ڪيترن ئي مهينن جي ٺاپر کان پوءِ سومر جي ڏينهن ٻن ڌماڪن يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ ، ڪئيف کي لوڏي ڇڏيو.
رائيٽرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن هفتن جي خاموشيءَ کان پوءِ صدر ولاديمير پوٽن جي پاران ڪرائيميا جي هڪ پل تي يوڪرين جي حملي کي دهشت گردي قرار ڏيڻ کان پوءِ ڪئيف کي نشانو بنايو آهي.
ڪئيف جي مرڪزي پارڪ ۾ ميزائيل ڪرڻ جي ڪري زمين ويهجي وئي ۽ ان ۾ وڏي کاهي پئجي وئي، ڌماڪي جي ڪري ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيڻ جون خبرون مليون آهن.
گاديءَ واري هنڌ کان سواءِ روس ترنوبيل، زيتومير، ڊينيرو ۽ ڪرميجوڪ کي به نشانو بنايو آهي.
انهن حملن کان پوءِ، يوڪرين جي صدر ولادومير زيلنسڪيءَ ’ٽيلي گرام’ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته ’’هو اسان کي دنيا مان مٽائڻ گهرن ٿا. هنن زاپوريزيزيا ۾ ماڻهن کي ان وقت ماريو جڏهن هو پنهنجن گهرن ۾ ننڊ ۾هئا’’.
هن ڊينيو ۽ ڪئيف ۾ ماڻهن کي ان وقت ماريو جڏهن هو پنهنجن ڪمن ڪارين تي وڃي رهيا هيا. هي ميزائيل حملا هيا جن ۾ بدقسمتيءَ سان ماڻهو هلاڪ ۽ زخمي ٿيا.
اي ايف پيءَ جي رپورٽ ۾ يوڪرين جي هڪ سينئر جنرل جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته روس يوڪرين جي مختلف شهرن تي مجموعي طور تي 75 ميزائيل فائر ڪيا آهن. اڻيتاليهن ورهن جي هڪ ٽيچر، سيسينا اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڌماڪو ٿيو ته اسان سمهيا پيا هيا سين. ڌماڪي جي آواز تي اسان ٻاهر نڪتاسين ته ڏسون ته ڇا پيو وهي واپري، ته انهيءَ دوران ٻيو ڌماڪو ٿيو.
ابتدائي اطلاعن مطابق، ڪئيف ۾ پنجن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن.
برطانيه جي پرڏيهي وزير، جيمز ڪليولي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڪئيف سيمت يوڪرين جي شهرن تي ميزائيل حملا ناقابل قبول آهن. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ولاديمير پوٽن جو هي قدم سندس ڪمزوريءَ کي ثابت ڪري ٿو.
سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿيڻ وارين وڊيوز ۾ يوڪرين جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن هنڌن تي دوهين جا بادل اٿندي ڏسي سگهجن ٿا.
(هن رپورٽ ۾ شامل مواد رائيٽرز، اي ايف پي ۽ ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)