رسائی کے لنکس

پي ٽي آئي جي قومي اسيمبليءَ جي وڌيڪ 43 ميمبرن جا استعيفا منظور


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪري ورتا آهن.

اسپيڪر هڪ هفتي ۾ تحريڪ انصاف جي 110 کان وڌيڪ ميمبرن جا استعيفا منظور ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن اسپيڪر عوامي مسلم ليگ جي سربراه شيخ رشيد احمد جي استعيفا به منظور ڪئي.

راجا پرويز اشرف مجموعي طور تي هينئر تائين پي ٽي آئي جي 123 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪري چڪو آهي، جن منجهان اليڪشن ڪميشن 81 ارڪان کي ڊي نوٽي فائي به ڪري چڪو آهي.

پي ٽي آئي جي استعيفائن جي تازي منظوري اهڙي موقعي تي ٿي آهي جڏهن پي ٽي آئي اسيمبليءَ ۾ واپس اچڻ جو فيصولڳ ڪيو هو.

استعيفائن جي منظوري تي رد عمل ڏيندي تحريڪ انصاف چيو آهي ته راجا رياض کي بچائڻ جي لاءِ اسپيڪر جي کنئيل قدمن جي نتڳجي ۾ هن وقت 40 في صد سيٽون خالي ٿي چڪيون آهن.

پي ٽي آئي جي مطابق، ملڪ چونڊن جي وڌيڪ ويجهو پهچي چڪي آهي.

تحريڪ انصاف جي رڪن، عامر ڊوگر جي قيادت ۾ هڪ وفد استعيفائن جي واپسيءَ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو هو، ليڪن کيس پارليمنٽ جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

اخباري ڪانفرنس ڪندي عامر ڊوگر چيو ته پي ٽي آئي جي 43 ميمبرن استعيفا واپس وٺڻ جي لاءِ اسپيڪر کي أي ميل ڪئي آهي ۽ حڪام کي واٽس ايپ جي ذريعي پيغام روانو ڪيو آهي.

XS
SM
MD
LG