آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن ترڪيه ۽ شام ۾ آيل تباه ڪن زلزلي جي اطلاع تي پنهنجي دلي صدمي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن قدرتي آفت جي ڪري هزارين هلاڪتون واقع ٿيون آهن، جڏهن ته ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ عمارتون تباه ٿيون آهن.
پنهنجي بيان ۾ صدر بائيڊن چيو آهي ته سندس انتظاميا پنهنجي نيٽو اتحادي ترڪيه سان قريبي رابطي ۾ آهي ۽ مون فوري آمريڪي امداد جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته سندس هدايتن تحت سينئر آمريڪي عهديدار فوري طور تي پنهنجي ترڪ هم منصب سان رابطو ڪيو آهي، ته جيئن ضرورتن جي تفصيل معلوم ڪري ترت گهربل شيون فراهم ڪيون وڃن.
صدر چيو ته آمريڪي ٽيمون فوري طور تي متاثره هنڌن تي پهچڻ شروع ٿي ويون آهن ته جيئن بچاءَ ۽ امداد جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي سگهن، ته جيئن زلزلي ۾ ڦاٿل ۽ متاٿر شهرين کي تڪڙي مدد فراهم ٿي سگهي.
ان کان علاوه آمريڪي حمايت يافته انساني همدرديءَ جي لاءَ ڪم ڪندڙ پارٽنرز شام ۾ زلزلي جي تباهيءَ جي هن وقت متاثرين کي مدد فراهم ڪندا.
جو بائيڊن چيو ته اڄ اسان قدرتي آفت جي نتيجي ۾ فوت ٿيڻ وارن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا، جن جي نه صرف جانن جو نقصان پهتو آهي بلڪه سندن گهر ۽ ڪاروبار تباه ٿيا آهن.
ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، ترڪيه جي ڏکڻ ۽ شام ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ سومر ڏينهن صبح جو 7.8 شدت جي زلزلي جا زوردار جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا جهٽڪا هڪ منٽ تائين جاري رهيا جنهن جي نتيجي ۾ سرحد جي ٻنهين طرفن کان ڪيتريون ئي عمارتون ڪري ۽ ڊهي پيون. گهٽ ۾ گهٽ 2300 فوت جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن.
جيڪ سليوان ۽ اينٽني بلڪن جي تشويش جو اظهار ۽ هر ممڪن مدد جي يقين دهاني
آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار، جيڪ سليوان ترڪيه ۽ شام ۾ ايندڙ زوردار زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهيءَ تي پنهنجي دلي تشويش جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ جيڪ سليوان چيو آهي ته اسان گهربل مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته صدر جو بائيڊن ’يو ايس ايڊ’ ۽ آمريڪا جي ٻين وفاقي سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اڄوڪي تباه ڪن زلزلي جي ڪري شديد متاثر علائقن جي لاءِ درڪار آمريڪي امداد جي باري ۾ جائزي جي رپورٽ پيش ڪن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ترڪيه جي حڪومت سان رابطي ۾ رهي صورت حال متعلق قريبي جائزو وٺندا رهندا سين.
هوڏانهن، پرڏيهي ناتن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي ڪري هلاڪتن ۽ تباهيءَ تي پنهنجي ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪيو آهي.
بيان ۾ بلنڪن مري ويلن جي خاندانن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هر ممڪن امدادي ڪم ۾ مدد ڏني ويندي جنهن جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ مرتب ڪئي وڃي.
پرڏيهي وزير چيو ته هن پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته ترڪ اتحادين سان ويجهو رابطو ڪري خطي جون انساني همدرديءَ تي مبني ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪي جي مستقل مندوب، لنڊا ٽامس گرين فيلڊ پنهنجي بيان ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ آيل هاڃيڪار زلزلي تي پنهنجي ڏک ۽ دلي همدردي ظاهر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته آمريڪا گهربل مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.
عالمي ادارو متاثرين جي مدد جي لاءِ تيار
هوڏانهن گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، انٽوني گتيرس ترڪيه ۽ شام ۾ تباه ڪن زلزلي ۾ انساني زندگيءَ کي پهچڻ واري نقصان ۽ تباهيءَ تي پنهنجي صدمي جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته ابتدائي اطلاعن مطابق 1500 کان وڌيڪ هلاڪتون ٿيون آهن جڏهن ته ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ عمارتون تباه ٿيون آهن، جڏهن ته بچاءَ ۽ امداد جون فوري ڪاروائيون جاري آهن. هن مري ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي تيزي سان صحت يابيءَ جي دعا ڪئي آهي.
گتيرس چيو ته ادارو پنهنجي پاران امداد جون ڪوششون ڪندو جڏهن ته ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جو ادارو بين الاقوامي برادريءَ جي مدد جو منتظر رهندو، ته جينئن هن ضرورت جي وقت متاثرين کي گهربل مدد فراهم ڪري سگهجي.
سومر جي شام جو هڪ اعلان مطابق، آمريڪا جي پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن پنهنجي ترڪ هم منصب، ميولود چاوش اولو سان ٽيليفون تي ڳالهائيو جنهن دوران هن اڄ آيل زلزلي جي ڪري انساني زندگيءَ جي هاڃيڪار نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
بلنڪن ۽ چاوش اولو ان ڳالهه تي به ويچار ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ڪهڙيءَ ريت ترڪيءَ جي مدد ڪري سگهن ٿا.
بلنڪن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فوري امداد اڳ ۾ ئي رواني ڪئي وئي آهي، ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه سان رابطي ۾ رهي ترڪيه ۽ شام ٻنهين جي زلزلي جي متاثرين جي امداد جي لاءِ گهربل سهڪار ڪيو ويندو.