هڪ ۾ اربع ڏينهن ’شاهد’ نالي سان ڄاتل 13 ڊرونز سان حملو ڪيو.
شهر جي ميئر وٽالي ڪلٽسڪو ضلعي شيوجينڪيوسڪيءَ ۾ ٿيل انهن ڌماڪن جو اطلاع ڏنو. فوري طور تي اهو واضح نه ٿيو آهي آيا ڪو جاني نقصان ٿيو يا نه.
يوڪرين جي فوج چيو آهي ته سندس فضائي دفاع جي عمل دارن 13 ڊرونز ڪيرايا، جيڪي انهيءَ قسم جا بم بردار ڊرونز آهن جن کي روس يوڪرين جي ڪيترن ئي شهرن تي وڏي پيماني تي حملن دوران نشانن کي هدف بنائڻ لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي.
يورپي يونين هن هفتي ايران جي خلاف اهڙا ڊرونز تيار ڪرڻ ۽ سپلائي ڪرڻ جي ڪردار تي سن جي خلاف نيون پابنديون لڳايون آهن جن کي روس يوڪرين ۾ پنهنجي جنگ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.
قيدين جو تبادلو، هڪ آمريڪي به شامل
يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي آفيس جي سربراه چيو آهي ته روس قيدين جو تبادلو ڪيو آهي جنهن ۾ 64 يوڪريني فوجي شامل آهن جيڪي واپس اچي رهيا آهن.
ايندري برمڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو آهي ته اسان ان تبادلي ۾ هڪ آمريڪي شهري سويدي مرڪينزي کي به آزاد ڪرائي سگهيا آهيون جنهن اسان جي ماڻهن جي مدد ڪئي هئي.
’نيو يارڪ ٽائمز ’۽ ’واشنگٽن پوسٽ’ جولائي ۾ رپورٽ ڪيو هو ته مرڪينزي آمريڪي فضائيه جو سابق فوجي آهي جيڪو چار سال اڳ يوڪرين هليو ويو هو.
روس جي حامي فورسز هن کي ڏکڻ يوڪرين جي شهر کيرسن مان حراست ۾ ورتو هو ۽ مرڪينزي جي ڀاءُ چيو آهي ته هن تي يوڪرين نواز مظاهرن ۾ حصو وٺڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو.
(هن رپورٽ جي لاءِ ڪجهه معلومات اي پي، رائيٽرز ۽ اي ايف پي تان ورتي وئي آهي)