رسائی کے لنکس

پاڪستان مان آمريڪي ڊالر ۾ ادائگي ڪندڙ حاجين جي لاءِ 25 سيڪڙو حج جو ڪوٽا مقرر


ڪعبو شريف (فائيل فوٽو)
ڪعبو شريف (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي مذهبي ناتن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم جو 25 سيڪڙو ڪوٽا انهن حاجين جي لاءِ مقرر ڪيو آهي جيڪي حج جي خرچ جي ادائگي آمريڪي ڊالر ۾ ڪندا.

خبرن جي سرڪاري اداري، اي پي پيءَ جي هڪ رپورٽ مطابق، ڪوٽا ۾ شامل انهن حج جي خواهش مندن کي مرڪزي ڪڻن کان استثنا حاصل هوندو، جڏهن ته ان اسڪيم هيٺ 22،400 حاجي فائدو وٺي سگهندا.

حڪومت انهيءَ اسڪيم جو اعلان اهڙي موقعي تي ڪيو آهي جڏهن ان کي سخت مالي بحران آڏو آهي ۽ ان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي لاءِ ڊالر جي گهرج آهي. انهيءَ ڪري حڪومت بين الاقوامي مالياتي اداري (آئي ايف ايف) ۽ ٻين ملڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ٻئي پاسي، سعودي عرب هلندڙ سال پاڪستان جي لاءِ حج جو پراڻو ڪوٽا بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪرونا وبا جي سبب ڪمي ڪئي وئي هئي.

هلندڙ سال پاڪستان مان هڪ لک 79 هزار 210 ڀلي پار جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جو سفر ڪندا.

سعودي عرب هلندڙ سال جي لاءِ 65 سالن يا ان کان گهٽ عمر جي حد به ختم ڪري ڇڏي آهي.

حج مسلمانن جو ديني فرض آهي جيڪو مالي استطاعت ۽ جسماني صحت رکڻ وارن تي لازم آهي. حج دوران مسلمان مڪي ۽ مديني جي مقدس هنڌن تي عبادت جي ادائگي ڪندا آهن.

رپورٽن جي مطابق، مذهبي معاملن جي وزارت پرڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جي ڪري اسپانسرشپ اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو به ارادو رکي ٿي.

ان نئين اسڪيم ۾ حج جا خواهشمند پنهنجو خرچ ٻاهرين ملڪن مان موڪليل پيسن جي ذريعي به ادا ڪري سگهن ٿا.

خزاني واري وزارت اڳ ۾ ئي اهو اشارو ڏيئي چڪي آهي ته اها پاڪستان جي موجوده صورت حال جي ڪري حج جي لاءِ لڳ ڀڳ ٻه ارب ڊالرن جو انتظام نه ڪري سگهندي.

رپورٽن جي مطابق، مذهبي ناتن واري وزارت خانگي آپريٽرن جي لاءِ حج ڪوٽا 40 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پرڏيهي ناڻي جي ڪميءَ جي ڪري وڌي به سگهي ٿو.

سرڪاري اسڪيم ۾ حج جي خواهش رکندڙ هر فرد کي گهٽ ۾ گهٽ 11 لکن جي ادائگي ڪرڻي پوندي. ليڪن، رپورٽن مطابق، روپئي جي ڪرندڙ قدر جي ڪري اها رقم 13 لک روپين تائين به وڌي سگهي ٿي.

ٻئي طرف سعودي حڪومت به حج تي ٽيڪس جي شرح 18 في صد کان 20 سيڪڙو ڪري چڪي آهي.

XS
SM
MD
LG