چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهه ٻولهه ڪن ته اليڪشن التوا ڪيس ۾ وقفو ڪنداسين.
جمعي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته اسيمبلين جو مدو آگسٽ ۾ پورو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن مذاڪرات نه ٿيا ته پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪنداسين.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت جي سامهون مسئلو اٺين آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو آهي. عدالت کي اليڪشن جي التوا جو پڪو سبب ٻڌايو وڃي يا ڊائلاگ شروع ڪيو وڃي.
هن چيو ته هڪ ڌر پارٽي چيئرمين جي گارنٽي ڏئي رهي آهي، شايد حڪومت کي به ماضي ڀلائڻو پوندو.
سمورن ججن کي ٻڌ سڌ تي نشانو بڻايو پيو وڃي
ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سياسي معاملو هلي رهيو آهي جنهن بنياد تي ٻين ججن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سڀني ججن کي ٻڌ سڌ تي نشانو بڻايو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪجهه معاملن ۾ اڃان تائين متحد آهي.
چيف جسٽس چيو ته ’’عدالت ڪيئن متاثر ٿي رهي آهي. ان کي ڪو به نه ٿو ڏسي. اهم عهدن تي ويٺل عمل دار عدالت کي نشانو بڻائي رهيا آهن. مون کي چيو ٿو وڃي ته هڪ وڌيڪ جج کي سزا ڏيان’’.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ويهن سالن جي مقابلي ۾ اڄ بهترين جج موجود آهن، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد جا فيصلا پڙهو. جسٽس شاهد وحيد بهترين اختلافي نوٽ لکيو.
سماعت دوران اٽارني جنرل فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جسٽس جمال مندوخيل جي معذرت
ان کان اڳ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون پوئتي ڪرڻ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي هڪ وڌيڪ جج جي معذرت کان پوءِ جمعي ڏينهن بينچ ٻيهر ٽٽي پيو، جڏهن چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ سماعت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.
سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جي روشنيءَ ۾ چار رڪني بينچ کي جمعي ڏينهن سماعت ڪرڻي هئي. ليڪن چئن رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس جمال خان مندوخيل ڪيس جي سماعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو.